ضياءُ الدين شهيد…. هڪ جذباتي تاثر ؛غازي صلاح الدين

4 ڊسمبر منهنجي وڏي نياڻي ڪنزا جو جنم ڏينهن آهي. سالگره کان هڪ ڏينهن اڳ فيملي جا سمورا فرد گهر ۾ سجاوٽ ڪري رهيا هئا ۽ ٺيڪ 12هين وڳي ڪيڪ ڪٽيو وڃي ٿو، پر ان رات آفيس ۾ منهنجي نائيٽ هئي ۽ مان ان روايت کي قائم نه رکي سگهيس، ڪنزا ۽ گهر وارن سان معذرت سان منهنجو وعدو هو ته ٻئي ڏينهن ڪيڪ به ڪٽيو ويندو ۽ منهنجي طرفان گهر کان ٻاهر ڪنهن سٺي جڳھ تي ڊنر به ٿيندو. شام جو آفيس کان واپس اچڻ تي مون گهر جي سجاوٽ ۾ حصو ورتو، بوٽ بيسن کان ڪيڪ ۽ ٻيون شيون وٺي ڪري مان فرج ۾ رکيون ۽ ڪپڙا تبديل ڪري ٻارن کي ٻاهر وٺي وڃڻ جي تياري ڪئي، ٻئي نياڻيون مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ چاهين پيون ته اچانڪ منهنجي موبائل جي گهنٽي وڳي. مان فون کنيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ ضياءُ الدين جي سالي حميد ميمڻ جو فون هو ۽ اهو زور زور سان روئي رهيو هو ته جالا ڀاءُ (منهنجي ننڍي ڀاءُ کي ان نالي سان پڪاريو ويندو هو) کي گوليون لڳيون آهن ۽ هاڻي اهي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. اچانڪ اچڻ واري ان دردناڪ خبر منهنجي پوري وجود کي ڌوڏي ڇڏيو، مان صوفي تي ڪري پيس ۽ اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا. جالا اسان سڀني جو لاڏلو هو، ان جو ننڍپڻ، جواني، شادي، ٻار ۽ پوءِ بابا جي جدائي کان پوءِ ان جو بابا جي ڪرسي سنڀالڻ جا تمام منظر اکين جي سامهون اچي ويا. منهنجي گهرواري ۽ ٻئي نياڻيون مون کي سنڀالڻ ۾ لڳي ويون. سڀني ٽي وي چينلن تي اها خبر جهنگ جي باھ وانگر پکڙجي وئي. اڃان مان ان خبر کي ڪنفرم ڪرڻ ۾ ئي مصروف هيس ته تيز ترين ميڊيا ان واقعي جي فوٽيج به حاصل ڪري ورتي، هاڻي ڪنهن به تصديق جي ضرورت باقي نه رهي. لنڊن کان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڀاءُ سميت تمام ساٿين منهنجي همت وڌائيندي حوصلو ڏنو، نائن زيرو تي موجود ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سميت سمورا رابطا ڪميٽي جا ميمبر منهنجي ڏک ۾ شامل ٿي ويا. عبدالحسيب ڀاءُ فوري طور تي منهنجي گهر اچي ويو، انهن سان گلي لڳي ڪري مان پاڻ تي قابو نه رکي سگهيس ۽ زار و قطار روئڻ لڳس. اچانڪ منهنجي نياڻي ڪنزا پاڻ تي ڪنٽرول نه رکي سگهي ۽ روئيندي روئيندي چوڻ لڳي ته مان ئي بدنصيب آهيان جو منهنجي سالگرهه جي موقعي تي مون کان چاچو جدا ٿي ويو، مان پاڻ کي سنڀاليان يا پنهنجي نياڻي کي جيڪا مون کان وڌيڪ حساس آهي. پورو گهر دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ڀرجي چڪو هو، جيڪو به اها خبر ڏسي رهيو هو، اهو گهر اچي رهيو هو، پر مون کي پنهنجين نياڻين کي سنڀالڻو هو ۽ حيدرآباد وڃڻ جي تياري به ڪرڻي هئي، وڏي مشڪل سان وڏي نياڻي کي تسلي ڏني ته اهي سڀ الله سائين جا فيصلا آهن. جن ۾ ڪنهن کي به دخل ڏيڻ جي اجازت نه آهي. ننڍي نياڻي تسبيح منهنجو بريف ڪيس تيار ڪيو ۽ مان عبدالحسيب ڀاءُ سان گڏجي حيدرآباد روانو ٿي ويس. ڇا عجيب منظر هو انهي سپر هاءِ وي تي ڪڏهن ضياءُ الدين جي شادي جي تياري جي لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ سخت برسات شروع ٿي وئي ۽ اسان کي اڳتي رستو ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو هو، ڊرائيور کي چيم ته جيڪو به ويجهو هوٽل هجي توهان اتي گاڏي روڪيو ۽ برسات بيهڻ کان پوءِ هلنداسين. ڪنزا ان وقت امڙ جي هنج ۾ هئي ۽ تمام گهڻو روئي رهي هئي. اسان هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ هڪ ڇپري هيٺان پناھ ورتي، پر برسات بيهڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. هڪ ڪلاڪ جي سخت برسات کان پوءِ اسان حيدرآباد جي لاءِ روانا ٿي وياسين، ضياءُ الدين تمام گهڻو خوش هو ان جي شادي جا تمام انتظام ۽ مرحلا وسرن نه ٿا. اڃان شادي جو ٽيون ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن فيملي جو ڊنر به رکيل هو ته اچانڪ ايف آئي اي جي ٽيم ضياءُ الدين کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ گرفتار ڪري ورتو، خبر پئي ته منهنجي ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گهر جي عجيب ڪيفيت هئي، ضياءُ الدين جي گهرواري انهن جو انتظار ڪري رهي هئي ۽ اسان سڀ اهو چئي رهيا هئاسين ته ضياءُ الدين اچانڪ ڪنهن ڪم سان ڪراچي هليا ويا آهن پر جنهن علائقي ۾ اهي ويا آهن اتان جون حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، ان ڪري انهن کي چيو ويو آهي ته اهي انهن حالتن ۾ اتان نه نڪرن، انهي دوران امڙ جو روئيندي اصرار هو ته مون کي ضياءُ الدين هر صورت ۾ گهرجي، ڀلي ڪجھ به ٿي وڃي. ضياءُ الدين منهنجي ڪري ايف آئي اي وٽ هو ۽ مان ان کي هر حالت ۾ آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هئس. ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪورٽ کان ضياءُ الدين جي رهائي جا آرڊر آيا ۽ اهي آزاد ٿي ويا ته مان انهن کان معافي ورتي. ضياءُ الدين مون کي ڀاڪر پائيندي چئي رهيو هو ته ادا ان ۾ توهان جو ڪوئي به ڏوھ نه آهي اهو سڀ ڪجھ منهنجي قسمت ۾ هو، اوهان معافي نه گهرو، ضياءُ الدين مون کي خريد ڪري ورتو هو. گهر ۾ جڏهن به ڀائرن ۾ اختلاف ٿيندا هئا ته ضياءُ الدين هميشه منهنجو ساٿ ڏيندو هو، ڀائرن سان اختلافن جي باوجود به ضياءُ الدين مون سان ڪڏهن به رابطو نه ٽوڙيو. حيدرآباد ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو هو ته گول بلڊنگ واري پراڻي گهر ۾ جتي بابا جو دڪان هو، ضياءُ الدين بابا جي مخصوص ڪرسي تي بابا وانگر ويٺل ڏاڍو خوبصورت لڳندو هو. مون کي ان ڪرسي تي ويهڻ جي لاءِ چوندو هو پر مان بابا جي سامهون واري ڪرسي تي ويهڻ کي هميشه ترجيح ڏيندو هوس پر منهنجي احترام ۾ ضياءُ الدين منهنجي سامهون بابا جي ڪرسي تي ويهڻ جي بجاءِ منهنجي ڀر واري ڪرسي تي اچي ڪري ويهندو هو. منهنجي لاءِ چانهن گهرائيندو هو ۽ پوءِ اسان ڳالهيون ڪندا هئاسين. ضياءُ الدين گول بلڊنگ کان زيل پاڪ ڪالوني شفٽ ٿي ويو پر پراڻي گهر کان انهن ناتو ٽوڙيو ڪونه. بابا جو ڪاروبار سنڀاليندو هو. بابا کان پوءِ امان کي به سنڀاليندو هو. بابا جي وڃڻ کان پوءِ اسان سڀ ڀائر وقت جي تيز رفتار سان گڏ اڳتي نڪري وياسين پر ضياءُ الدين وقت جي رفتار کي روڪي ورتو هو ۽ اهي اتي ئي بيٺل رهيا، انهن پنهنجي پراڻي گهر ۽ دڪان سميت بزرگ امڙ جون اهي تمام خدمتون انجام ڏنيون، جيڪي اسان وڏا هجڻ جي باوجود به نه ڏيئي سگهياسين. ضياءُ الدين جي جدائي تي امڙ روئيندي اهو جملو چيو جيڪو مان ڪڏهن به وساري.نه ٿو سگهان ته توهان ته سڀ هليا ويؤ پر ضياءُ الدين ڪيڏانهن به وڃڻ جي بجاءِ اسان سڀني کي سنڀاليو، پوڙهي امڙ جي خدمت ڪئي اهو منهنجي هر شي جو خيال رکندو هو، ايستائين جو منهنجي باٿ روم کي ڪنهن به صورت ۾ آلو ٿيڻ نه ڏيندو هو ته متان امڙ باٿ روم ۾ ڪري نه پئي، امڙ چئي رهي هئي ته اچانڪ ڪجھ ڏينهن کان ضياءُ الدين غير معمولي شيون کائي رهيو هو، مان پٽي جي سور جي دوا گهرائي ته هو هڪ جي بجاءِ 6 پيڪيٽ وٺي آيو. ضياءُ الدين اهو ڇا آهي؟ امان رکو ڪم اينديون. ضياءُ الدين رات جو توهان امڙ جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي نه رکيو، امان هاڻي توهان جو ڪم عبدالله ڪندو. اوهان عبدالله سان پيار ڪريو ٿيون، هاڻي اهي سمورا ڪم عبدالله ڪندو.***************(جاري)*********

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.