طورخم رستي کان ايندڙ  دهشتگرد…!!: غلام مصطفيٰ جمالي

طورخم جي سيڪورٽي اهلڪارن اها تصديق ڪئي آهي ته باچا خان يونيورسٽي تي ٿيل حملي کان ڪجهه ڏينهن پهرين ٻه ٻه ماڻهن جو ٽولو سرحد پار ڪري افغانستان کان پاڪستان پهتو هو.جڏهن ته سڪيورٽي عهديدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اتي سڪيورٽي کان انتظام مناسب طريقي سان ڪيا وڃن ها ته انهن دهشتگردن کي آساني سان گرفتار ڪري وٺجي ها.جيڪي افغانستان مان طور خم جي جي رستي پاڪستان پهتا هئا،۽ انهن دهشتگردن کي آساني کان روڪي سگهجي هان ۽ باچا خان يونيورسٽي تي ڪيل حملي جي منصوبي کي ناڪام بنائي سگهجو ٿي.پر اها به انهي ڳالهه کان پوءِ جي ڳالهه آهي.جڏهن ته حقيقت ته اها آهي جو هي صرف باچا خان يونيورسٽي جو واقعو ناهي جيڪو دهشتگردن ڪيو جنهن ۾ تعليم پرائيندڙ ۽ ڏيندڙ کي شهيد ڪيو ويو.پر ان کان پهرين به ته پاڪستان اندر اهڙا انيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن.جن ۾ پشاور آرمي پبلڪ اسڪول،ڪراچي اسماعيلي جماعت جي بس تي ڪيل حملو.جيڪب آباد ماتمي جلوس تي حملو.۽ ٻيا به ڪافي سارا حملا آهن جن سان پاڪستان جي تاريخ ڀري پئي آهي.پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي انتظاميه اکيون پوءِ کوليندي آهي.

آرمي پبلڪ اسڪول جي حملي کان پوءِ به اهي ڳالهيون عام هنيون ته اگر سڪيورٽي جا انتظام سخت هجن ها ته آرمي پبلڪ اسڪو تي حملو روڪي سهگجو پئي.ياد رهي ته سڪيورٽي اهلڪارن هن وڌيڪ جيڪا تصديق ڪئي آهي ته ٻن ٻن گروپن جو ٽولو طورخم جي رستي کان افغانستان مان پاڪستان اندر داخل ٿيو هو.جڏهن ته باچا خان يونيورسٽي تي ڪيل حملي ۾ به  چار مان ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.سڃاڻپ“نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي“نادار”جي بايوميٽڪ سسٽم”ذريعي ڪئي وئي آهي.جڏهن ته هڪ دهشتگرد جو تعلق سوات سان آهي ۽ ٻئي دهشتگرد جو تعلق اترويزستان سان آهي.جيڪو ساروغار جي ڪنهن علائقي جو ٻڌايو پئي ويو.۽ ٻنهي جي سندن سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا هئا.انهي سڃاڻپ کي سامهون رکندي طورخم جي موجوه عهديدارن جو چوڻ هو ته انهن کي انهي بنياد تي روڪو سگهجي ها ته هڪ سوات ۽ هڪ وزيرساني جو انهي افغانستان رستو پار ڪرڻ جو آخر ڪهڙو مقصد آهي.انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سان اليمو اهو آهي ته اسان افغانين کي پاڪستان اندر داخلي کي روڪڻ لاءِ اسان سخت سرحدي انتظام ۽ سخت سرحدي ڪنٽرول جا اعلان ته ڪندا آهيون پر اسانجي سرحدن جي ان حوالي سان عملي اپاءُ ناهن ورتا ويندا. افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه مستقل ڪرانسنگ پوانئٽس آهن هڪ طورخم جي رستي کان ٻيو بلوچستان جي علائقي چمن کان.جڏهن ته طورخم جي بارڊر تي هزارين مقامي ۽ افغاني شهرين هزارن جي تعداد ۾ بنا ڪنهن چيڪنگ جي روز داخل ٿيندا رهن ٿا.هڪ اخبار رپورٽ موجب ته اتي موجود هڪ سڪيورٽي اهڪار ٻڌايو ته روزانو 10کان 15هزار ماڻهو سرحد ڪراس ڪن ٿا.جڏهن ته انهن جي گهڻي تعداد 25کان28هزار آهي جن مان صرف چند ماڻهن وٽ ويزا ۽ پاسپورٽ هوندا آهن.جڏهن ته باچا خان يونيورسٽي تي ڪيل حملي کان پهرين انهن دهشتگردن جي حملي کان ڪجهه ڏينهن پهرين پوليٽيڪل انتظاميه اعلان ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ادخل ٿيڻ ٿيڻ وارن افغانين شهرين جو رڪارڊ ترتيب ڏيڻ ۽ طورخم تي رستي پاڪستان اچڻ وارن جي مڪمل رجسٽرڊ ڪيو وڃي.پر اتي موجوده اسٽاپ ٿوري تربيت فافته هجڻ ڪري پنهنجي زميوارين کي پوري طرح سنڀالي نه پيا سگهن.

انتظاميه انهن کي هڪ فارمولو ڏنو آهي ته هو جنهن کي انهن لکت ۾ صرف ڀرڻو آهي.جنهن اندر سرحد پار ڪرڻ واري جو نالو سندس ذات پيءُ جو نالو ۽ علائقي جو نالو جٿان کان هو آيو آهي.۽ پاڪستان ۾ هو ڪهڙي هنڌ وڃڻ ٿو چاهي.وغيره ياد رهي ته پوليٽڪل انتظاميه گذريل سال افغان شهرين جي لاءِ هڪ دعفي راهداري نظام “روٽ پرمٽ” به متعارف ڪرايو هو.انتظاميه جو چوڻ هو ته انهي روٽ پرمٽ جي ذريعي هن وقت تائين 5،629ڪارڊ ئي افغان شهرين کي جاري ڪيا آهن.جڏهن ته ٻيا3،300ڪارڊ اڃان ٺهڻ واري مرحلي ۾ آهن.جنهن سسٽم جي تحت پاڙيسري ملڪ جي سفر لاءِ پاڪستانين ۽ افغانين شهرين کي هڪ مخصوص پوليٽڪل انظاميه جي طرفان هڪ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو آهي.جيڪو افغان شهرين ۽ پاڪستان ۾ رهندڙن جي حوالي سان مدد فرام ڪندو.جڏهن ته هن وقت سيڪورٽي اهڪارن جي چوڻ مطابق ته سڀ کان اهم مسئلو غيرقانوني طور پاڪستان اندر داخل ٿيڻ وارن کي روڪڻ آهي.جنهن ۾ اهي دهشتگرد به شامل آهن جيڪي افغان مان پاڪستان طور خم جي رستي داخل ٿي دهشتگردي ڪن ٿا.ان حوالي سان ڏسجي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي تازو ڪالهه گجر خان جي علائقي ۾ اسڪول اندر نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري هڪ شاگرد جي شديد زخمي ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پوليس موجب ته فائرنگ ٻن گروپن جي وچ ۾ ٿيل چڪتاڻ کان پوءِ ٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاگردن شديد زخمي ٿيو هو.جڏهن ته ٻئي پاسي رات جي اونڌاهي جو فائدو وٺندي مهند ايجنسي جي علائقي ۾ واقع هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ 9 فوجي جوان شهيد ٿي ويا.آهن.جڏهن ته اتي واقع سولر ٽيوب به تباه ڪري ڇڏيو هو.پاڪستان آرمي ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ته پاڪستان مان هر قسم جي دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڪري دهشتگردن کي ختم ڪيو وڃي.پر پاڪ آرمي جي ڏينهن رات محنت ۽ دل يقين آهي ته پاڪستان ۾ امن ضرور قائم ٿيندو..ان ڪري دهشتگردي واري ماحول اندر پاڪ آرمي جي محنت کي به نه وسارڻ گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *