30 جنوري جي ڏهاڙي هڪ ڌماڪي هر دل ۽ روح کي ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو…شڪارپور جي امام بارگاهه تي خودڪش ڌماڪي سبب 50 کان مٿي ماڻهو شهيد ٿي ويا.
شڪارپور تي مان ڇا لکان…؟ اهو شهر جنهن جي هنج ۾ مان جنم ورتو، ان جي هر گهٽي ۽ رستن سان هڪ اڻ ٽٽ رشتو آهي. مون کي اڄ به ياد پيو اچي، جڏهن منهنجي امي، اسان کي شڪارپور جي تاريخ ٻڌائيندي هئي. شڪارپور کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي…؟
شڪارپور شهر کي الوداع چوندي مان ٻيهر واپس مُڙي ڏسڻ جي ڪڏهن به خواهش نه ڪئي پر ڪنهن سچ ئي چيو آ ته ”جنم ڀومي جون هوائون هڪ نه هڪ ڏينهن توکي سڏ ڏينديون…پوءِ ڇا تون ان کي اڻ ٻڌو ڪندين؟“
ان وقت هي سٽون پڙهندي، مان ايترو ضرور چيو هو ته جذباتي نه ٿيڻ گهرجي ۽ زندگي کي اڳتي هلڻو پوندو آهي، اسان صرف تصوراتي دنيا ۾ نه ٿا رهي سگهون، شايد مان ڪٿي غلط هوس ڇو ته شڪارپور تي ٿيل ڌماڪي منهنجي اندر کي ڌوڏي ڇڏيو…۽ پنهنجي اسٽيڊي واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪري امي کي چيو ته شڪارپور ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.
ميڊيا جي دنيا مان خبرون اينديون رهيون، ان دوران مان صرف امي ڏانهن ڏٺو، امي غمزده هئي…غم ۽ درد هر ان ڌماڪي تي ٿيندو آهي، جيڪو معصوم زندگيون کسي وڃي ٿو، پشاور سانحي کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟ جنهن اسان کي گهرو گهاءُ ڏنو.
اڃان پشاور سانحي مان ٻاهر نڪتا ئي نه هُئاسين جو شڪارپور جي ڌماڪي اسان کي ٻيهر واپس زور سان ڌڪ هڻي غم جي دنيا ۾ موڪلي ڇڏيو.
هر وقت ڪوشش ڪندي پاڻ کي سنڀاليون ٿا پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي وري اسان سڀني کي غم جي راهه تي بيهاريو وڃي ٿو.
آخر دانهين به ٿيون ته ڪٿي ٿيون؟ اسان جي دانهن ڪير ٻڌندو؟ شڪارپور جي رستن تي ماتم ڪندڙن کي ڪنهن ٻڌو؟ هڪ ڌماڪي ڪيتريون زندگيون کسي ڇڏيون…پر اهو هڪ ڌماڪي نه هو.
ان ڪيترائي چهرا وائکا ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي کان وٺي وفاقي حڪومت مسلم ليگ ن جي پيش ڪيل قومي ايڪشن پلان جي پت وائکي ڪئي ته اهي ڪيترا سنجيده آهن.
شڪارپور کي ٽارگيٽ ڇو ڪيو ويو؟ شڪارپور تي پهريون حملو نه هو، ان کان اڳ به حملا ٿي چڪا هئا، ان وقت حڪومت ڪٿي هئي؟ شڪارپور ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي پارليامينٽرين ۽ قومپرست پارٽيون، چپ جو روزو رکي وٺيون آهن؟انهن سڀني جي وڏي مهرباني جيڪي شڪارپور سانحي تي ٻه لفظ ڳالهائڻ آيا ۽ حڪومت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ان جو جيترو ٿورو لاهجي گهٽ نه ٿيندو، ڪميٽي جوڙي وئي آهي، شهيدن لاءِ معاوضو به ڏيڻ جي اعلان ڪيو ويو.اهو ئي شڪارپورين کي گهرجي! يقينن شڪارپور جي شهر کي ٻه ڏوڪڙ نه گهرجن، شڪارپور شهر جي ڪلهي تي آيل جنازي لاءِ سکڻا ٻه لفظ به نه گهرجن. شڪارپور انهن سڀني کان جيڪڏهن ڪجهه گهري ٿي ته ايمانداراڻي حڪمت عملي ۽ جرئتمندي سان ڳالهائڻ، آخر امام بارگاهه تي ٿيل حملي جا پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟جندالله بندش پيل تنظيم ذميواري قبول ڪئي آهي. جنهن مان ظاهر پيو ٿئي ته اهي دهشتگرد اچي رهيا آهن ۽ انهن کي ڪو نه ڪو پناهه ڏئي پيو. اها پناهه ڪٿي ملي رهي آهي؟اسان سڀئي ايترا ساده به ناهيون جو ڪنهن کي خبر ئي نه هجي ته پناهه ڏيندڙ ڪهڙا آهن، مدرسن جي ڇانوَ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو پيو اچي، ان جي سڀني کي خبر آهي، هاڻي اها ڳالهه ڪا ڍڪيل ناهي جو ڪير به مڃڻ کان انڪار ڪري.معصوم ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ مدرسن ۾ موڪلي والدين پنهنجي ذميواري کي پورو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن پيا. اهي پنهنجي ٻچن کي ڪهڙو مستقبل ڏين ٿا؟شڪارپور ۾ ڌماڪي سنڌ جي صدين واري صوفي /ڀڳتي ازم تي سوال اُٿارڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي.ڇا مان هندو نارين جي اغوا ٿيڻ واري ڪيسن کان وٺي لکندي نه آيس ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي ڪمپني ٺاهي پئي وڃي ان جا اصل ڪردار ٻاهر کان آيل ماڻهو آهن، جن کي خاص طور تي اتر سنڌ ۾ رهايو پيو وڃي. انهن کي ڪير ٿو رهڻ جي اجازت ڏئي؟اهو سوال حڪومت کان ڪرڻ گهرجي، اهي جيڪي جذباتي بيان ڏئي هڪ ڏينهن جا شهزاده ٿي ويندا آهن پر انهن جا جذباتي بيان صرف بيان ئي هوندا آهن. اهي مسئلي جو حل ناهن، شڪارپور ڌماڪي کانپوءِ سنڌين کي سوچڻو پوندو ته اهي ڪٿي بيٺل آهن؟شڪارپور جي ديوي!جنهن جي سامهون هر شهري هڪ جهڙو آهي اها مذهب ۽ ذات پات جي بنياد تي فرق نه ٿي رکي. ان جي جهول ۾ معصوم زندگين جا لاش ڏنا ويا. اسان اهو نه ٿا چئون ته شڪارپور جي غم ۾ ڪير شريڪ ڇو نه ٿيو … اسان ته اهو به سوال نه ٿا ڪيون، ملڪ جو وزيراعظم نواز شريف صاحب آخر ٻه پير ڀري شڪارپور ڇو نه آيو ۽ نه ئي دانهن ڪنداسين ته قومي ميڊيا کي آخر توهان يونيورسٽي جي افتتاح کي ڪوريج ڏني پر شڪارپور جيڪا ان وقت ماتم ڪندي پنهنجا جنازه کڻي رهي هئي، ان کي ڏيکارڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي وئي.شڪارپور جي ڪلهي تي آيل جنازه، انسانن جا جنازه نه هئا؟ ڇا انهن جي لاءِ ٻه لفظ به ناهن…! هڪ لاش تي هڙتال ڪرڻ واجب ۽ جيڪڏهن 50 کان مٿي لاش کڻو پوءِ ڇا انهن سڀني جو حق ناهي ته اهي به پوءِ احتجاج ڪن؟اسان وٽ چيو ويندو آهي ته خوشي ۾ ڪير شريڪ ٿيو، ان ڳالهه جي ڪا اهميت ناهي پر غم ۾ ڪير لڙي آيو، اها وڏي اهميت واري ڳالهه آهي.
۽ شڪارپور جي ديوي جي غم ۾ ڪير لڙي آيو، اهو جي اکين ڏٺو.
اڄ ديس جون گهٽيون خاموش آهن،
هوائن به گيت ڳائڻ ختم ڪري ڇڏيو،
جنهن ديس جي گهٽين مان پنهنجن پيارن جا جنازن اُٿن،
اتي هر شيءِ خاموش ئي ٿي ويندي آهي
پر ها! اکين مان لڙڪ وهندا رهندا،
شڪارپور جي ديوي،
پنهنجين اکين مان لڙڪ نه روڪي سگهندي،
پر اها پنهنجي محبوب کي به ڪين روڪي سگهي،
جيڪو هاڻي مٽي جي چادر اوڙهي،
موڪلائي ويو….!
ڪيتريون نه رڙيون ڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
پر اُن جي حصي ۾ صرف لاش آيو. (هلينا)
شڪارپور شهر ماتم ڪري پيو پر ڪير دلاسو ڏيڻ وارو به ناهي …! شهر جي دل پوري غم سان ڀريل آ، شايد ڪا وڏي رڙ ڪري پنهنجي پوري غم کي ٻاهر ڪڍڻ چاهي به ته ڪٿي وڃي روئي…؟
هي غم جي راهه ڪٿي ختم ٿيندي؟ ان جي ڪا به خبر ناهي. حڪومت جنهن واعدو ڪيو هو ته اها دهشتگردن کي ختم ڪندي، بس انهن کي ايترو ٻڌائي اچو ته شڪارپور جي ديوي جي جهول ۾ شڪارپورين جا لاش ڏنا ويا آهن…اهو سڀ ڪجهه بندش پيل دهشتگردن ڪيو، جيڪي حڪومت جي قومي ايڪشن پلان جي موجودگي ۾ معصوم انسانن کي شهيد ڪري ويا.
عوام پنهنجن پيارن جا جنازه کڻي چڪي آهي پر حڪومت پنهنجي قومي ايڪشن پلان جي ئي ٿورو گهڻو مانُ رکندي ان تي عمل ڪرائي.
شڪارپور يا پشاور سانحو هجي، ان ۾ معصوم زندگيون دهشتگردي جي نظر ٿي ويون.
دهشتگردن جي من ۾ ڇا آهي؟ انهن جي دلين تائين ماتم ڪندڙ آواز ڇو نه ٿا پهچن؟ انسانن کي قتل ڪري، رت جي ندي وهائي آخر ڪير ڪيئن ٿو ساهه کڻي سگهي؟
انسانن کي خدا جي گهر ۾ قتل ڪري، اُهي ڪهڙي دنيا جوڙيندا؟
وڌيڪ ڇا لکجي…لفظ ۽ اندر ۾ غم سان ڀريل دل ايترو ئي چوي ٿي ته ڌرتي تي اڃا ڪيترن بيگناهه انسانن جا لاش ڪرايا ويندا…اڃان ڪيترا ڪفن زندگي کي پارايا ويندا…ڪيستائين مائرن جي جهول کي خالي ڪري، ڪوئي سڪون جي ننڊ سمهي سگهي ٿو؟