طالبان جي حامين تي نظر رکي وڃي؛محمد رمضان ميمڻ

16 ڊسمبر 2014ع جي ڏينهن پشاور ۾ 132 کان وڌيڪ معصوم شاگردن ۽ ڏهن کان وڌيڪ استادن کي شهيد  ڪندڙ جن ستن دهشت گردن کي فوجي آپريشن ذريعي ماريو ويو آهي، سي پاڪستان جا ڪي اڪيلا دهشت گرد نه هيا ۽ نه ئي جيلن ۾ بند دهشت گرد ڪي اڪيلا آهن.

پاڪستان جي حڪومت ڳالهين ذريعي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ بدران سازشي جنگ ذريعي ڪشمير کي حاصل ڪرڻ جي غلط پاليسي اختيار ڪئي، وري افغانستان، هندستان يا وري سوويت يونين جو معاشي ۽ سياسي اثر ختم ڪرڻ لاءِ، افغانستان تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي نام نهاد حڪومت مڙهڻ لاءِ ڪشمير وانگر افغان مجاهد تيار ڪري، افغانستان کي پاڪستان جو پنجون صوبو بڻائڻ جي غلط پاليسي اختيار ڪئي ۽ ملڪ مان ترقي پسند سياسي قوتن کي ختم ڪيو ويو،

جنهن سبب سمورا سياسي ادارا، سياسي پارٽيون، شاگرد تنظيمون، مسجدون، مدرسا ۽ مذهبي تنظيمون، انتهاپسند، دهشت گردن جي رياستي سطح تي سرپرستي ۾ ڏنيون ويون.

آمريڪا، سعودي ۽ سمورن بادشاهن، سڄي دنيا جي سرمائيدارن انهن دهشت گردن کي مالي ۽ سياسي مدد مُهيا ڪئي. هاڻي نائين اليون کانپوءِ آمريڪا، يورپ ۽ ٻين سرمائيدار ملڪن طالبان جي مدد ڪئي. پاڪستان حڪومت ۽ رياست جي تمام گهڻي تباهي ۽ بربادي کانپوءِ هاڻي حڪومتي امداد بند ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.

رياستي ادارا ان نتيجي تي پهچي چُڪا آهن ته دهشت گردن جي نه رڳو سرپرستي بند ڪئي وڃي پر پشاور جي معصوم شاگردن جي قاتلن، انهن جي سرپرست ۽ حامين کي پاڪستان مان ختم ڪيو وڃي. حڪومت ۽ رياستي ادارن ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ سماجي تنظيمن جو اهو موقف بلڪل درست ۽ سڀاويڪ آهي پر ان باوجود اسلام آباد جي سرڪاري لال مسجد جو امام مولانا عبدالعزيز پشاور جي شهيد شاگردن جي قاتلن جي مذمت نه ڪري قاتلن جي کُلي طور حمايت ڪئي آهي. مولانا عبدالعزيز جي ان رويي خلاف اسلام آباد ۾ سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن 18 ڊسمبر تي لال مسجد آڏو مظاهرو ڪيو ته مولانا عزيز جي ڇاڙتن ڪلاشنڪوف کڻي سڌيون ڪيون.

لال مسجد جي ڇت تي مورچا بند ٿي ويا ۽ مظاهرو ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون، پر امن احتجاج ڪندڙ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جنهن کانپوءِ مولانا عبدالعزيز جي حامين ۽ آبپارا پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او مظاهرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي. ان ايف آءِ آر ۾ نيشنل پارٽي پنجاب جي صدر ايوب ملڪ ۽ ٻين ستن ڄڻن کي جوابدار بڻايو ويو.

جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته مولانا عبدالعزيز جي ٽي وي تي ڏنل بيان عوام ۾ اشتعال پيدا ڪيو. جڏهن ته جن ماڻهن اسلحي جي نمائش ڪئي تن خلاف ايف آءِ آر نه ڪٽي وئي. هيءُ اهو مولانا عبدالعزيز آهي جنهن ان کان اڳ لال مسجد ۾ هٿياربند عورتن ۽ مردن ذريعي اسلام آباد ۾ دهشت گردي جي بازار گرم رکي هئي. . لال مسجد جي آپريشن کانپوءِ موصوف، عورتن جو برقعو پائي ڀڄڻ جي ڪوشش ­ ڪندي گرفتار ٿيو هو.

ان کانپوءِ حڪومت پاران مولانا عبدالعزيز کي لال مسجد جي امامت تان هٽايو ويو هو پر حڪومت ۽ رياست جي اندر دهشت گرد طالبان جي حامين مولاناعبدالعزيز تي دهشت گردي جا ڪيس ختم ڪرائي ان جي امامت لال مسجد ۾ بحال ڪرائي ڇڏي. هاڻي وري لال مسجد ۾ ڇت تي اسلحي جي نمائش ڪئي وئي.

هڪ پاسي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف ۽ سڄي ملڪ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون پشاور جي شاگردن جي قاتلن ۽ انهن جي حامين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي سرڪاري ملازم مولانا عبدالعزيز طرفان طالبان جي حمايت جو کُلي عام اظهار ٿي رهيو آهي.

هن وقت جيڏو طالبان خلاف فوجي آپريشن ضروري آهي ايڏو ئي آپريشن انهن سان سهڪار ڪندڙ سرڪاري ملازمن، واپارين، سردارن، جاگيردارن خلاف به ٿيڻ گهرجي. مولانا عبدالعزيز جهڙن سرڪاري ملازمن کي فوري طور برطرف ڪري لال مسجد کي اسلحي کان پاڪ ڪيو وڃي.

اسان ماضيءَ جي غلطين کي ان ڪري ياد ڪندا آهيون ته جيئن اسان جا حڪمران وري غلطيون نه ورجائن.

جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته مولانا عبدالعزيز جي ٽي وي تي ڏنل بيان عوام ۾ اشتعال پيدا ڪيو. جڏهن ته جن ماڻهن اسلحي جي نمائش ڪئي تن خلاف ايف آءِ آر نه ڪٽي وئي.

هيءُ اهو مولانا عبدالعزيز آهي جنهن ان کان اڳ لال مسجد ۾ هٿياربند عورتن ۽ مردن ذريعي اسلام آباد ۾ دهشت گردي جي بازار گرم رکي هئي. . لال مسجد جي آپريشن کانپوءِ موصوف، عورتن جو برقعو پائي ڀڄڻ جي ڪوشش ­ ڪندي گرفتار ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *