عام آدمي پارٽي جي ڪاميابي: ڏکڻ ايشيا ۾ نئين اميد ؛رياض احمد آگرو

هندستان ۾ دهليءَ جي رياستي چونڊن ۾ عام آدمي پارٽيءَ وڏي اڪثريت سان فتح حاصل ڪئي. رياست جي ڪل 70 سيٽن مان 67 تي کين ڪاميابي ملي. جيڪڏهن هندستان جي اليڪشن جي تاريخ تي نظر وجھبي ته هن کان اڳ ۾ به 3 ٻين موقعن تي اهڙي قسم جا (Breakthroughs) نظر اچن ٿا، پهريون دفعو ”سکم سنگ پريشد“ مشرقي پنجاب جي رياستي اليڪشن ۾ 35 مان 35 سيٽون کٽيون هيون ۽ ساڳي اسيمبليءَ ۾ ان کانپوءِ ٻي پارٽي ”سکم ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“ به ٻن موقعن تي اهڙيون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون.

باقي مرڪزي ليول تي سياست ڪندڙ جماعتن اهڙي ڪاميابي ڪڏهن به حاصل نه ڪئي آهي. بلڪ ائين چوڻ بهتر ٿيندو ته پراڻين پارٽين خاص طور تي ڪانگريس ۽ بي جي پيءَ جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي. بي جي پي فقط هڪ سال اڳ عام چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي هئي ۽ مٿس اڃان انهيءِ فتح جو نشو طاري آهي، تنهن کي ته جھٽڪو لڳو آهي. خاص طور تي نريندر موديءَ جهڙي جگادريءَ سياستدان، جنهن پنهنجي ٻن ڊزن وزيرن سان گڏجي اليڪشن هلائي هئي پر اهڙيءَ بري شڪست جو کيس گمان به نه هو. ڇو ته سندس پارٽيءَ اڃا نوَ مهينا انهيءَ ساڳيءَ اسيمبليءَ ۾ پهرئين نمبر تي 31 سيٽون کٽيون هيون، پر بي جي پي ان وقت اهو چئي حڪومت نه ٺاهي ته لٽڪيل پارليامينٽ آهي.

عام آدمي پارٽي ان وقت ٻيو نمبر پارٽيءَ طور سامهون آئي هئي، جنهن 28 سيٽن تي سوڀ ماڻي هئي. جنهن کانپوءِ ڪانگريس جي مدد سان هن حڪومت ٺاهي هئي ۽ اروند ڪيجريوال وزيراعلى مقرر ٿيو هو. پر جڏهن اسيمبليءَ ۾ ڪرپشن جي خلاف بل جي ٻنهي پارٽين گڏيل مخالفت ڪئي ته هن پنهنجي 49 ڏينهن واري حڪومت ختم ڪري اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي ڇڏي. موجوده اليڪشن دوران تجزيه نگارن سندس ان عمل کي سياسي خودڪشي قرار ڏيئي رهيا هئا.

پر ڪيجريوال انهيءَ غلطيءَ جو کليل دل سان اعتراف ڪيو، جيڪو عموماً سياستدان نه ڪندا آهن ۽ چيو ته اسيمبليءَ ۽ اقتدار ۾ رهي ڪري عام ماڻهوءَ جي بهتر خدمت ڪري پئي سگھيو. اليڪشن مهم ۾ هن گھر گھر، هر پاڙي ۽ ڪچين آبادين ۾ وڃي عوام کان معافي ورتي. عوام به هن کي معاف ڪري ڇڏيو، هن جو نعرو بالڪل سادو ڪرپشن جو خاتمو، بجلي ۽ پاڻي سستو ۽ عوام جي پهچ ۾ هجڻ آهي. تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته ووٽرن کي سندس بهتر ڪارڪردگيءَ جي جھلڪ انهن 49 ڏينهن ۾ ئي نظر اچي ويئي هئي. بجليءَ جو مسئلو حل ٿيڻ شروع ٿيو هو ۽ پوليس جو رويو بهتر ٿيڻ لڳو هو. هيءَ ٻنهي ملڪ گير پارٽين جي زوال جي ابتدا ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن عام آدمي پارٽي رياست دهليءَ کان اڳتي وڌي. بهرحال ڪانگريس جي شڪست کانپوءِ هندستان ۾ هڪ جماعت جي (Monopoly) ٿي ويئي هئي، پر هاڻي موديءَ کي هڪ مضبوط مخالف ڌر کي منهن ڏيڻو پوندو.

هندستان ۽ پاڪستان ٻئي ملڪ ساڳي خطي سان تعلق رکن ٿا. هتان جي ماڻهن جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ گھڻيون هڪجهڙايون آهن، هندستان جون فلمون ته هتي وڏي شوق سان ڏٺيون وڃن ٿيون. ٻنهي ملڪن گڏ آزادي حاصل ڪئي، ان ڪري ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي. هڪ ملڪ ۾ ٿيندڙ وڏو واقعو ٻئي تي اثر انداز ٿئي ٿو. هندستان ۾ جمهوريت پاڙون ڄمائي ورتيون آهن ۽ اها بلوغت جي طرف وڌي رهي آهي، جيتوڻيڪ اتي مفاد پرست ڌريون سياست ۾ سيڙپڪاري پڻ ڪن ٿيون ته جيئن سندن مفادن ۽ مراعتن جو تحفظ رهي. ڪانگريس جيڪا ڪنهن وقت هندستان جي مقبول ترين پارٽي هئي. سا به ملوڪيت جو شڪار آهي، انهيءَ تي به خانداني اجاره داري آهي. پر پوءِ به هندستان جي جمهوريت ڏاڪي به ڏاڪي ارتقا ڏانهن روان دوان آهي. آزاديءَ کان ترت پوءِ اتي جاگيرداري ختم ڪئي وئي، جنهن ڪري عوام طاقت حاصل ڪئي ۽ عوام جو خون چوسيندڙ طبقا ڪمزور ٿيا.

پاڪستان ۾ آزاديءِ کانپوءِ معاشري ۽ ملڪ جي جسم تي چنبڙيل پراڻيون ڄورون يعني مير، پير، وڏيرا ۽ سرمائيدار وڌيڪ مضبوط ٿيا. انگريز دور حڪومت ۾ به اهي حلقا طاقتور هئا پر ان دور ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ٿيندو هو، جنهن ڪري معاشري ۾ توازن قائم هو. پر آزاديءَ کانپوءِ عوام نستو ۽ ڏٻرو ٿيندو ويو ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڌريون وڌيڪ طاقتور ٿينديون ويون، جن ۾ ڪجھ ٻيا عنصر به شامل ٿيندا ويا. اڃان ملڪ کي آزاد ٿئي 11 سال مس گذريا هئا ته هتي مارشل لا منهن ڪڍيو هو. جنهن معاشري تي گھرا ۽ ناڪاري اثر ڇڏيا، جنهن بعد ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. بااثر خاندان ۽ طبقا مارشل لا ۽ سول حڪومت ٻنهي دورن ۾ موجن ۾ آهن، انهن جو اثر رسوخ هر دور ۾ برقرار آهي. هي ملڪ هاڻي مڪمل طور هڪ Egalitarian Society ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سياست تي ڪجهه خاندانن جو قبضو آهي، بلڪ خاندانن کان اڳتي وڌي مافيائن جو راڄ ٿي ويو آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ اسيمبليءَ تائين پهچڻ خواب آهي. هتي جمهوريت تي به اڃا بحث هلندڙ آهي ته اهو نظام صحيح آهي يا اڃا ڪو ٻيو نظام هجڻ گھرجي! پر جي لولي لنگڙي جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي ته اها به هندستان وانگر ارتقا جي عمل تحت بهتر ٿي ويندي.

ٻنهي ملڪن جو عوام ڪرپشن ۽ بدتر حڪمرانيءَ جو ستايل آهي، ان لاءِ کين تبديليءَ جي ڳالھ سٺي لڳي ٿي. مودي به تبديليءَ جي ڳالھ ڪئي هئي، ان ڪري هُن چيو هو ته کيس 236 سيٽون ڏنيون وڃن پر عوام کيس 286 سيٽون ڏنيون، وري جڏهن ڪيجريوال عوام کي چيو ته کيس 36 سيٽون ڏنيون وڃن ته عوام کيس 67 سيٽون ڏنيون.

سرحد جي هن پاسي عوام ۾ بهتر حڪمرانيءَ ۽ ڪرپشن کان پاڪ نظام لاءِ اميدون جاڳي پيون آهن، هندستان ۾ ڪيجريوال جي ڪاميابيءَ لاءَ 18-22 سالن جي نوجوان ووٽرن وڏو رول ادا ڪيو آهي. انهيءَ ساڳي عمر جي نوجوانن جو پاڪستان ۾ به هينئر وڏو انگ آهي، انهن جي به ساڳي خواهش آهي، هو به ڪنهن تبديليءَ جا منتظر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *