”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ مهم ؛محمد يوسف ڪابورو

سنڌ جي بلديات کاتي پاران پوري صوبي ۾ ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ مهم زور شور سان جاري آهي. پهرين اها مهم صرف هڪ هفتي لاءِ هئي، جيڪا 23 فيبروري 2015 تي شروع ٿي 2 مارچ 2015 تائين ختم ٿيڻي هئي. هن مهم جو بنيادي تصور اهو آهي ته صاف سٿرو ۽ سرسبز سنڌ هڪ پرامن سنڌ جي ضمانت هوندو، ڇو ته ماڻهن کي جيڪڏهن صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو وڃي، جيڪو ماحولياتي آلودگي کان پاڪ هجي ته ماڻهو ذهني طور تي خوشي ۽ آرام محسوس ڪندا ۽ منفي خيالن کان پري رهندا.

هي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت ان لاءِ محسوس ڪئي وئي ته سنڌ جا بلدياتي ادارا جيڪي پنهنجون ذميواريون پوري نه ڪري رهيا هئا، بلدياتي ادارن جي تباهي ۽ خراب ڪارڪردگي جا ڪافي سبب آهن، پر سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ ضلعي حڪومتن جي نظام بلدياتي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڪجهه حلقا اها پروپيگنڊا ڪن ٿا ته ضلعي حڪومتن جي نظام ۾ بلدياتي ادارن گهڻو ڪم ڪيو آهي. ان پروپيگنڊا ۾ ڪابه صداقت نه آهي، اهو ٺيڪ آهي ته صوبائي حڪومتن جا سمورا فنڊز بلدياتي ادارن کي ڏنا ويا پر اهي فنڊز ڪجهه ته استعمال ٿيا، پر وڌيڪ خردبرد ڪيا ويا. ضلعي حڪومت جي نظام تحت بلدياتي ادارن جي آڊٽ ۽ مالياتي احتساب جو ڪوبه نظام نه هو. ان ڪري اهي ادارا تباهه ٿي ويا. انهن ادارن ۾ سياسي بنيادن تي ضرورت کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ملازمن جي تعداد 13800 آهي جڏهن ته ان اداري جي ضرورت چوٿائي کان به گهٽ ملازمن سان پوري ٿي سگهي ٿي. بلديه عظميٰ ڪراچي (ڪي ايم سي) جي ملازمن جي تعداد 25000 کان وڌيڪ آهي، جيڪو اداري جي وسيلن ۽ ضرورت کان ڪافي وڌيڪ آهي. اهڙي طرح يونين ڪائونسلن ۾ جتي چار ملازمن جي ضرورت آهي اتي 50، 50 ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته بلدياتي ادارن جا سمورا وسيلا پگهارن جي مد ۾ خرچ ٿيڻ لڳا آهن. ڪجهه بلدياتي ادارن ۾ ته پگهارون انهن ادارن جي آمدني کان به وڌيڪ آهن. ڪيترن بلدياتي ادارن ۾ ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي جو به مسئلو آهي. انهن بلدياتي ادارن وٽ ترقياتي اسڪيمون ۽ روزمره جي صفائي وغيره لاءِ ڪابه رقم نه بچي هئي. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيل ماڻهو پنهنجي ڊيوٽي تي ناهن ايندا ۽ اهي پگهارن وٺڻ جي باوجود به ڪم ناهن ڪري رهيا. جنهن ڪري بلدياتي ادارن کي روزانه جي بنيادن تي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي اهو به ناهي ٿي رهيو. اهي ادارا مڪمل طور تي تباهه حالي جو شڪار آهن.

ڄاڻايل حقيقتن کي سامهون رکندي ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنڌ جي بلديات ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ان جي بلديات کاتي جي ٽيم هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي آهي جنهن جي تحت صاف سٿرو ۽ پرامن سنڌ جي خواب جي تعبير حاصل ڪري سگهجي. ان حڪمت عملي جا بنيادي نڪتا هيٺ ڏجن ٿا:

1)                 بلدياتي ادارن جي موجوده وسيلن ۽ افرادي قوت کي استعمال ۾ آڻيندي صفائي جي مهم وڏي پيماني تي شروع ڪئي وئي آهي ۽ انهن ماڻهن کان ڪم ورتو پيو وڃي، جيڪي ڪم نه ڪندا هئا. صوبائي وزير بلديات ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ ان صفائي مهم جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ اندرين سنڌ جي ٻين شهرن، ڳوٺن جو پاڻ دورو ڪري رهيو آهي. هو رات ڏينهن مهم جي مانيٽرنگ ۾ مصروف رهي ٿو ۽ اوچتا دورا ڪري ٿو.

2)                 سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻڪاري جي مهم وڏي پيماني تي شروع ڪئي وئي آهي. پهرين مرحلي ۾ پوري صوبي ۾ 6 لک ٻوٽا لڳايا ويندا. انهن مان هڪ لک 10 هزار ٻوٽا صرف ڪراچي ۾ لڳايا ويندا. ان کان پوءِ هر مهيني صوبي ۾ 6 لک ٻوٽا لڳايا ويندا. وڻڪاري جي ان مهم جو مقصد اهو آهي ته اسان جي شهر، پاڙا، ڳوٺ، رستا پارڪ ۽ ٻيا تفريحي هنڌ سرسبز نظر اچن.

3)                 بلدياتي ادارن کي تباهه حالي کان ڪڍڻ ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه سخت فيصلا به ڪيا ويا آهن ته جيئن اهي ادارا نه صرف بحال ٿي سگهن بلڪ مستقبل ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مستقل بنيادن تي مظاهرو ڪري سگهن. مثال طور

(الف): بلدياتي ادارن جي انتظامي ۽ مالياتي معاملن جي نگراني جا اختيار لاڳاپيل ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي سونپيا ويا آهن، کين اهي به اختيار ڏنا ويا آهن ته ڪم نه ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪن. جيڪڏهن ضرورت پوي ته کين نوڪري کان به ڪڍيو وڃي. ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ منصوبابندي جا به ذميوار هوندا. بلدياتي ادارن جي خرچن لاءِ ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز جي اجازت ۽ مشاورت به ضروري هوندي. مهم جي مسلسل نگراني لاءِ ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ مانيٽرنگ ڪميٽيون به جوڙيون ويون آهن.

(ب) اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، ڪي ايم سي، ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز، ڊسٽرڪٽ ڪونسلز، ٽائون/ تعلقا ميونسپل ايڊمنسٽريشنز، ميونسپل ڪارپوريشنز، ميونسپل ڪميٽيز، ٽائون ڪميٽيز، يونين ڪائونسلز سميت سمورن بلدياتي ادارن جي ملازمن کي پگهارون هاڻ سنڌ بئنڪ جي ذريعي ادا ڪيون وينديون. انهن ملازمن جا اڪائونٽس بائيو ميٽرڪ تصديق کان پوءِ کوليا ويندا. جن ملازمن جا اڪائونٽس نه هوندا انهن کي پهرين اپريل کان پگهارون نه ملنديون. ان حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ 75 هزار ملازمن جا اڪائونٽس کوليا ويندا.

(ج) گوسڙو ملازمن کي برطرف ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو.

(د) بلدياتي ادارن جي ايڊمنسٽريٽرز ۽ ٽائون ميونسپل آفيسرز کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجن ملازمن جي حاضري کي يقيني بنائين. هر بلدياتي اداري ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم به لڳايو ويندو. ملازم صبح ايندي ۽ واپس ويندي آڱوٺو لڳائيندا ته جيئن سندن اچڻ ۽ موڪل جو ريڪارڊ موجود هجي.

(ر) بلدياتي ادارن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجن خرچن جو هر بل ويب سائيٽ تي وجهن ته جيئن پوري دنيا کي اها خبر پئجي سگهي ته ان جا خرچ ڪهڙي مد ۾ ٿيا آهن. پهريان ان جو ڪوبه آڊٽ يا مالياتي احتساب نه هو ۽ اها خبر نه پئجي سگهندي هئي ته پئسا ڪيڏانهن هليا ويا.

(س) سمورن بلدياتي ادارن جي سربراهن، آفيسرن ۽ ملازمن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو يا ته ڪم ڪن يا وري گهر هليا وڃن.

(4)          ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ پبلڪ شڪايتي سيل به قائم ڪيا ويا آهن. بلديه عظميٰ ڪراچي لاءِ سيل نمبر 1339 آهي، شهري 24 ڪلاڪ پنهنجي علائقي جي بلدياتي مسئلن بابت شڪايتون ڪرائي سگهن ٿا. اهو سيل انهن شڪايتن کي لاڳاپيل بلدياتي ادارن وٽ موڪليندو ۽ اهي ادارا ان شڪايتن جي ازالي جا پابند هوندا. سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهڙي طرح جا شڪايتي سيل قائم ڪيا ويندا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڻ انهن شڪايتي مرڪزن جي مانيٽرنگ ڪندو ۽ روزانو جي بنياد تي ان ڳالهه جو به جائزو وٺندو ته ڪيترين شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي.

(5)          پوري صوبي ۾ سرڪاري ادارن جي زمين، پارڪن، راند جي ميدانن، گرين بيلٽس وغيره تي ناجائز ۽ غيرقانوني قبضن جو خاتمو به هن مهم جو حصو آهي. اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته غيرقانوني شادي هالن، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن ۾ قائم آفيسن جو به خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوبه سياسي دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي. صوبائي وزير آفيسرن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو غيرقانوني قبضو قائم ڪندڙ ان جو نالو وٺي ته سڀ کان اڳ ۾ ان جي قبضي کي مسمار ڪيو وڃي.

هن مهم سان نه صرف سنڌ کي صاف ۽ سرسبز بڻائي سگهجي ٿو بلڪ ماڻهن کي هڪ پرامن ماحول به ميسر ٿيندو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته بلدياتي ادارن ۾ ماضي ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن کي فعال ۽ موثر بڻائڻ ۾ به مدد ملندي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنڌ جي سمورن سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن ۽ چونڊيل ميمبرن کان تعاون جي اپيل ڪئي آهي. هن اپيل تي مثبت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ ماڻهو وڌ ۾ وڌ ان مهم ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *