عطيه فيضي: هڪ ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي:زاهده حنا

                         مان Developing Countries Research Centre جي ٿورائتي آهيان، جو اُنهن مون کي نائين پئبلو نرودا ميموريل ليڪچر ڏيڻ جي عزت بخشي.

                         اسين ڏکڻ ايشيا جي رهڻ وارن جي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پئبلو نرودا جيڪو ويهين صديءَ جو هڪ عظيم شاعر ۽ بيچين روح هو، اُهو ٻه ڀيرا هندستان آيو ۽ هُن اسان جي تاريخي ۽ تهذيبي شهر دهلي ۾ وقت گذاريو. ”پئبلو نرودا ميمورائزر“ ۾ هُن هندستان ۽ دهليءَ جو خاص طور سان ذڪر ڪيو آهي.

                         پئبلو نرودا لاطني آمريڪا جي اُنهن شاعرن مان آهي، جن دنيا جي پيڙهيل انسانن جي لاءِ آواز اُٿاريو، اُهي مرد، عورتن ۽ ٻار آزاد هُجن يا غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا هُجن، هُن جي شاعري جي اها ئي سگهه هُئي، جنهن کي تسليم ڪندي هُن کي ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو.

                         مون کي جڏهن پئبلو نرودا ميموريل ليڪچر ڏيڻ جي لاءِ دعوت ملي ته مُنهنجي ذهن ۾ هندستان جي اُن عورت جي تصوير اُڀري آئي، جيڪا هڪ آزاد ۽ بيچين روح رکندي هُئي، جنهن جو نالو عطيه فيضي هو. هوءَ اوڻيهين صديءَ ۾ پيدا ٿي، جنهن جو ذهن جديد هو ۽ جنهن ويهين صديءَ جي مسلم هندستان سماج جي رجعت پرست ۽ قدامت پسند روايتن کي چئلينج ڪيو. هُن مسلمان عورتن کي پردو ڇڏي ڏيڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيو. ائين هوءَ پاڻ اڳ ئي ڪري چُڪي هُئي. هُن جو خيال هو ته سماج ۾ اهڙي نموني بدلاءُ اچي سگهي ٿو ۽ هي عورتون هندستان جي ترقي ۾ پنهنجو حصو ڳڻائي سگهن ٿيون. پئبلو نرودا پنهنجو ساروڻيون لکندي هڪ حصي جو نالو I went out to look for the fallen رکيو آهي. عطيه فيضيءَ به ائين ئي ڪيو. هُن پنهنجي پوري ڪوشش سان هندستان مسلمان عورتن کي اُڀارڻ جو ڪم ڪيو. پر جڏهن عطيه هن دنيا مان رخصت ٿي وئي ته اُها هڪ اهڙي عورت بڻجي چُڪي هُئي، جنهن کي وساريو ويو ۽ جنهن کي ماڻهو اهميت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هُئا.

اڄ مان اُن عورت جي ڳالهه ڪنديس، جيڪا پنهنجي وقت جي اهم عورت هُئي ۽ جنهن اُن وقت جي هندستان جي مسلمان عورتن جي تعليم لاءِ آواز اُٿاريو. هُن اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ پردو ڇڏيو ۽ عورتن جي برابري وارن حقن ۽ برابر موقعن جي ڳالهه ڪئي. هُن جو نالو وٺڻ سواءِ هندستان ۾ مسلمان عورتن جي بيداري جي ڳالهه نامڪمل رهندي، پر هاڻ اسان وٽ هُن جو نالو تمام گهٽ ورتو وڃي ٿو.

اسين جنهن عطيه کي ڄاڻون ٿا، اُها 1877ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي هُئي. پيءُ تمام گهڻو مالدار واپاري ۽ سلطنت عثمانيه ۽ يمن ۾ هندستان جو سفير هو. چيو وڃي ٿو ته اوڻيهه ٻوليون روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. هُن پنهنجي نياڻين جي پُٽن جيئن پرورش ڪئي. تڏهن ئي هُن جي ٽنهي ڌيئن زهره، نازلي ۽ عطيه اوڻيهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پردو ترڪ ڪيو. هُن جي خاندان جون ڇوڪريون 1880ع کان انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون هيون.

عطيه فيضي جي ناني دُرت الولي هڪ پڙهيل لکيل عورت هُئي. اُن جي والده امير النساء بيگم هڪ ناول ”نادر بيان“ لکيو، جيڪو پهرين جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهريان شايع ٿيو. عطيه اُها پهرين مسلمان ڇوڪري هُئي، جنهن کي سرڪاري وظيفه مليو ته اُها لنڊن وڃي تعليم حاصل ڪري. 1906ع جو اهوئي سفر هو، جنهن جو روزنامچو عطيه فيضي پابندي سان لکيو ۽ لاهور کان ڇپجڻ واري ”تهذيب نسوان“ ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيو. 1921ع ۾ هي روزنامچو جنهن کي سفرنامو به چئي سگهجي ٿو، ”زمانه تحصيل“ جي عنوان سان مطبع مفيد عام آگره ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو. 2010ع ۾ ”اداره يادگار غالب“ اُن کي ٻيهر شايع ڪيو ۽ اُن جو انگريزي ترجمو ۽ عطيه جي زندگي جو احوال آڪسفورڊ پريس انڊيا ڇپايو آهي. هي ڪم بوسٽن يونيورسٽي ۾ فارسي جي سينئر ليڪچرار ڊاڪٽر سنيل شرما ۽ S.Lambert Hurley گڏجي ڪم ڪيو. اُن ڪتاب جو نالو Atiya’s Journey : A Muslim Woman from Colonial Bombay to Edwardian Briton آهي.

عطيه فيضي جنهن تي علامه شبلي نعماني جي ڪري مشهور ٿيڻ جو الزام هنيو ويندو آهي، اُن جي باري ۾ اهو لکڻ جي توفيق ڪنهن به ٿي ته اها عطيه ئي هُئي، جنهن بيگم ڀوپال کان سفارش ڪرائي ”سيرت النبي“ جي اشاعت جي لاءِ خاصي رقم جو اهتمام ڪيو هو ۽ هيءَ اُهائي هُئي، جنهن جي باري ۾ مولانا سندس ڀيڻ هر هائينس جنجيره نازلي بيگم کي هڪ خط ۾ لکيو ”توهان ۽ عطيه جهڙي اردو لکي سگهو ٿيون، ڪاش اسان جي صوبي ۾ به ڪا عورت ائين لکي سگهي“ ڪڏهن شبلي پنهنجي خطن ۾ اُنهن کي فارسي پڙهائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو، ڪڏهن اُنهن کي پارسي ۽ هندو عورتن جيان ليڪچر ڏيڻ تي همٿائي ٿو ۽ حد ته اها آهي ته موسيقي سان عطيه جي محبت ڏسي اُن کي منشي نول ڪشور جو ڇپايل ڪتاب ”قانون موسيقي“ موڪلي ڏي ٿو. ڪڏهن پنهنجي ڪنهن ڪتاب کي عطيه جي نالي منسوب ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو، موسيقي جي حوالي سان هڪ خطي ۾ لکي ٿو ته ”گرامون فون ۾ پياري صاحب جا جيڪي گانا بند آهن، اُنهن کي ٻُڌو، پليٽن تي گانن جا نالا به هوندا آهن، جيئن دادرا ۽ ٻيا راڳ. هڪ خط ۾ شبلي لکي ٿو، ”منهنجي ڌيءَ تنهنجو خط پڙهي سخت حيرت زده ٿيندي آهي ته اهڙي قابليت جون عورتون به ٿينديون آهن. مون اُن جو به اهوئي جواب ڏنو ته هوءَ عورت ڪٿي آهي. مطلب ته شبلي جيڪو هُن سان علمي ۽ ادبي سطح تي خط و ڪتابت ڪندو هو، اُن جي ذهانت ۽ قابليت جي ڪري هُن کي عورت تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو.

شبلي، عطيه کان ويهه سال وڏو هو، پر پنهنجي کيس ٽيهه سالن واري تصوير اُماڻي ڏيندو آهي، جنهن جي عطيه پنهنجي مشهور مصور مُڙس رحمين کان هڪ پورٽريٽ ٺهرايو. فرانس ۾ 1913ع ۾ هڪ نمائش ٿي، جنهن ۾ اُهو پورٽريٽ رکيو ويو هو. رحمين جي اُن پورٽريٽ کي ڪجهه فرانسيسي قدردان مهانگي مُلهه تي خريدڻ چاهيو، پر اُن لاءِ عطيه راضي نه ٿي.

اقبال سان لنڊن ۾ عطيه جي پهرين ملاقات اهڙي نموني ٿئي ٿي جو اُها اپريل 1907ع ۾ بيگم ۽ سيد علي بلگرامي جي طرف کان هُن کي ڪيمبرج اچڻ جي دعوت ڏيڻ آئي هُئي ۽ اُن سان خاص طور تي ملڻ چاهيو پئي. عطيه لکي ٿي ته ”اُن کان پهريان مون اقبال متعلق گهڻو ڪجهه ٻڌو هو“ جڏهن ته اُن ملاقات ۾ اقبال، عطيه کي اهو چوي ٿو ته، ”تون پنهنجي سفرنامي سبب لنڊن ۽ هندستان ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي چُڪي آهين.“ اهو اشارو ”تهذيب نسوان“ ۾ شايع ٿيڻ واري روزنامچي جي طرف هو. اُن کان پوءِ خطن ۽ ملاقاتن ۾ ڪڏهن هُن کي فارسي نظم موڪلي اُن تي تنقيدي راءِ طلب ڪري ٿو، ڪڏهن پنهنجي اردو ڪتاب ”علم الاقتصاد“ پيش ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ ڪڏهن چاهي ٿو ته اُها ڪلياتِ بابا فغاني ضرور پڙهي. عطيه پروفيسر آرنلڊ يعني اقبال جي اُستاد جي دعوت تي مختلف محفلن ۾ شريڪ ٿئي ٿي، جنهن ۾ اقبال به موجود آهي ۽ جتي فلسفي جي جرمن ۽ عربي ڪتابن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ٿئي ٿو.

عطيه ۽ اقبال جي علمي بحثن، ذاتي نوعيت جي خطن، گهريلو زندگي جي تلخين جو اقبال جي طرف کان اظهار، خودڪشيءَ جي خواهش جي باري ۾ عطيه کي لکڻ، اُها معاملا آهن، جن سان اقبال جا خط پُر آهن. پاڪستان ۾ گهڻن ماڻهن تي عطيه جا هي جملا ناگوار گُذريا، جن ۾ هُن لکيو هو ته ”اقبال جيئن ته مان هُن کي يورپ ۾ ڄاڻندي هُئس، هندستاني (واپس اچڻ کان پوءِ) اُئين نه هو. جن کي هُن سان شروعاتي ڏينهن ۾ ملڻ جو موقعو نصيب نه ٿيو (اُهي) اُن ذهانت جي معيار جو اندازو نٿا لڳائي سگهن، جنهن جي نمود جي هُن ۾ خداداد صلاحيت هُئي. هندستان ۾ هُن جي چمڪ ڌمڪ ڪجلائي وئي ۽ وقت سان گڏوگڏ اها ڪجلاهٽ اُن جي سڄي شعور ۾ سرايت ڪري وئي.“ اوهان ئي ٻُڌايو ته مفڪر پاڪستان ۽ عليه الرحمته جي طاق تي رکيل علامه اقبال جي شان ۾ ڪنهن عورت جي هيءَ گستاخي ڪهڙي نموني برداشت ۽ معاف ڪري سگهجي ٿي. برابري جي سطح تي بحث ڪرڻ واري اهڙي عورت کي نظرانداز ڪري طاق نسيان تي رکي ڇڏڻ ئي مسئلي جو حل آهي.

عطيه 1907ع ۾ يورپ کان واپس هندستان آئي ته هُن ننڍي عُمر جي شادي ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان زبردست مهم هلائي. ٻئي طرف هُن جي دلچسپي هدنستان جي ڪلاسيڪي موسيقي سان وڌندي وئي. 1913ع ۾ هُن جو ڪتاب The Music of India جو پهريون ايڊيشن شايع ٿيو. 1925ع ۾ شايع ٿيڻ واري ايڊيشن ۾ عطيه جي هڪ نادر تصوير پنڊت ڀٽڪنڊي سان گڏ آهي. ريگي نالڊميسي ۽ جميلي ميسي پنهنجي ڪتاب The Music of India ۾ عطيه فيضي ۽ اُن جي 1913ع جي ڪتاب جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هُن لکيو آهي ته عطيه يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هندستاني موسيقي تي ليڪچر ڏنا. هُن تامل موسيقي ۾ به گهڻي دلچسپي ورتي ۽ مهاراجا گائيڪوارڊ جي درٻار ۾ تامل موسيقي جا ڪيترائي مظاهرا ڏٺا. اُن کان پوءِ عطيه هزهائينس کان درخواست ڪئي ته هو موسيقي جي قديم تامل مجموعي کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ جو حڪم ڏي. هُن پنڊت ڀٽڪنڊي جي سربراهي ۾ دهلي جو ڀٽڪنڊي ڪاليج آف ميوزڪ قائم ڪيو. اسين اورنگزيب عالمگيري جي پيروي ڪريون ٿا، جنهن موسيقي جي فن کي دفن ڪيو هو، اسان هن پاڪ سرزمين تي موسيقي جو اُهو حشر ڪيو آهي جو رقص ۽ موسيقي جا استاد، طبله ۽ سرانگي نواز، حد ته اها آهي ته سارنگي ٺاهڻ وارا به هن سرزمين تان ڇڏي هليا ويا. اسان کي عطيه فيضي جي موسيقي جي ڪتابن جي باري ۾ ڪجهه معلوم ناهي، عام طور تي اهوئي چيو ويندو آهي ته موسيقي تي هُن ڪتاب لکيا آهن اُهي هاڻ ناياب آهن. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڄمون يونيورسٽي ۾ موسيقي جو ايم اي نصاب 2011 to 2013 جو ڪورس 551 سڏجي ٿو ۽ جيڪو Music from Vedic Period to Present and Regional Folk Music چورائي ٿو، اُن ۾ جن ڪتابن پڙهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي، اُنهن ۾ عطيه فيضي جو The Music of India ترتيب ۾ سڀني کان پهريان آهي. هندستان، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ هر ٻئي چوٿين سال اُن جو ايڊيشن مٿان ايڊيشن ڇپجي ٿو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.