عمران خان جي سنڌ ياترا :اسحاق سومرو

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو تازو سنڌ جو دورو اڃان سوڌو عام ماڻهن توڙي ميڊيا تي بحث هيٺ آهي. عمران خان جي سنڌ جي دوري کان اڳ سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن, جن ۾ ڪراچيءَ مان چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علوي سنڌ جي اڳوڻي گورنر/ وڏي وزير ۽ هن وقت مسلم ليگ (ن) کان پاسيرو ٿيل ممتاز ڀٽو سان سندس اباڻي ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ ملاقات ڪئي. اهڙين ملاقاتن جي پسمنظر ۾ اهو چيو ويو ته پ پ پ جون ڪيترويون ئي وڪيٽون عمران جي دوري سان ڪري پونديون ۽  سنڌ جا ڪيترائي سياسي اڳواڻ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندا.

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي ساڃاهه وندن جي هڪ وفد پڻ عمران خان سان سندس بني گالا واري رهائش گاهه تي تفصيلي ملاقات ڪري کيس سنڌ کي وقت ڏيڻ ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻ جي وينتي ڪئي. سنڌ ۾ تبديلي ۽ متبادل قوت جا خواهش مند مها لکاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جا ملازم سنڌ ۾ تبديلي ۽ پ پ جو متبادل آڻڻ لاءِ ڳاٽي ٽوڙ ڪوششون ڪندا رهيا آهن.

2013 جي چونڊن کان پهرئين اهي ساڳيا ماڻهو ڏهه جماعتي اتحاد جا ترجمان بڻيل هئا ۽ اهي ان اتحاد کي پ پ جو متبادل خاص طرح فنڪشنل ليگ کي سنڌ جي متبادل پارٽيءَ طور اڀري اچڻ جي خوشخبري ڏيئي چڪا هئا. ايستائين جو انهن مان ڪجهه وري انهن ڀاشڻن وارا ڪالم لکندا رهيا ته گهٽ ۾ گهٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي پنهنجا ووٽ تحريڪ انصاف کي ڏيڻ کپن. جڏهن هاڻي کين اڍائي سالن بعد سنڌ ۾ پ پ جو ڪوبه متبادل نظر نه آيو ته انهن هڪ دفعو ٻيهر عمران خان وٽ وڃي کيس سنڌ ۾ سياست ڪرڻ ۽ پنهنجو قيمتي وقت سنڌ کي ڏيڻ وارو مفت مشورو ڏنو. عمران خان به ان کان پوءِ سنڌ اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو تاثر ڏنو ته ان دوري دوران سنڌ جا ڪيترائي سياستدان خاص طرح پ پ جون ڪجهه شخصيتون تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي وينديون. ڪجهه نالي وارن ڪالم نگارن ته اهو به لکيو ته سنڌ جا ڪيترائي جاگيردار ۽ پ پ اڳواڻ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آتا آهن پر عمران خان پارٽيون بدلائيندڙ اهڙن اڳواڻن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ بنهه تيار نه آهي.

هوڏانهن عمران خان سنڌ جي ڪجهه ضلعن جي دوري توڙي اتي ڪيل خطاب ۽ ڪجهه اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن طرفان ڏنل نيرن ۽ رات جي ماني ۾ شرڪت ڪري کين پنهنجي پارٽيءَ ۾ شموليت جي باقائده درخواست پڻ ڪئي.  دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عمران خان شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ٻين هنڌن تي انهن سياسي اڳواڻن جي درن تي ويو جيڪي سدائين پارٽيون ۽ وفاداريون بدلائڻ ۾ اڳڀرا رهيا آهن. انهن ۾ سردار خالد احمد لنڊ، جنهن 2002 جي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي، پرويز مشرف جي ٺاهيل حڪومت جو ساٿ ڏيئي مملڪتي وزير ٿي مزا ماڻيان هئا. جنهن بعد هو صاحب 2008 ۽ 2013 جي اليڪشن ۾ ناڪام ٿيو هو. ساڳئي ضلعي جي هڪ مشهور پير عبدالحق المعروف ميان مٺو کي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪرڻ جو پڻ سڏ ڏنو.

ميان مٺو جنهن جي سياسي عمر ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون بدلائڻ جو رڪارڊ لکيل آهي. ميان مٺو کي 2013 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ۽ پير صاحب فوري طور تي وڃي مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت اختيار ڪئي. کيس مسلم ليگ (ف) ۽ ڏهه جماعتي اتحاد طرفان قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ  ڏيڻ جو فيصلو به ٿي چڪو هو پر عين وقت تي ڏهه جماعتي اتحاد جي خدا ڪارڻ حمايت ڪندڙن جي منٿ ميڙ ۽ اتحاد کي گڏيل نقصان ٿيڻ جا دليل ڏيئي سندس رڪنيت واپس ڪرائي.

هاڻي جڏهن عمران خان سنڌ جي دوري تي وڃي اهڙن عادتي پارٽيون بدلائيندڙ سياستدانن کي تحريڪ انصاف ۾ شموليت جون دعوتون ڏنيون آهن ته سڀ کان وڌيڪ مايوسي انهن پ پ جي متبادل ۽ تبديليءَ جي خواهش مند لکارين ۽ مها دانشورن کي ٿي آهي. جنهن  جو اظهار هو ميار لاهڻ لاءِ چند جملا سوشل ميڊيا ۽ فيس بڪ تي لکي ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن انهن مها لکارين ۽ انهن اين جي اوز جي ملازمن جي ڪالمن، ٽي وي پروگرامن ۽ سوشل ميڊيا تي ڏنل ريمارڪس جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺبو ته اهو ٽولو سنڌ واسين کي گذريل چند سالن کان پ پ جي متبادل جا خواب ۽ ايڊهاڪ ازم واريون صلاحون ڏيندو رهيو آهي. اهو ساڳيو ٽولو سڀ کان پهرئين پ پ جو متبادل قومپرستن کي قرار ڏيندو رهيو آهي. ايستائين جو سنڌ جي هڪ نامياري عورت ڪالم نگار 2013 جي اليڪشن دوران ته پنهنجي ڪالمن ۾ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن جا نالا لکي قوم کي خوشخبري ڏني ته فلاڻا فلاڻا ايندڙ اسيمبليءَ ۾ موجود هوندا پر ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي چونڊجي ايندا. ان کان سواءِ انهن ساڳين همراهن حيدرآباد واري جلسي کي سنڌ جي سياست ۾ اهم سنگ ميل ۽ تبديليءَ جو وڏو محرڪ ڪوٺيو هو ۽ چيو هو ته هاڻي سنڌ جو عوام پ پ سان هڪ هڪاڻي ڪندو. جڏهن ته تقريبن اڍائي سال گذرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پ پ جو متبادل تحريڪ انصاف کي بڻائڻ لاءِ پنهنجون توانائيون استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي ذاتي خواهشن تي سنڌ جي عوام کي ايڊهاڪ ازم جي ليڊرشپ ۽ پارٽيون ڏيندا رهيا آهن. سنڌ جو عوام ووٽ جي ذريعي پنهنجو فيصلو هن وقت تائين پ پ جي حق ۾ ڏيندو رهيو آهي. باوجود پ پ جي 7 سالا ڪارڪردگيءَ به ڪا آئيڊيل نه رهي آهي. سنڌ جو عوام انهن ڪالم نگارن ۽ سياستدانن کان وڌيڪ باشعور نڪتو آهي جنهن پنهنجو ووٽ نه ورهايو آهي. هر اليڪشن ۾ فيصلا ڪن ووٽ پ پ کي ڏنو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهيءَ پ پ کي ملندڙ ووٽن جي سببن تي تحقيق ٿيڻ کپي. اها تحقيق حقيقت پسندي ۽ سائنسي بنيادن تي هئڻ کپي، نه ڪه پ پ مخالفت جي بنياد تي. عمران خان جي سنڌ جي دوري جتي سنڌ جي عام ماڻهن توڙي سندس حمايتي لڏي کي به مايوس ڪيو آهي جو عمران خان انهن عادتي پارٽيون بدلائيندڙن جو وڃي مهمان بڻيو جتان کيس صرف ڳاڙهي ٻوڙ واريون پرتڪلف دعوتون ئي نصيب ٿيون. انهن دعوتون  ڪندڙن کيس اهو چئي في الحال ٽاري ڇڏيو ته هو پنهنجي ساٿين ۽ راڄ وارن سان صلاح ڪري پوءَ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندا. جڏهن ته عمران خان جي هن دوري تي سڀ کان وڌيڪ خفگي سندس پارٽيءَ ۾ نئين شامل ٿيندڙ سنڌ جي باشعور ۽ پڙهيل ڪلاس جي انهن دوستن علي پلهه ۽ ذوالفقار هاليپوٽو جهڙن کي به ضرور ٿي هوندي. ايستائين جو امر ڪوٽ جي نند لال مالهي جيڪو تحريڪ انصاف جو اڪيلو اقليتي سيٽ تي نامزد ڪيل ميمبر آهي تنهن پڻ واضع ۽ کليل انداز ۾ تحريڪ انصاف ۾ ميان مٺي جهڙن جي شموليت جي مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته تبديلي، وچولي طبقي جي ذريعي واري سياست جي پرچار ڪندڙ عمران خان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ پنهنجي مقبوليت جي گراف کي گهٽ ڪرائي سکر کان اڏام ذريعي اسلام آباد روانو ٿي ويو ۽ سنڌ جي انهن خود ساخته لکارين، ڪالم نگارن ۽ ميڊيائي ڀوتارن کي صدمو رسائي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *