علامه اقبال جو قوميت جو تصور!!!؛ڊاڪٽر سيد شجاعت علي

ڪو به عالم ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهي ته جتي  علامه اقبال جي زماني جا شاعر گل و بلبل، شمع و پروانه ۽ قمري و ڪوئل جي قصن ۾ الجهيل هئا، اتي علامه اقبال زباني شعر سان ڀٽڪيل انسانيت جي رهنمائي ڪئي. هن انسانيت جي بنيادي اقدار جو تحفظ ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته ادبي صلاحيتن جو حقيقي ۽ جائز مصرف آفاقي اقدار حيات جي ترجماني ۽ اصلاح ملت آهي. علامه اقبال شعر ۽ انسانيت جي اقدار ۽ ازلي صداقتن کي سميٽي مشاعدي ۽ فڪر و خيال جو اهڙو اسلوب پيش ڪيو، جنهن سان اردو شاعري جو صبح و شام ئي بدلجي وئي. بيشڪ ان جي شاعري پيغام حيات، درس بيداري ۽ دعوت عمل آهي. موجوده دور وانگر علامه اقبال جي دور ۾مسلمان مغرب کان مغلوب ۽ متاثر ٿي نسل  ۽ وطن جي بنياد تي قوميت جو راڳ ڳائي رهيا هئا. انهن ۾ اسلامي قوميت جا جذبا ختم ٿي هندستاني، ترڪي، افغاني، عربي ۽ ايراني هئڻ جو احساس غالب ٿيندو رهيو. مسلمانن زبان ۽ مڪان ۽ رنگ و نسل جي امتياز کي پنهنجي دين تي مقدم ڪري ڇڏيو هو . مولانا ظفر علي، علامه اقبال جي شاعري جو تذڪرو ڪندي فرمائي ٿو ته ترجمان اسلام علامه اقبال جنهن وطن ۾ رهي ٿو اهو رنگ و نسل ۽ زبان ۽ مڪان ۽ اونچ نيچ جي غير حقيقي حدن کان  بالا تر آهي. اسلام ۾ قوميت جو بنياد زمان و مڪان، رنگ نسل ۽ سياسي و معاشي اشتراڪ کي نه پر اسلامي قوميت ته انهن مصنوعي فرقن کان بالاتر آهي. الله ۽ رسول صه جاهليت جي انهن سڀني غير فطري بنيادن کي ڊاهي ڇڏيو، جن جي بنياد تي مختلف تمدن پنهنجي قوميت جون عمارتون قائم ڪيون،

رنگ، نسل، وطن،زبان، معيشت ۽ سياست جي غير عقلي تفاوتن کي ختم  ڪري ڇڏيو. جن جي بنياد تي انسان ۽ انسان جي درميان غير فطري تفاوت جون ڀتيون رڪاوٽ ڪري ڇڏ يون ويون هيون. اسلام مغرب جي برخلاف خالص عقلي بنياد کي هڪ قوميت جو بنياد وڌو ۽ اهو ئي آهي اعتقاد ۽ عمل جو بنياد خدا ۽ ان جي رسول صه انسانن جي اڳيان هڪ فطري صداقت پيش ڪئي. جنهن جو نالو اسلام آهي ۽ هي ٻڌايو ويو آهي ته  جيڪي افراد هن دعوت کي قبول ڪندا، اهي هڪ آهن ۽ جيڪي هن کي رد ڪندا ته اهي ٻي قوم آهن ۽  هيءَ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته اسلام هڪ اهڙو نظريه حيات ۽ ضابطه زندگي آهي جو مادي بنيادن کي توڙي تهذيب جي بنياد تي هڪ عالمگير قوميت کي تعمير ڪري ٿو، اسلام رنگ و نسل زبان مڪان ۽ سياسي و معاشي اشتراڪ جي  تنگ مادي نظريه جي برعڪس عقلي بنياد تي هڪ عالمگير روحاني نظريه جي مطابق هڪ دنيا جي قوميت بڻائي ٿو. جيڪي عناصر قوم مغرب ۾ اتحاد ۽ ربط جو باعث آهن، اهي اسلامي قوميت ۾ انتشار جا باعث آهن، جيڪا شيءِ مغربي قوميت جي لاءِ آب حيات آهي، اها اسلامي قوميت لاءِ زهر آهي، علامه اقبال مسلمانن کي انهن جي حقيقي قوميت ۽ ملڪ و ملت جو احساس ڏياريو ۽ انهن تي واضح ڪيو ته اها قوم رسول هاشمي صه آهي،  يعني ان جي قوميت مصطفوي آهي ۽ ان جي جمعيت جو استحڪام جو باعث قوت دين  آهي. قوت دين سان علامه جي مراد نڪته توحيد آهي، توحيد جي عقيدي ئي جاهلي نسل و نصب جي تفاوت کي مٽايو. غريبن کي اميرن جي زير دستن کي زيردستن جي تسلط کان آزاد ڪري عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ڪئي ۽ اسلام جي رشتي سان انسانن کي هڪٻئي جو ڀاءُ بڻائي ڇڏيو. علامه اقبال جو فلسفه خودي  به جاهلي تصور قوميت کي قطعي رد ڪري ٿو ڇڏي. انساني خودي جي حقيقي تڪميل ۽ فرد و ملت جو حقيقي ربط صرف اسلام جي ذريعي سان ممڪن آهي، علامه اقبال ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مسلمانن کي هي اجايو خيال دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته اسين هندي مصري، افغاني، يا ترڪي آهيون، بلڪه سڀني کي هي سمجهڻ گهرجي ته اسين مسلمان آهيون ۽ اسين هڪ ئي قوميت رکون ٿا ۽ انهن جي قوميت جو بنياد هڪ نظريه حيات ۽ دين حق آهي. انهي ڪري هو نصيحت ڪري ٿو ته توهين پنهنجي رنگ و نسل ۽ زبان و مڪان کي دين تي مقدم نه ڪريو ته انهن جاهلي عصبيتن جي ڪري توهين  ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا ۽ صفحه هستي مان توهان جو جود ختم  ٿي ويندو

 

(نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.