”پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.“ واري ڳالهه جو سبب اهو ڄاڻايو ويندو آهي ته عورتون زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي سان ڪم سرانجام ڏئي رهيون آهن. هتي گهڻي حد تائين شخصي آزادي آهي ۽ ان شخصي آزادي مان عورتون به مردن وانگر لطف اندوز ٿي رهيون آهن. انهن ڳالهين ۾ ڪافي حد تائين سچائي به آهي. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ عورتن جو تعداد هاڻ اڳ جي ڀيٽ کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ به عورتن پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهڙي معاشري ۾ اسان کي صنفي برابري/ امتياز يا صنفي حساسيت جهڙن موضوع تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي؟
جي ها. ۽ ان جو سبب ڄاڻڻ جي لاءِ شايد اسان کي ايڪيهين صدي جي مقرر ڪيل هدف ملينيم ڊولپمينٽ گولز حاصل ڪرڻ وارين پنهنجين ڪوششن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي ۽ ان هدف کي حاصل نه ڪرڻ جا سبب دهشتگردي کانسواءِ ٻيا ڪهڙا آهن. اچو ته پنهنجي آسپاس موجود ڪجهه عام شين مان ان حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
ڪنهن به سماج جي بنياد لاءِ ڪجهه ٿنڀ قرار ڏنا وڃن ٿا. جيئن ته حڪومت، عدليه، پارليامينٽ وغيره وغيره. بدلجندڙ زماني جي حالتن ۾ انهن ٿنڀن ۾ هڪ مضبوط ٿنڀ جو اضافو ميڊيا جي صورت ۾ ٿيو آهي. ميڊيا ڪيترين جاين تي اسان جي معاشري جي عڪاس آهي ۽ ڪٿي وري اسان جي معاشري ۾ پيدا ٿيل نوان رواج ميڊيا ۾ نمايان هوندا آهن.
معين اختر صاحب پنهنجي چاهيندڙن جي دل ۾ پنهنجي حوالي سان اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ان کان هڪ انٽرويو ۾ ميڊيا جي ڪردار جي باري ۾ پڇيو ويو. سندس چوڻ هو ته ”ٽي وي تي ڏيکاريندڙ منفي شين يا روايت جي لاءِ ميڊيا اهو چئي پاڻ کي آجو نه ٿي ڪري سگهي ته ’اسان اهو ڏيکاريون ٿا جيڪي ماڻهو ڏسڻ چاهين ٿا.‘“
ميڊيا جو ڪردار ان کان وڌيڪ آهي. ايترو توهان ۾ ڪجهه ڏسڻ جي عادت وجهي سگهي ٿي. توهان ايترا وڏا آهيو، جو توهان ان جو Taste develop ڪري سگهو ٿا ۽ انهيءَ سبب جي ڪري اسان کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس ڪندي ان سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي.
اسان پنهنجي موضوع ڏانهن واپس ايندي جيڪڏهن ان تجزيي جي روشني ۾ ڏسون ته اسان کي ان حوالي سان بهتر اُميد افزا شيون نظر نه اينديون. ان جو هڪ مثال ٽي وي تي هلندڙ اشتهار آهن. کير، شربت يا کاڌن، ڪپڙي ڌوئڻ وارن ڊٽرجنٽ متعلق ڪيترا اشتهار آهن، جنهن ۾ ڪا ”ڇوڪري“ ڏيکارين ٿا؟ اڪثر ڪري ان ۾ پنهنجن ”پٽن“ جي لاءِ پريشان مائرن کي ڏيکاريو ويندو آهي، جيڪي انهن کي پڙهائيءَ کان ويندي راند روند ۽ ڊوڙ جي مقابلن ۾ انهن کي اڳيان ڏسڻ چاهين ٿيون. توهان اتي ڪيتريون ”ڇوڪريون“ ڏسو ٿا، جن جي لاءِ ان جي ماءُ يا پيءُ کي خواب ڏسندي ڏيکاريو ويندو آهي؟ تمام گهٽ ڇوڪريون توهان کي يا ته شاديءَ تي روئيندي رخصت ٿيندي نظر اينديون يا پوءِ پنهنجي وارن جي لاءِ پريشان.
چمڙي متعلق مصنوعات جي اشتهارن جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. ائين لڳندو آهي ته سموريون ڇوڪريون پنهنجي گوري رنگ جي ڪري ئي زندگي جي ڊوڙ ۾ پوئتي آهن ۽ صرف رنگ بهتر ٿيڻ سان هو ڪامياب ٿين ٿيون. گهرن ۾ مشينن جيان ڪم ڪندڙ عورتن کي ڏيکاريون وڃي ٿو، جيڪي يا ته کاڌو ٺاهيندي نظر اينديون يا ڪپڙا ڌوئيندي. جيڪڏهن ڪم ڪندڙ عورت ڏيکاري ويندي ته اها پنهنجي رنگ يا وارن سبب پريشان ٿيندي. اشتهارن ۾ عورتن کي پراعتماد ڏيکاريو ئي تڏهن ويندو آهي جڏهن هوءَ ڪنهن ڪريم جي استعمال بعد صاف رنگ حاصل ڪندي آهي ۽ پوءِ اچانڪ ان جي شخصيت پراعتماد نظر ايندي آهي. ڪنهن به جاءِ تي عورت کي مثبت، مضبوط ۽ رول ماڊل طور پيش ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ڪهڙي ۽ ڪنهن لاءِ آهي؟
اصل ۾ اسان جي معاشري ۾ شيون ان کان مختلف آهن، مثبت آهن. اسان جي سماج ۾ عورتن ترقي ۾ پنهنجو حصو هميشه ادا ڪيو آهي. فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي، بينظير ڀٽو ۽ مليحه لوڌي کان ويندي ملالا يوسفزئي تائين اوهان وٽ بهادر ۽ حوصله مند عورتون آهن، توهان وٽ طب، تعليم، عدليه ۽ وڪالت کان ويندي هاڻ ته فضائيه تائين عورتن پاڻ ملهايو آهي. ته پوءِ هاڻ اسان جون ڇوڪريون عدم توجهي جو شڪار ڇو آهن؟
پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي، جتي ماءُ ٻارن کي جنم ڏيندي ئي موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون ۽ اهو ريشو خطرناڪ حد تائين وڌيڪ آهي، جيڪي بچي به وينديون آهن ته اُهي وڏي تعداد ۾ ڪمزوري سبب ٻارن ۾ سگهه جي منتقلي جي قابل ناهن هونديون، جنهن جو سبب کير پيئندڙ ٻار وڏي تعداد ۾ دنيا جو دلڪش حصو ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي منهن موڙي ويندا آهن. اسان کي پنهنجو ڌيان ان طرف ڏيڻ جي ضرورت آهي.
پر شايد ان کان به وڌيڪ اسان کي پنهنجي رويي ۽ شين کي ڏسڻ جي تناظر کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جي معاشري جي موجوده حالت ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ عدم مساوات کي ڏسندي توهان جي ننڍڙيءَ کي توهان جي پٽ کان وڌيڪ توجه جي ضرورت آهي. توهان بيشڪ ان کي وڌيڪ توجه نه ڏيو پر پنهنجي پٽ جي برابر ضرور ڏيو.
ان شيءِ کي سمجهو ته هوءَ صرف هڪ ٻار، ڇوڪري يا عورت ناهي، هڪ انسان آهي، جيڪا ڪنهن به ٻئي عام انسان وانگر پنهنجي اندر ڪجهه صلاحيتن ۽ رجحان سان قدرتي طور پيدا ٿي آهي. ان کي ان جي فطري صلاحيتن جي بنياد تي پاڻ مڃائڻ ڏجي. ان کي اهو به احساس ڏياريو ته اسان آهيون ته ان لاءِ تنهنجو تحفظ ڪيو پيو وڃي. ان تحفظ جي ديوار ۾ ان جي صلاحيتن کي نه دٻائڻ گهرجي. ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن فاطمه جناح يا بينظير ڀٽو کي تعليم ڏيارڻ بجاءِ گهر ۾ ويهاريو وڃي ها ته پاڪستان وٽ نه ئي مادر ملت هجي ها ۽ نه ئي عالم اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز.
انهن سمورن اعزازن جي باوجود بدقسمتي سان اسان هينئر تائين پنهنجو رخ شايد صحيح طور تي هموار ناهيون ڪري سگهيا. مناسب لائحه عمل نه هجڻ سبب اسان جنسي ناانصافين جي خاتمي ۽ مائرن ۽ پيدا ٿيندڙ ٻارڙن جي موت جي شرح کي گهٽائي ملينيم ڊولپمينٽ گولز حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.
جتي انهن هدف جي حاصلات حڪومتي انتظامي قدمن جي محتاج آهي، اتي روين ۾ تبديلي جي پڻ محتاج آهي. ٿورو غور ڪريو، ڇا حڪومت پاران گهر گهر پوليو جي ڦڙن پيارڻ جي لاءِ ٽيمون نٿيون اماڻيون وڃن؟ ان کانپوءِ به ڪيترائي ماڻهو گهر جي اڱڻ تي ميسر ان سهولت کي موٽائيندا آهن. ان لاءِ اسان کي سڀ کان پهريان پاڻ کي تبديل ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجا رويا تبديل ڪنداسين، ته پوءِ ان هدف کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ناهي. جيڪڏهن رويا تبديل نه ڪيا ويندا ته حڪومت پاران صنفي مساوات لاءِ قانون سازي، عورتن تي تشدد جي خلاف قانون پاران سخت پڪڙ ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولت کي يقيني بڻائڻ (الله ڪري) جي باوجود عورتن جي ترقي هڪ خواب ئي رهندي.
*********