شهيد ڀٽو جو دور جاري آهي….!؛سيد قائم علي شاهه (وزيراعليٰ سنڌ)

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو شمار انساني تاريخ جي انهن اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي دور جي عوام جي رهنمائي ڪندا هئا ۽ بعد جي زماني ۾ به پنهنجي قبر مان اڳواڻيءَ جو فرض ادا ڪندا رهن ٿا.ان جو سبب اهو آهي ته اهڙن اڳواڻن جو ادراڪ تاريخ جي ڪنهن هڪ دور تائين محدود نه هوندو آهي ۽ انهن جي عمل جو دائروڪنهن هڪ زماني تائين محدود ناهي هوندو،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان ادراڪ سان حياتي گذاري ۽ پنهنجي موت جي چونڊ ڪئي.هن شايد ان لاءِ آئين منصوري مطابق اهو اعلان ڪيو هو ته “.کيس هڪ آمر جي هٿان مرڻ قبول آهي، تاريخ جي هٿان مرڻ قبول ناهي.”

“موسم آيا تو نخلدار په مير

سري منصور هي ڪا بار آيا”

پاڪستان کي هڪ حقيقي خودمختيار، خوشحال ۽ پرامن رياست بنائڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي خارجي ۽ داخلي محاذن تي پاليسيون ڏنيون، سندس شهادت جي 45 سالن کانپوءِ به اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي ته جڏهن به شهيد ڀٽو جي پاليسين تي عمل ڪيو ويو ته پاڪستان بحرانن مان نڪري آيو ۽ جڏهن به سندس پاليسين جي خلاف ورزي ڪئي ويئي ته پاڪستان خوفناڪ بحرانن جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو. اڄ پاڪستان جي حالتن جو تجزيو ڪيو وڃي ته ٻن جملن ۾ انهن حالتن کي هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل سان پاڪستان جو بحران شروع ٿيو ۽ اهو بحران انهي صورت ۾ ختم ٿيندو، جڏهن هتي ڀٽو مخالف مائينڊ سيٽ جو انت ايندو.

صرف پاڪستان ئي نه پر پوري دنيا جون سامراج مخالف قوتون شهيد ڀٽو کي پنهنجو رهبر تصور ڪن ٿيون. شهيد ڀٽو دنيا جي مظلوم قومن ۽ ڏتڙيل طبقن جو محبوب ليڊر ان وقت پنهنجي پاڻ کي مڃرائي ورتو هو، جڏهن اڃا هن پنهنجي سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي به قائم نه ڪئي هئي. هن پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي پنهنجي نظرين مطابق دنيا جي سياست تي اثر انداز ٿيڻ جي حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي.حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هن فوجي آمر ايوب خان جي ڪابينا ۾ شامل ٿي پاڪستان جي نئين پرڏيهي پاليسيءَ جو بنياد رکيو ۽ پاڪستان جي اصل حڪمرانن جي مرضيءَ جي خلاف پاڪستان کي سامراجي ملڪن جي صف مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان آفريڪا ۽ ايشيا جي عوام کي سامراجي تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ عالمي اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا هن جي ان ڪردار کي تسليم به ڪيو. هڪ مرحلي تي مصر جي صدر جمال عبدالناصر شهيد ڀٽو کي خط لکيو ته “ توهان ايشيا ۽ آفريڪا جي عوام جون قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون آهن.  آئون انهن جو دل جي گهرائيءَ سان قدر ڪيان ٿو. توهان جي نظرين ۽ خيالن جو مداح آهيان، توهان منهنجي دعوت قبول فرمايو ۽ مصر ۾ اچو،اسان توهان جي ميزباني ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪنداسين.” ان خط جي جواب ۾ شهيد ڀٽو صدر ناصر کي خط لکيو ته “ منهنجي حڪومت منهنجي خلاف آهي، منهنجي ان طريقي سان ميزباني ڪرڻ سان ممڪن آهي ته حڪومت ڪو غلط تاثر وٺي.” ان تي مصري صدر جمال عبدالناصر هڪ ٻيو خط لکيو، جنهن ۾ چيو ته “ مون کي پرواهه ناهي، مان هڪ قومپرست رهبر لاءِ هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهان ٿو.” اهڙي طرح شهيد ڀٽو پنهنجي پرڏيهي دورن جي شروعات ڪئي ۽ دنيا جي حالتن تي پنهنجو تجزيو پيش ڪري آفريڪا ۽ ايشيا ۾ هلندڙ آزادي ۽ سامراج دشمن تحريڪن کي قوت بخشي. عالمي طاقتن کي به اهو احساس ٿي چڪو هو ته ڀٽو ايوب خان جي ڪابينا جو صرف هڪ وزير ناهي پر هڪ عظيم عالمي انقلابي اڳواڻ آهي. تنهن ڪري عالمي طاقتن جي دٻاءُ تي شهيد ڀٽو کي وزارت تان برطرف ڪيو ويو، ان برطرفيءَ تي زبردست عالمي رد عمل آيو،نالي واري برطانوي فلسفي ۽ تاريخدان برٽرينڊ رسل عالمي اڳواڻن کي شهيد ڀٽو جي برطرفي تي احتجاجي خط لکيا.

برما جي جنرل ني ون جي نالي خط ۾ برٽرينڊرسل لکيو ته “ مون کي نڪروما، صدر سوئيڪارنو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻن تي آمريڪي دٻاءُ تي سخت ڳڻتي آهي. رسل روزاني اخبار “اسپيڪٽيٽر” کي 15 آگسٽ 1966ع ۾ هڪ خط لکيو ته “ اولهه جي مفاد پرست سياست عوام جي امنگن سان سرشار اڳواڻن کي پنهنجي انتقام جو نشانو بڻائڻ چاهي ٿي، جيڪي آفريڪي ۽ ايشيائي استحڪام ۽ خودمختار پاليسين جا خالق آهن………… ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي خودمختيار پرڏيهي پاليسيءَ جو معمار آهي، کيس وزارت تان الڳ ڪيو ويو آهي، ڀٽو کي اهڙي نموني هٽائڻ ان ملڪ جي مستقبل لاءِ عظيم خطرو آهي.” اهڙي طرح هن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن کي شهيد ڀٽو جي عظيم ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهڙن عظيم ليڊرن کي سامراجي طاقتن جي قۡهر کان بچايو وڃي.

هڪ مرحلو اهڙو به آيو، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهو محسوس ڪيو ته عالمي طاقتون ۽ پاڪستان جا مقتدر حلقا سندس ارادن کان واقف ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي آزاد پاليسين ٺاهڻ ۾ کين وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ نه ڏيندا ته هن عوامي سياست جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. هي هڪ اهڙي سياسي جماعت هئي، جنهن پاڪستان جي عوام کي پنهنجي حقن جي جدوجهد جو هڪ منظم پليٽ فارم ڏنو ۽ کين متحرڪ ڪري سندن ناتو دنيا جي ٻين انقلابي، جمهوري ۽ آزاديءَ جي تحريڪن سان جوڙيو، شهيد ڀٽو نه صرف پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو معمار هو، پر هو پاڪ – چين ناتن جو باني به هو. انهن تعلقاتن سبب پاڪستان کي آزاد پاليسي ٺاهڻ ۾ مدد ملي.

شهيد ڀٽو پاڪستان سميت ٽين دنيا خاص طور تي افريشيائي (آفريڪا ۽ ايشيا) جي ملڪن، ترقي پذير ۽ غير وابسته تحريڪ سان جڙيل ملڪن جي خودمختيار قومي پرڏيهي پاليسين ٺاهڻ لاءِ صف بندي ڪئي ۽ ان لاءِ کين اندروني سلامتي، مضبوطي ۽ معاشي ترقيءَ جو روڊ ميپ به ڏنو ته جيئن ان تحريڪ ۾ هي ملڪ اندروني طور تي مضبوط ٿين ۽ سامراجي قوتن جو مقابلو ڪري سگهن. ان روڊ ميپ مطابق ذوالفقار علي ڀٽو اندروني محاذ تي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. شهيد ڀٽو کي انهن حالتن ۾ پاڪستان کي سنڀالڻ جو موقعو مليو، جڏهن عالمي طاقتون پنهنجي مفادن جي تڪميل لاءِ پاڪستان تي ڪارو وارُ ڪري چڪيون هيون ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪڙا ڪيو ويو هيو،شهيد ڀٽو پاڪستاني فوج کي نئين سر منظم ڪيو ۽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو دفاعي صنعتون نه صرف قائم ڪيون پر کين مضبوط به ڪيو، شهيد ڀٽو پاڪستان کي جوهري طاقت بڻائڻ لاءِ اهڙا منصوبا شروع ڪيا، جن کي ڪوبه رول بيڪ نه ڪري سگهيو،اڄ پاڪستان شهيد ڀٽو جي ڪري دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين جوهري طاقت آهي. شهيد ڀٽو پاڪستان کي هڪ صنعتي ملڪ بڻائڻ لاءِ به پنهنجو هڪ عظيم پروگرام جي شروعات ڪئي. پاڪستان اسٽيل مل سندس ان دور انديشيءَ جو هڪ وڏو مثال آهي، هن زرعي صنعت کي خاص طور تي واڌارو ڏنو، شهيد ڀٽوپاڪستان ۾ انفراسٽريڪچر جي تعمير لاءِ به وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا ۽ هڪ جديد پاڪستان جو بنياد رکيو. انهن رٿائن جي تفصيل هنن سٽن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي عوام کي هڪ قوم جي حيثيت سان سڃاڻپ ڏني ۽ سڀ کان پهرين قومي سڃاڻپ ڪارڊ متعارف ڪرايو، هن سياست ۾ ايمانداري، خدمت ۽ قربانيءَ جي عظيم روايتن کي به واڌارو ڏنو. شهيد ڀٽو استحصال جي هر صورت جي انت لاءِ انقلابي منشور ڏنا، هن سياست ۾ ڪرپشن ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ جا سڀئي رستا بند ڪيا، شهيد ڀٽوعوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا، شهيد ڀٽو پاڪستان کي هڪ وفاقي پارلياماني جمهوري آئين ڏنو ۽ وفاق جي خودمختياريءَ جي احساس ۽  محبت جي جذبن ۽ اطمينان کي مضبوط رشتن ۾ جوڙي ڇڏيو.

شهيد ڀٽي جو فلسفو هو ته ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اندروني استحصالي نظام کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، شهيد ڀٽو پاڪستان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ان کي ڏسندي ڪنهن جي اها ڳالهه درست ثابت ٿئي ٿي ته “ جيڪر ننڍين ۽ ترقيءَ پذير قومن جا معاملا صحيح طور تي طئي ڪيا وڃن ته اهي طاقت جو سرچشمو ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ اهڙي صورت ۾ وڏيون طاقتون نه ته کين پنهنجو غلام ٺاهي سگهن ٿيون ۽ نه ئي کين پنهنجي دائري جي اثر ۾ شامل ڪري سگهن ٿيون.” پاڪستان اهڙي مرحلي تي پهچي چڪو هيو، جڏهن اهو خود طاقت جو سرچشمو بڻجي رهيو هو ۽ وڏين طاقتن جي اثر مان به نڪري رهيو هيو.

اها ڳالهه وڏين طاقتن کي پسند نه آئي ۽ هنن شهيد ڀٽو کي پنهنجي ان غضب جو نشانو بڻايو جنهن جي باري ۾ برٽرينڊ رسل 1960ع جي ڏهاڪي ۾ خبردار ڪري چڪو هيو. 4 اپريل 1979ع تي هڪ عظيم سانحو نمودار ٿيو، جنهن مان پاڪستان اڄ تائين نڪري ناهي سگهيو، اڄ به هماليه رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، هر 4 اپريل اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ شهيد ڀٽو سان ٻيهر رجوع ڪيو وڃي ۽ سندس فڪر ۽ نظرين مان رهنمائي حاصل ڪئي وڃي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ڀٽو جي سياسي ورثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ اسان کي به پاڪستان جي حقيقي خودمختياري، خوشحالي ۽ امن لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جو وچن ڪرڻ کپي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *