شاهه جي شاعري ۽ راڳ سان راءِ ڏياچ جو عشق ؛حيدري چانڊيو

مهراڻ جي ماٿري قديمُ الايام کان وٺي علم ادب جو تمام سرسبز مرڪز پئي رهي آهي. هن مشڪان موچاري ۽ ڀلاري ڀونءَ جي ڪُک مان ڪيترن ئي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، انهن عظيم انسانن مان سنڌ جي ادبي تاج جو لاثاني گوهر شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ به هڪ آهي، جنهن جو جنم 1689ع هالا حويلي ۾ ٿيو.

شاهه سائين زندگيءَ جو ترجمان آهي، سندس شاعريءَ ۽ فن کي زندگيءَ جو فن سڏيو ويو آهي، سندس سماجي شعور- مشاهدا، تجربا، رايا ۽ نتيجا نهايت ئي تعميري، پائيدار ۽ زندگي بخش آهن. سنڌي قوم جي عوامي زندگيءَ جو پاڻ رڳو سطحي حيثيت سان نه پر بصيرت وارين اکين سان مطالعو ڪيائون ۽ پوءِ هڪ رهنما جي حيثيت ۾ اُن کي بيان ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام تمام صحتمند قدرن جو حامل آهي. سندس نگاهه تمام وسيع آهي، رڳو مسلماني واري دؤر شروع ٿيڻ تائين محدود نظر نٿي اچي، سندس شاعري ۾ هندو توڙي مسلمانن لاءِ هڪ جهڙي هدايت موجود آهي. سندس شاعري ۾ مندرن جي گهنڊ گهڙيالن، ناد نفيلن جي آوازن سان گڏ، مسجدن مان ”الله اڪبر“ جون صدائون به ٻڌڻ ۾ پيون اچن. هو فطري طرح سڀني سنڌ واسين جو شاعر هو، رڳو مسلمانن جو شاعر ڪو نه هو! اڃا به وڌيڪ انصاف واري نگاهه سان ڏٺو ويندو ته شاهه سائين پوري دنيا جي انسانن جو شاعر هو، پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته:

”سائينم سدائين- ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست تون دلدار- عالم سڀ آباد ڪرين! (شاهه)

هن بيت کي گهري سوچ سان ڏٺو ويندو ته شاهه سائين سنڌ ملڪ جي هندو مسلمانن سان گڏ عام انسانيت لاءِ دعا گهري آهي. سندس دل جي ڪشادگي جو ڇا بيان ڪجي؟ هن ڄڻ فقيري فيض واري گودڙي ۾ پوري دنيا کي سمائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي پرڏيهي عالمن ڀٽائي گهوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر مڃيو آهي! ڪنهن به قوم جي فطرت کي سمجهڻ لاءِ ان جي لوڪ ادب جو اڀياس ڪجي، سندن راڳ ويراڳ کي غور فڪر سان ٻڌجي، پروڙجي ۽ سمجهجي! پوءِ ئي صحيح حقيقت معلوم ٿيندي، شاهه سائين کي سورمين ۽ سورمن جو شاعر چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. هتي آئون سندس سورمي ”راءِ ڏياچ“ ۽ سورمي ”سورٺ“ جي سبق آموز ڪردارن ۽ جذبن متعلق وت ۽ وس آهر ڪجهه عرض ڪندس. راجا راءِ ڏياچ جنهن کي راءِ کنگهار به چوندا هئا، هو گرنار جو راجا هو، تمام سٺن گڻن جي ڪري کيس گرنا جو ”گُل“ به چوندا هئا. سندس امڙ جو نالو ”روڙي“ هو، ”مرڪي مرماتا روڙي راءِ ڏياچ جي“ راجا جي راڻي جو نالو ”سورٺ“ هو، جنهن جو پنهنجي ور سان ڏاڍو پيار هو، جنهن کي مايون، دايون، ٻايون گهڻيئي هيون، راجا راءِ ڏياچ وٽ به مال، متاع ۽ هيرا جواهر، سون، محل ماڙيون، پلنگ پٿراڻيون، نوڪر چاڪر، هاٿي گهوڙا گهڻائي هئا، وٽس ڪنهن قسم جي ڪمي ڪا نه هئي. راجا سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو،

”حاطم طائي“ جهڙو سخي سخاوت ۾ هن کان وڌيڪ ڪين هو، روز سوين سوالي ايندا هئا، جن کي خوش ڪري موڪليندو هو، هي راجا نه رڳو ڏاتار هو، پر بادشاهي بدن ۾ فقيري روح رکندڙ هو، هو جهڙي تهڙي ساڌوءَ جي ور چڙهڻ وارو ڪين هو، پر رندن عارفن جي محبت ۾ مست هو، ائين کڻي چئجي ته پنهنجي جياپي ۾ راز روحاني جو طالب هو، هو هڪ اهڙو بادشاهه هو جو دنيا ۾ رهي ڪري دنيا کان دور هو، ائين کڻي چئجي ته ”دل به يار، دست به ڪار“ هو راڳ ويراڳ جو عاشق ۽ فدائي هو، هن سماع کي ديوتائن جو هنر ۽ طاقت ٿي سمجهو. گذريل زماني ۾ راجائن جي درٻارين ۾ اڪثر راڳيندڙ رهندا هئا. راجائن وٽ سندن وڏي عزت هوندي هئي، جڏهن به اهي راڳي راڳ لاءِ بادشاهن جي ڪچهرين ۾ داخل ٿيندا هئا، تڏهن بادشاهه ڪنڌ جهُڪائي نمستي چئي وڏي عزت ڏيندا هئا. توڻي جو هو غريب مسڪين هوندا هئا ته به سندن راڳ، راجائن کي سندن فيض جو محتاج بڻائيندو هو. ڪنهن ڏينهن راجا ”راءِ ڏياچ“ جي شهر جهونا ڳڙهه هڪ عجيب ”عطائي“ آيو، ويس جوڳين وارو گيڙو هوس، شڪل شباهت ۾ سهڻو من مهڻو جوان هو. هڪ ساز هٿ ۾ هوس، جيڪو جهوڙن جهاٻن سان سينگاريل هو، جنهن کي ”چنگ“ چيو ٿي ويو. هي جوڳي پرڏيهان پنڌ ڪري آيل ٿي ڏٺو، سندس نالو ”ٻيجل“ ورتو ٿي ويو. سندس ساز ۾ راڳ جو وڏو راز سمايل هو، ايتري قدر جو، هن ساز جي آواز تي جهنگل جا جانور به شوخي ڇڏي ”ٻيجل“ جي اڳيان اچي حاضر ٿي ٿيا. ”ٻيجل“ اهو ساز هٿ ۾ ڪري وڏا پنڌ ڪري ڪشالا ڪري آخر گرنار جي قلعي وٽ ”راءِ ڏياچ“ جي محلات جي ڏيڍي وٽ اچي پهتو. اهو ٽائيم فجر جو هو، راجا اگهور ننڊ ۾ ستل هو، ٻيجل عصر جي وقت اهڙو سُر آلاپيو جو راجا ڇرڪ ڀري اٿيو، کيس اهو سُر ڏاڍو وڻيو ۽ ”ٻيجل“ کي چوائي موڪليائين ته اي مڱڻا تون منهنجي محلات جي ماڙي تي مٿي هليو اچ! تنهنجن قدمن مٿان لک گهوري ڏيانءِ. شاهه سائين ان منظر کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ؛
راجا رَتولَنِ ۾، سيباڻو سُلطانَ؛
”آءُ مٿاهُون مَڱـڻا! مُقابِلِ مَيدانَ؛
گھورِيان لَکَ، لَطِيفُ چئي، تُنهنجي قَدمَنِ تان قُرِبانَ؛ مَٿو هِيءُ مِزمانَ! هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَنءِ.“

بس دير ڪا نه ٿي ”ٻيجل“ ساز سميت راءِ ڏياچ وٽ وڃي حاضر ٿيو راجا. ٻيجل کي سڏي پاڻ وٽ ويهاريو ۽ چيائينس اي چارڻ اهڙو بره جو آواز ڪيئن ٿو ڪڍين جو اسان جون دلڙيون لٽيو ٿو وڃين؟ اڙي مڱڻهار تون ڀلي آئين جيءُ آئين! شاهه سائين ٻيجل لاءِ ڀليڪار جا الفاظ راءِ ڏياج کان هن طرح چورايا آهن:

”ڀلي آئين مڱڻا- چڱو ڪيو تو ڪم

چور چنگ کي- خوشيءَ سين لاهي غم وهم!“

اهڙي طرح راجا ”راءِ ڏياچ“ ٻيجل سان کُلي ڪچهري شروع ڪئي. راڳي به اسراري ۽ رندي رمز وارو هو، تنهن راجا ”راءِ ڏياچ“ کي مخاطب ٿيندي چيو اي راجا! مون ته توکي تمام مختصر راڳ ٻڌايو آهي، مون وٽ ته راڳ جو وڏو خزانو آهي، ڪيئي وڏا سُر، وڏا آلاپ آهن! راجا چيس ته پوءِ دل کولي ٻڌاءِ ڀلا! ٻيجل چيس ته آئون توکي اهو اسراري آلاپ آلاپي ته ٻڌايان پر ٻڌاءِ ته مون کي ڏيندين ڇا؟ راجا ”راءِ ڏياچ“ جيڪو راڳ جو عاشق هو، تنهن چيس مگتا! مون وٽ دولت جي ڪا ڪمي ڪانهي، ڪيئي هيرا، لال، جواهر ۽ موتي موجود آهن، جن جو ڪو حساب ئي ڪونهي، توکي ايترو ڏيندس جو تون کڻي ئي ڪو نه سگهندين! شاهه سائين پنهنجي سورمي ”راءِ ڏياچ“ جي سخا جو بيان هن طرح ڪيو آهي. چوي ٿو ته:

مون وٽ مال متاع جي- ڪمي آهي ڪا نه

راجا جي حڪم تي خوب خزانا کلي ويا، ڀلا تازي گهوڙا اچي ويا. ايتري قدر جو هڪڙو سهڻو ۽ قيمتي هاٿي به ڪاهي آيا، راجا راءِ ڏياچ راڳي کي چيو، جيڪي به کپئي سو کڻ، اڃان وڌيڪ چوين ته اهو به حاضر آهي! تڏهن ٻيجل اسراري اکيون کڻي راجا ڏي ڏسي اکيون اکين ۾ ملائي چيو، سڻ ڙي راجا راءِ ڏياچ، تو ڀانيو هو ته آئون ڪو اهڙو پنڻو فقير آهيان، جو پئسن تي تند هڻي ٿو. پنان! آئون ٻيا در ڇڏي ڪري تنهنجي در تي آيو آهيان، اي سورٺ جا ور منهنجي ڳالهه کي سمجهي، هن مڱڻهار جي جهولي ڀر! شاهه سائين پنهنجي جادو بياني سان مڱڻهار جي الفاظن کي معنيٰ جي معراج تي اجهو هينئن پهچايو آهي،

 

”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو.“

ٻيجل ”راءِ ڏياچ“ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اي راجا! توکي ته ڳالهه سُجهي ٿي ته آئون تو وٽ ڪهڙي شيءِ جو سوالي ٿي آيو آهيان، ٿورو ڪن ڏينم ته ٻڌايانءِ! راجا جون اکيون کلڻ لڳيون ۽ پسڻ پوڻ لڳس ۽ سمجهڻ لڳو ته هي مڱڻو ته ڪو مون کان به وڏي دل وارو ٿو ڏسجي پر گهُري ڇا ٿو! تنهن ڳل تي هٿ رکي ڪن سندس وات طرف وڌايو. مڱڻي به آهستي سُس پُس ڪري کيس ڪجهه چيو. ان وقت راجا وٽ وزير، امير، امرا، صلاحڪار، عاقل ۽ داناءُ ويٺل هئا، جن هي سڄو رنگ ويٺي ڏٺو ۽ منجهي پيا هئا ته هي مڱڻو راجا راءِ ڏياچ سان آهستي سُرٻاٽ ڪري ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري!؟ راجا راءِ ڏياچ ته سڀ ڪجهه سمجهي ورتو هو، پر ٻين کي ڪا ڪل نه رهي، راءِ ڏياچ ٻيجل جي پيرن تي ڪري پيو ۽ هٿ جوڙي چيائينس ته اي ٻيجل! هاڻ کولي ٻڌاءِ ته منهنجي درٻار وارا سڀئي ٻڌن ته توکي ڇا ٿو کپي؟ ٻيجل وڏي آواز سان چيو اي راجا مون کي تنهنجو مال ڌن دولت نه کپي آئون تنهنجي سر جو سوالي آهيان! ٻيا به گهڻا سخي راجا آهن، آئون انهن وٽ ڪو نه ويس، تنهنجي مون کي خبر هئي، ته تون اهڙو سخي آهين جو ڪڏهن به انڪار نه ڪندين! شاهه سائين انهيءَ ڳالهه جي منظر ڪشي هن طرح ڪئي آهي:

”مال نه گهري مڱڻو- جاجڪ گهري جيءُ

وڍ وهلو ٿيءُ- ساعت صبر نه سهان!“ (شاهه)

”سورٺ“ ٻيجل کي منٿون ميڙون ڪندي چيو ٻيلي ٻيو جيڪي وڻئي سو کڻ پر منهنجي ور جو سر ڪيئن ٿو کڻين! مون تي رحم ڪر، مون سهاڳڻ کي ڏهاڳڻ ڪيئن ٿو ڪرين؟ مايون، دايون مانديون ٿي ويون! مير وزير منجهي پيا، سڀئي ٻيجل کي منٿون آزيون ڪرڻ لڳا ته هو راجا جو سر نه وٺي! ٻيجل ضد ڪري بيهي رهيو ته وٺندس ته راجا جو سر وٺندس. ٻي ڪا شيءِ نه وٺندس! ”راءِ ڏياچ“ ٻيجل کي چيو پريشان نه ٿي مون کي سر هڪڙو آهي سو حاضر آهي، پر جي مون کي سئو سر هجن ها ته توکي ڏئي ڇڏيان ها، توکي هڪڙي سر ڏيندي مون کي شرم پيو اچي! شاهه سائين پنهنجي معنيٰ جي موتين جو هن طرح بيان ڪيو آهي:

سسيون سو هجن- ته لاهي هوند ڏيان

پر ڌڙ مٿي سر هيڪڙو- جو ڏيندي لڄ مران (شاهه)

ٻيجل ٻي ڪنهن به انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ نه وري سورٺ جي منٿ ميڙ کي مڃيائين، تڏهن راءِ ڏياچ پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، سر ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻيجل کي چيائين اي مڱڻهار! منهنجو سر وٺي تون راضي ٿي. پر هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکجانءِ جو منهنجي سر وٺڻ کانپوءِ موٽي هت نه اچجانءِ ڇو ته پوءِ تنهنجي ”تند“ جو قدر ڪرڻ وارو هت ڪو نه هوندو، منظر جي عڪاسي ڀٽائي گهوٽ هن طرح ڪئي آهي:

”وڍ سر ٿي سرهو- مَ ڪي آءُ مَ ڪي ڳاءُ

جاجڪ تو مٿان- مُلڪ مڙوئي گهوريان!“ (شاهه)

پوءِ ٿيو ائين جو راجا راءِ ڏياچ جي سسي وڃي پري پئي ۽ ڌڙ ڌٻي پيو کٽ تي، اهو سڀ ڪجهه ”سورٺ“ جي سامهون ٿيو، مڙس کي پنهنجن هٿن سان پنهنجو سر ڪپيندو ڏسي زال جي دل ۾ ڪهڙي نه آنڌ مانڌ ۽ لُڇ پُڇ ٿي هوندي، هن اهڙي هولناڪ واقعي تي روئندي رڙندي وڏا ورلاپ شروع ڪيا، ٻايون دايون ٻانهيون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيون، راڙو مچي ويو، گرنار جي شهر ۾ سخت سوڳ جي حالت پيدا ٿي وئي، گرنار جا سڀئي شهري ڳوڙها ڳاڙيندا رئندا رڙندا رهيا ۽ چوندا رهيا ته گرنار ۾ ”راءِ ڏياچ“ جهڙو راجا وري پيدا ئي نه ٿيندو! هي گرنار جو گهوٽ گذر ڪري ويو ڄڻ گرنا جي چمن مان گرناري گل ڇڄي ويو! شاهه سائين ”راءِ ڏياچ“ جي وڇوڙي جو ڏکوئيندڙ منظر هن طرح بيان ڪيو آهي:

ٻايون، دايون ٻانهيون، پٽيو ڪڍن پار

پي رهيا پٽ ۾- سورٺ جا سينگار

راڻين ۾ راڙو ٿيو- پٽن پئي پچار

ههڙا راءِ کنگهار- ڪين ٿيندا ڪڏهين. (شاهه)

آخر ”سورٺ“ پنهنجي ور جو وڇوڙو سهي ڪا نه سگهي ۽ ساڻس گڏ ساڳي چکيا تي چڙهي، اگني ۾ سڙي سندس خاڪ سان گڏجي خاڪ ٿي وئي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *