شاهه ٻيلو ۾ گذاريل ڪجهه گهڙيون ؛خالد ٻانڀڻ

ڪچي جا به پنهنجا رنگ آهن، دلفريب دل لڀائيندڙ وڻن جون قطارون ڪنهن محبوبا جي چڳ جيان لڳنديون، درياهه جا نانگ وانگر ور وڪڙ، ڪٿي پاڻي جا تيز وهڪرا، ڪٿي ماٺار، ٻٻرن جا گهاٽا وڻ، باهڻ، لئي، ڪنڊي جي وڻن جا نه کٽندڙ سلسلا اکين کي ايترو ته مزو ڏئي رهيا هئا جو من جي وادين ۾ ڄڻ بهار آئي هجي. ان ڏهاڙي سکر جي صحافي دوستن جنهن ۾ لالا اسد پٺاڻ، علي محمد شر، فقير جلال الدين ڀيو، محب چانڊيو، گل مهر، نادر خان، اسلم دايو، فريد سومرو، عزيز مهر، امداد بوزدار ۽ ٻين گڏجي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو گهمڻ لاءِ لانچ تي چڙهي روانا ٿياسين. درياهه جي سيرن کي ٻيڙي چيريندي الف ڪچو ۽ شاهه ٻيلو دنگ وٽ پهتي ته ڪچي جي انسائيڪلو پيڊيا جمال الدين عرف چاچو جمن مهر جيڪو هينئر 70 سال تي پهچي چڪو آهي،

ان کي کنيوسين، جيڪو هن عمر ۾ ڪچي جو بادشاهه ۽ درياهه بابت ڄاڻ رکندڙ آهي، جيڪو ٻيڙي ۾ ٻڌائيندو هليو ته درياهه هاڻي سڄي پاسي کي ڇڏي کاٻي تي کاڌ شروع ڪئي آهي. درياهه جا رخ مٽائڻ وارا هنڌ آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو هليو. هن چيو ته ڦاڙهو جنهن کي ڪچي جي زبان ۾ جهانگو سڏين ٿا. جام آهي، ان کانسواءِ سوئر، 2010ع واري ٻوڏ ۾ شينهن به هتي آيا هئا. سنڌ جي زمين خاص ڪري ڪچي جي ڀرڻي ۽ ذرڙا ٿيندڙ آهي، پاڻي جي وهڪرن سان ڀيڙون ڏئي ڪِري ٿي درياهه جي پاڻي کي رستو ڏيندي وڃي ٿي. نتيجن پاڻي ۾ جڏهن چاڙهه ايندو آهي ته لٽ وڏي تعداد ۾ اچي ٿي.

مون ڪتاب سنڌ گزيٽئر ۾ پڙهيو هو ته 1902ع ۾ سکر وٽان 28 ڪروڙ 50 لک ٽن، 1903ع ۾ 44 ڪروڙ 30 لک ٽن، 1904ع ۾ 33 ڪروڙ 30 لک ٽن لٽ پاڻي سان گڏ هيٺ ڪوٽڙي ڏانهن وئي هئي. سنسڪرت ٻولي ۾ سنڌو سمنڊ کي چوندا آهن، جڏهن ته درياهه لفظ پڻ فارسي ٻولي جو آهي. سنڌو درياهه جي ڊيگهه 1800 ميل آهي، سنڌ مان 590 ميلن تائين گذري ٿو. درياهه جي خالي پيل زمين تي هن وقت  ٽماٽر، مارو ۽ لوڪي جون ڀاڄيون پوکيون وڃن ٿيون، جنهن جو لکن ۾ منڊي تائين ڪاروبار ٿيندو آهي. اها به حقيقت آهي درياهي ٻيلن ۾ شينهن، واڳون، ڦاڙهو، نور، لڌڙو، گدڙ، ڳورپٽ، سيڙهه جام ٿين ٿا. ڊسمبر جنوري ۾ آڙي پکي پرڏيهه مان اچي ٿو، ان کانسواءِ وهيا، ڳيرا ۽ ٻيا رنگ برنگي پکي جام ملن ٿا، جن پکين جو شڪار به ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جا ٻيلا 60 لک ايڪڙن کان مٿي ڦهليل آهن.

معلومات سان گڏ اسان جي ٻيڙي درياهه جي مخالف سمت ڏانهن جڏهن هلي رهي هئي ته تيز رفتاري جي باوجود هڪ ڪلاڪ کانپوءِ شاهه ٻيلي ۾ پهتي، جتي چاچي صابر جتوئي ۽ ان جي هٿيارن سان ليس ساٿي دوستن آڌر ڀاءُ ڪيو.

ٻيڙي مان لهڻ بعد ٻيلي اندر گهاٽن وڻن کي چيريندا هڪ ڪچي پيچري سان سفر ڪندا، جيڪو پيادل پنڌ ٻن ڪلو ميٽرن جو هو، اچي هڪ شاندار اوطاق تي پهتاسين. چٽالي سان جهٻيل اوطاق مون پڪي تي اهڙي ڪٿي ناهي ڏٺي. بجلي جي سهولت سان ڊش تي نيوز چئنل به هلي رهيا هئا. اوطاق تي پسار ڪرڻ ۽ چوڏس حد نظر تائين گهاٽن وڻن جا پاڻ ۾ ميلا ۽ خاموشي اهڙي هئي جو پکين جا آواز سولائي سان اسان جي سماعتن تائين پهچي رهيا هئا. جتي ڪچي واسين لسي، مکڻ، ماکي سان جيڪا مهمانوازي ڪئي مون کان نٿي وسري سگهي. انهن جو ڏنل پيار مون کي ماضي جي وادين ۾ وٺي هليو ويو ۽ شاهه سائين جي بيت جي هيءَ سٽ ذهن تي تري آئي ته، ”اڃا ڪي آهن، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“.

اسان جڏهن واپس ٿي رهيا هئاسين ته مون سان هن ڀيري ڏاڍي ٿي، ٻيڙي جڏهن وچ سير ۾ هئي ته ڪچي مان فون آيو ته توهان مان ڪنهن جو موبائل رهجي ويو آهي، سڀني کيسي ۾ هٿ هنيا ته منهنجا تاڪ لڳي ويا، پر  شابس آهي ڪچي واسين کي ٻئي ڏهاڙي موبائل موڪلي ڏنائون. اهي ته هيون اسان جي ڪچي جي سفر جون ڳالهيون پر مان چاهيندس ته پڙهندڙن کي ڪچي بابت ڄاڻ ڏيندو هلان ته ڪچي ۾ جيڪا غير قانوني واڍي هلي رهي آهي، انهن ٻيلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر ٻيلو کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي. ڇو ته خاص ڪري ٻيلن جي ٻٻر مان هرلن، نار ۽ ٻيا زرعي اوزار ٺهن ٿا، ان کان علاوه ٻٻر مان کونئر پڻ ملي ٿي.

هن جا پلڙا مال جي کاڌي لاءِ استعمال ٿين ٿا. باهڻ وري ٻوڏ جي ڏهاڙن ۾ ٿيندو آهي، جيڪو روغني ۽ گهرن جي ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته سر، ڪانهه مان ٽوئا، نوڙيون، پکا، ڇٻيون ٺهنديون آهن. ڪچي جي ٻيلن جي منڍ ۾ باهڻ، لئي، بعد ۾ ٻٻر ۽ آخر ۾ ڪنڊي جا وڻ هوندا آهن. درياهه جيڪو سنڌ جي شهه رڳ آهي، پوري سنڌ کي سيراب ڪري ٿو. ٻيلا ان جي سونهن آهن، پر ٻيلن اندر جيڪا واڍي ٿي رهي آهي، اها ڏاڍي ڳڻتي جوڳي آهي، پر ان ڳڻتي جو احساس ڪنهن وٽ ناهي. ٻيلي مان روزانو وڍيل ڪاٺ جون ڪيتريون ٻيڙيون ڀرجي ستين جي آستان ڀرسان قائم ڪاٺ جي مڏين تي اچن ٿيون، نه رڳو وڻن جو پر درياهه جي مڇي جو به وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي، جن جا هر سال لکن ۾ ٺيڪا ويندا آهن. درياهه جي ان ڪمائي جو به ڪو حساب ڪتاب ناهي. ڀلا ڪير سمجهي درياهه جي درد کي هتي ته هرڪو آپي خانا آهي. بيگانن جي بستي ۾ ديوانن جون دانهون ڪنڌي جي ڪڙن سان ٽڪرائجي ٿڪجي موٽي اچن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.