شهيد ڀٽو جو آواز اڄ به زنده آهي؛تحرير: شمشاد قريشي (صدر پيپلز ليبر بيورو ڪراچي ڊويزن)

بيشڪ زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامز ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بنائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي ذوالفقارعلي ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو. هو ڪلهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي. هو ڪلهه به ظالم ۽ جابر قوتن سان وڙهندو رهيو ۽ اڄ به قوم جي هر غيور فرزند جي دل ۽ وجود مين موجود آهي. جڏهن جڏهن وطن تي وار ڪري اسان کي للڪاريندا آهن ۽ ڦورو بهانا ڪري عوام جا حق غضب ڪرڻ چاهيندا آهن. احتساب ۽ عدالت بي نام ٿي وينديون آهن. طاقت جي ذريعي عوام کي چيڀاٽيو وڃي ٿو يا نفرتن جا داڳ ۽ لڪيرو ڪڍي قوم کي ورهائيو وڃي ٿو. ته پوءِ ڏسندڙ اکيون ۽ ٻڌندڙ ڪن سراپا احتجاج بڻجي چوندا آهن ته ڀٽو ڪلهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي ۽ ڀٽو سڀاڻي به زنده رهندو.

لاڙڪاڻي جي مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي تعليم ۽ سياسي تربيت جو آغاز ڪجهه اهڙي طرح ٿي ته المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته ڊڄڻو صرف خدا جي ذات کان آهي باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. هن ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. اسلام ۽ اولهه مان ڄاڻ حاصل ڪئي. سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. ايستائين جو هن ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند شهرين ۾ ريڊيو ورهايا ته جيئن هو هر وقت قومي معاملن کان باخبر رهي سگهن.

پوءِ به جيڪڏهن پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌي طرف توجه ڏني. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪنهن فرق ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي ۽ مظلوم عوام لاءِ ببر شينهن هو. هُو هيو ئي ذوالفقار…..! جهالت ۽ گمراهي جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسندي کي عام ڪيو. هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول پيدا ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي. ان لاءِ ايوانن کي عزت ۽ وقار کي مرڪز بڻائي ڇڏيو. ملڪي تاريخ جي نشيب و فراز ۾ عالمي طاقتن جي رسا ڪشي ڪنهن کي ڳجهي ناهي؟ ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ بدترين خون خرابي جي شروعات افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي آمد ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ايران اندر شهنشاهيت جي خاتمي کانپوءِ اسلامي انقلاب ڪاميابي ماڻي. ان کانپوءِ مرحلن جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. ٿورو ماضي طرف وڃو جڏهن شهيد ڀٽو ڊالر جي پوڄارين، مذهب پرستن، رجعت پسندن ۽ درهم ۽ ريال جي غلامن کي للڪاريو. اهل عرب کي تيل جي صحيح استعمال جي دعوت ڏني. انهي دوران مفادن جي جنگ ۾ هڪ وڏي طاغوتي طاقت کي (شيطان بزرگ) سڏيو ويو. شهيد ڀٽو هر ڀيري پنهنجي قوم کي خبردار ڪيو. عالمي طاقتن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو ته پاڪستان اندر ذوالفقار علي ڀٽو جيستائين زنده آهي تيستائين هو پنهنجي عالمي مفادن کي حاصل نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري انهن فوجي جنتا ذريعي جمهوريت کي ختم ڪيو ۽ تاريخ جي هڪ ذلت ڀري فيصلي ۾ ان کي ڦاهي تي لٽڪا ويو. 1979ع جي اها ٻُٽ، اها گرمي، اهو ٻوسٽ، اهو ڊڪٽيٽر اها طاقت اسان کي ياد آهي جنهن ملڪي معيشت کي پامال، منشيات ۽ نسل پرستي کي عام ڪيو. پاڪستان قومي معيشت جي 28 سالن جو زوال انهن بدترين واقعن تي ٻڌل هيو. عظيم آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شهادت کانپوءِ سڄو ملڪ سراپا احتجاج بڻجي ويو. بعد ۾ عوامي ريلا 1983، 1986ع ۽ 2007 ۾ به ڏسڻ ۾ آيا، شروعات ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت سان ٿي.

شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي تي لڙڪايو ويو. هي تاريخ جو بدترين عدالتي قتل هو. پر اڳتي هلي تاريخ هڪ ٻئي گواهي ڏني. جڏهن 1988ع ۾ فوجي جنتا جي سربراهه ۽ ايشيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر پنهنجي انجام تي پهتو ۽ ائين ٿيو جو آسماني ڪتاب جو اهو فيصلو سچ ثابت ٿيو ته زمين جي خدائن جو انجام اهو ئي ٿيندو آهي. ان سانحي کانپوءِ شهيد جي ڌيءُ عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ڪري 1988ع ۾ اقتدار ۾اچي وئي. پر ظالمن، قاتلن، وحشين، درندن ان کي به قبول نه ڪيو ۽ انهي سوچ 27 ڊسمبر 2007 تي هن کي به سر عام شهيد ڪيو ويو. انهي دوران مان شهيد ڀٽو جي ٻن پٽن کي به اسان کان الڳ ڪيو ويو. ظاهري طور تي عالمي ڦورن ۽ انهن جي مقامي زرخريد ايجنٽ ان خودفريبي ڪئي ته اهي هاڻي خاموشي سان پاڪستان جي وسيلن کي لٽيندا ۽ ڦريندا رهندا. پر هاڻي شهيد بنت شهيد جو شهزادو بلاو ڀٽو ظالمن سان اکيون اکين ۾ ملائي مقابلو ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي امڙ جي قول کي سچو ثابت ڪري ڇڏيو، ته “جمهوريت ئي اصل بدلو آهي”.

شهادتن جي ان ڊگهي داستان جو مرڪز، محور اصل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو آهي. جنهن جي جانثاري جي ڪري ادارن جو قيام عمل ۾ آڻي اهو چيو ته محب وطن عوام ۽ باشعور شهري ئي هن ملڪ کي هلائيندا ۽ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جا سازشي ڄار ڇڄي پوندا.

اڄ وطن کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي شخصيت، ۽ ان جي نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي، اڄ جيڪڏهن 60 هزار قيمتي جانين جي شهادت کانپوءِ عالمي دهشتگردن ۽ ان جي ايجنٽ جو خاتمو ڪيو پيو وڃي ۽ دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳڀري رهي آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي انهن مڪروهه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي جيڪي هن بدترين دهشتگردي جا ذميوار آهن. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي ۽ شامي ۽ ڪوفي حڪومت جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها. سرڪش حڪمران قاتلن تي پردو رکيو جنهن جي ڪري اسان کي وڌ کان وڌ قرباني ڏيڻي پئي، ۽ شهيد ڀٽو جو رت اڄ به ڪفن مان پڪاري رهيو آهي انصاف انصاف ۽ انصاف

شهيد ڀٽو هاڻي به زنده آهي. پر موجوده حڪومت صرف پنهنجن کي نوازڻ خاطر ملڪي صنعتن ۽ دفاعي نوعيت جي اهم قومي ادارن کي پامال ڪرڻ چاهي ٿي. هر روز هڪ نئون ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي. لڳي ٿو ته تاريخ جا هي ستم گرملڪ کي پٿر جي دور ۾ ڌڪڻ چاهن ٿا. خبر نه آهي ته انهن کي شهيد ڀٽو جي سمورن آثارن ۽ ايجادن مان ايتري نفرت ڇو آهي؟ ڇو ته اهي حڪمران ڪجهه ٺاهي ته نه ٿا سگهن پر ختم ڪرڻ جا عالمي رڪارڊ رکن ٿا. قومي صنعتي ادارن، دفاعي ادارا انتهائي حساس نوعيت جا آهن.، انهن کي ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري بچائڻ ۽ وڌائڻ گهرجي. اڄ سڄي ملڪ جا مزدور پر عزم آهي ته هو پنهنجي جانين جو نذارنو ڏئي به شهيد ڀٽو جي نشانين، آثارن ۽ ايجادن کي بچائيندا. انهن کي اڄ به ان آئين سان محبت آهي جيڪو 1973ع ۾ آئين پاڪستان جي نالي سان قوم کي عظيم تحفي طور ڏنو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *