صحت جون سهولتون آڇيندڙ سول اسپتال دادو؛ اصغر ملاح (دادو

انسان سمورين بنيادي سهولتن کي نظرانداز ڪري سگھي ٿو جيڪر انسان صحت مند نه آهي انهي کان وڌيڪ ٻي مشڪلات نه آهي انسان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ سهولتون هڪ پاسي آهن پر انسان جي صحت کانسواءِ ٻي ڪابه سهولت اهميت نه ٿي رکي انسان پيدا ٿيڻ کان وٺي پيريءَ تائين صحت مند آهي ته دنيا جون سموريون سهولتون حاصل ڪري سگھي ٿو جيڪر صحت مند نه آهي ته ڪابه دنيا جي سهولت حاصل ڪري نه ٿو سگھي،اسان جي ملڪ جي آئين هن ڳالهه جي اجازت ڏني آهي ته ملڪ ۾ رهندڙ عوام جي جان ۽ مال ۽ صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميوارين ۾ شامل آهي اسان جي ملڪ ۾ وفاق کان وٺي صوبائي سطح تائين انسان کي صحت مند رکڻ لاءِ سندس علاج لاءِ اربين رپيه هر سال جاري ڪيا وڃن ٿا انسان کي علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ صحت کاتو وجود ۾ آيل آهي جيڪو لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون ڏئي رهيو آهي سرڪار پاران عوام جو مفت علاج ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ وڏيون وڏيون اسپتالون قائم ٿيل آهن جيڪي صحت کاتي مان ملندڙ بجيٽ مان بي سهارا غريب مظلوم ماڻهن جو علاج ڪيو وڃي ٿو دادو ضلعي جي عوام سڄاڳ ڌرين وقت به وقت احتجاج ڪري الزام هڻندي دانهيو آهي ته صحت کاتي جي نااهلي ڪرپشن سبب ضلعي جي چئن تعلقن جون اسپتالون، صحت مرڪز توڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويا،صحت کاتي دادو جي نااهلي سبب دادو وچ شهر ۾ 1932ع کان صحت جون سهولتون آڇيندڙ 40ايڪڙن تي مشتمل ليڊي گراهم سول اسپتال دادو هر دؤر ۾ حڪمرانن جي حمايت يافته آفيسر شاهي جي مقرري سبب سدائين انسانيت لاءِ مسيحائي پيشو سمجھيو ويندڙ صحت جون عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بجاءِ غريب بي پهچ مريضن کي ويتر تڪليف مبتلا ڪري ڇڏيو آهي انساني جانيون بچائيندڙ، ڇتي ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين، نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين سميت ٻين انساني جانيون بچائيندڙ دوائن جي غريبن لاءِ سدائين کوٽ رهي آهي جنهن سبب غريب بي پهچ مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا مريضن لاءِ ڪابه سهولت موجود نه آهي انساني جانيون بچائيندڙ دوائن جي کوٽ ماهر ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي جي مسلسل غير حاضري اسپتال اندر ايڪسري جي فلمن جي سدائين کوٽ رهي آهي ڪروڙين رپين جو جديد مشينون سالن کان بند آهن سول اسپتال دادو ۾ روزاني ليبارٽري ٽيسٽن، الٽراسائونڊ، ايڪسري، آپريشنن مان هر مهيني لکن جي آمدني ٿئي ٿي ان رقم کي بي پهچ لاچار مسڪين مريضن جي علاج واسطي استعمال ڪرڻ بجاءِ هر وقت جو سول سرجن اڪائونٽنٽ ۽ ٻيا ڪوڙي رپيئرنگ، خريداري جا ڪوڙا بل، ڄاڻائي هڙپ ۽ غرق ڪري ڇڏيندا آهن سرڪار پاران جنريٽر لاءِ فراهم ڪيل تيل مشينري ۽ ايمبولينس جي مرمت ميڊيڪل چيڪ اپ جو سامان ۽ سول اسپتال ۾ لکائي ڇپائي دوائن جي خريداري جا بوگس بل ٺاهي هر د.ؤر ۾ لکين رپيه ڪرپشن جي ور چڙهندا رهيا آهن دادو ضلعي جي صحت کاتي ۾ هر سال لکين رپين جي بجيٽ عوام جي علاج ۽ معياري دوائن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ملندي آهي جيڪا مريضن جي علاج لاءِ معاري دوائون خريد ڪرڻ ِ بجاءِ غير معياري ڪمپنين کان غير معياري دوائون حاصل ڪري رقم ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ۾ هر دور ۾ هڙپ ڪرڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن دادو ضلعي جي صحت کاتي ۾ هر سال لکين رپين جي بجيٽ عوام جي علاج ۽ معياري دوائن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ملندي آهي جيڪا مريضن جي علاج لاءِ معاري دوائون خريد ڪرڻ ِ بجاءِ غير معياري ڪمپنين کان غير معياري دوائون حاصل ڪري رقم ڪوڙي ڪاغذي ڪاروائي ۾ هر دور ۾ هڙپ ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن حڪومت جي نطر ۾ اها رقم غريب عوام تي خرچ ٿي رهي آهي پر مقرر ٿيل ڪامورا پنهنجا خالي خزانه ڀري رهيا آهن پاڪستان پيپلز پارٽي دادو سٽي صدر گل حسسن قمبراڻي ميديا کي ٻڌايو ته دادو سول اسپتال انتظاميا غريب مريضن جون زندگيون داءِ تي لڳائي ڇڏيون آهن ٽينڊر ڪاميٽي جي چئيرمين ڊاڪٽر ممتاز چنا ۽ ٻين ٽينڊر ذيعي 1 ڪورڙ 70 لک جون دوائون سٺي ڪمپني کان خريد ڪرڻ بدران ڪميشن عيوض ٽينڊرلوڪل ڪمپني اي ٽو زي کي ڏئي 3روپين واري سرج 6 روپين جو بخار جو سيرپ 8 روپين وارو ڪف سيرپ 7 روپين وارو 30 روپين ۾ ٽينڊر ذريعي خريد ڪيون ڊاگ بائيٽ ۽ اينسولين انجيڪشن سميت بينڊيج ۽ آپريشن لاءِ ورتل ڪپهه غير معياري خريد ڪري غريب مريضن جون زندگيون داءِ تي لڳائي ڇڏيون آهن غير معياري دوائن جي استعمال ڪرڻ ڪنهن به مريض کي ڪو به فائدو نه ٿو پوي ان لاءِ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر دادو کي جانچ لاءِ درخواست ڏئي مطالبو ڪيو آهي ته دادو سول اسپتال ۾ جيڪي هن وقت دوائون موجود آهن ليبائٽري کان چيڪ ڪرائي وڃي دادو سول اسپتال ۾ 70 لک دوائن جي مبينا ڪرپشن ۾ ملوث دادو سول اسپتال ۾ ايڊيشنل سول سرجن ڊاڪٽر ممتاز چنا ٻڌائي ٿو ته دادو سول اسپتال لاءِ سنڌ سرڪار جي پاليسي تحت جڏهن به دوائن جي خريد ڪرڻ جا ٽينڊر ٿيندا آهن ان ۾ هڪ ميمبر ڊپٽي ڪمينشر دادو جو نمائندو هڪ خزانا آفيس جو نمائندو هڪ ڊي ايڇ او آفيس جو نمائندو ۽ هڪ دادو سول اسپتال جو نمائندو شامل هوندو آهي سڀئي ميمبر گڏ جي جيڪي به دادو سول اسپتال کي دوائن جي گهرج هوندي آهي ان دوائن جو ٽينڊر اردو اخبار جنگ ۽ انگريزي اخبار ڊان ۾ شايع ڪرائيندا آهيون پنجن ڄڻن جي ڪاميٽي ٽينڊر ڪرائيندي آهي ان بعد ٽينڊر کوليا ويندا آهن مختلف ڪمپنيون ريٽ ڀرينديون آهن انهن ريٽن تي اسان غور ڪندا آهن ته ڪهڙي ڪمپني ڪهڙا ريٽ ڀريا آهن جانچ ڪندا آهيون ڪنهن گهٽ ريٽ ڀريا آهن جانچ ڪرڻ بعد ان کان پوءِ ٽينڊر منظور ڪندا آهيون گورنمنيٽ آف پاڪستان جي ريگيوليٽر آٿارٽي آهي اهي دوائون گورنمنيٽ آف پاڪستان وٽ رجسٽر ٿيل هونديون آهن انهن دوائن جي لسٽ سول سرجن ڏانهن موڪليندا آهيون ان کانپوءِ سنڌ پيپرا رول آهي ٽينڊر انهن ڏانهن موڪليا سين جن پنهنجي وي ويب سائٽ تي 8 ڏينهن ان لسٽ کي رکيو 8 ڏينهن بعد ان لسٽ کي هٽايو ويو ان بعد دوائن جو لسٽون سول سرجن جي حوالي ڪيو سين ان بعد ڪاميٽي جو ڪم پورو ٿيندو ويندو آهي پوءِ سول سرجن جو ڪم آهي اهي دوائون خريد ڪري جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي يا ڪنهن به ڪمپني کي اعتراز آهي ته اهو پنهنجو اعتراز داخل ڪرائي سگهي ٿو اسان وٽ جيڪي به دوائون آهن اهي گورمنيٽ آف پاڪستان کان رجسٽر ٿيل آهن اسان وٽ ٽيلي مڊيسن مشين آهي جيڪا مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي هن وقت بهترين ڪنڊيشن ۾ موجود آهي ٽيلي مڊيسن مشين سنڌ جي 14 ضلعن ۾ موجود آهي جن ۾ دادو ضلعو به شامل آهي ٽيلي مڊيسن مشين کي آپريٽ ڪرڻ سرڪار جو ڪم آهي جيڪا بند ٿيل آهي شهرين جي احتجاجن ۽ الزامن ۽ جيڪي شڪايتون ڪن ٿا ان جا جواب توهان جي سامهون آهن دادو اسپتال جو سول سرجن ڊاڪٽر وزير لنڊ چوي ٿو ته دادو شهر اندر وڏي ۾ وڏي سرڪاري سول اسپتال آهي جتي ٽن ضلعن دادو نوشهرو ڄامشورو۽ لاڙڪاڻي جي غريب عوام پنهنجي مفت علاج لاءِ پهچي ٿي آءَ 24 ڪلاڪ آن ڪال رهان ٿو آءِ رات ڏينهن اسپتال جي مختلف شعبن ۾ پهچي نگراني ڪندو آهيان اسان وٽ 7 ايمبولنسون موجود آهن جيڪي هر وقت اسپتال ۾ موجود هونديون آهن ان کانسواءِ انساني جانيون بچائندڙ دوائون ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ ناگ جو ڪکڻ جو دوائون دل جي مريضن سميت معصوم ٻارن جي مختلف بيمارين جون دوائون دادو سول اسپتال ۾ هر وقت موجود هونديون آهن جيڪي هر روز مريضن کي مفت ڏنيون وڃن ٿيون دادو سول اسپتال ۾ انساني جانيون بچائيندڙ دوائن جي کوٽ بلڪل نه آهي اسان وٽ اهي دوائون موجود آهن جيڪي گورنمينٽ آف پاڪستان کان منظور ٿيل هونديون آهن اسان وٽ هڪ گائيناڪالاجسٽ ڊاڪٽر آهي جيڪا هر روز ڪيترائي آپريشن ڪري ٿي جڏهن ڪو ڪيس ڊاڪٽر جي وس کان ٻاهر هوندو آهي ته پوءِ سنڌ جي وڏين اسپتالن حيدرآباد نواشاهه لاڙڪاڻو ريفر ڪندا آهيون ته جئين مريض کي صحيح صحت جون سهولتون ملي سگهن ۽ انساني جان بچي سگهي اسان کي صحت کاتي پاران مريضن جي کاڌ خورڪ لاءِ ساليانا 11لک ملن ٿا جيڪرحساب ڪيون ٿا ته هڪ مريض کي کاڌي لاءِ سرڪار پاران صرف 15 کان 16 روپيا ملن ٿا هن مهانگائي واري دور ۾ چانهه جو ڪوپ به 15 کان 16 روپين ۾ نه ٿو ملي جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران جيل جي في قيدي لاءِ 150 روپيا هر روز ڏنو وڃي ٿو سو آءِ مشڪل سان اسپتال جي مريضن کي هڪ وقت جو کاڌو فراهم ڪيان ٿو جيڪو بهترين ۽ معياري آهي اسان جي اسپتال اندر ٻارن جي وارڊ جي تعمير نه ٿي سگهي آهي اسپتال جي هڪ وارڊ کي ٻارن جي علاج لاءِ سيٽ ڪيو آهي آءِ ٻارڙن جي ورڊا لاءِ سنڌ جي صحت کاتي کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي دادو شهر اندر مختلف وقتن ۾ 8 8 ڪلاڪ به اڻ علانيل لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي پر اسپتال اندر لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر هلندو رهندو آهي ته جئين مريضن کي ڪنهن قسم جي ڪا به تڪليف نه ٿئي شهر اندر پرائيوٽ ليباٽرن تي مختلف ٽيسٽن جا سوين روپيا وصول ڪيا وڃن ٿا پر دادو اسپتال ۾ مختلف ٽيسٽن جي رقم تمام ٿوري ۽ مناسب ورتي وڃي ٿي جيڪا سڀني کي خبر آهي ٽيسٽن جي گڏ ٿيل رقم اسپتال اندر ايمرجنسي ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي منهنجي انسان دوست ماڻهن کي اپيل آهي ته اسان جي مالي مدد ڪن دادو شهرين کي اپيل آهي ته مون سان سهڪار ڪن جڏهن گڏجي ڪم ڪنداسين ته اسپتال اندر اڃا وڌيڪ بهتري ايندي عوام ضلعي جي عوام سڄاڳ ڌرين جو مطالبو رهيو آهي ته دادو سول اسپتال سميت جوهي سول اسپتال ميهڙ، خيرپور سول اسپتال کي ڪوس گھر بدران صحت بخشيندڙ سرڪاري اسپتالون بڻائي عوام سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ڪيون وڃن ته جيئن وقت جي حڪومت جي عوام وٽ هميشه لاءِ ساراهه ٿي سگھي غريب بي پهچ مريض جيڪي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽرن تي علاج ڪرائڻ جي سگھ نه رکندڙن آهن انهن لاءِ ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ بنافرق جي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگھن ۽ عوام سان بنا فرق جي انصاف ٿي سگھي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *