سيڪريٽري تعليم جي نانءِ؛اصغر ملاح (دادو)

ڪنهن به ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ تعليم نهايت ضروري آهي وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي تعليم تباهه نه آهي پر تباهه ڪئي پئي وڃي گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جو مستقل کي ڏسي اکيون لڙڪ وهي اچن ٿا ڇو ته گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي مستقل کي تباهه ڪرڻ وارا ٻيا نه پر اسان جا پنهنجا آهن،سياسي سپورٽ جي ڪري ستادن اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، اڌ صدي کان تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو رهيو آهي پر ڪنهن به تعليم جي سڌاري تي صحيح عمل نه ڪيو آهي سنڌ سرڪار تعليم جي سڌاري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پر سمورا قدم بي لاڀائتا نڪتا آهن، اها هر ڪنهن کي خبر آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ لک استادن مان 40 هزار استاد گوسڙو هجڻ ڪري، سنڌ ۾ ساڍا 5 هزار اسڪول بند پيل آهن ۽ ماسترن مان سڀ کان وڏو تعداد ماسترياڻين جو آهي جيڪي جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيون آهن ۽ تعليم کاتي جا آفيسر پڻ سندن پٺڀراڻي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن .

ڪروڙين رپيا ماهوار سرڪاري خزاني مان خرچ ٿي رهيا آهن سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو قانون جي دائري ۾ رهندي استادن ڏانهن شوڪاز نوٽيس اماڻي ڇڏيا آهن اهي ڪارڪردگي تي سڄي سنڌ سرهائي ٿي آهي پر سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو کي اهي اسڪول کولرائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا سيڪريٽري صاحب سڄو ڏوهه استادن تي ڏئي ٿو پر عوام لاءِ سوال بڻيل آهي ته جيڪي سڄي سنڌ جيان دادو ضلعي جي چئن تعلقن دادو جوهي مهيڙ خيرپورٿان شاهه جي مختلف يوسين يوسي پاٽ،يوسي پيارو ڳوٺ، يوسي الهه باد ،يوسي موندر، يوسي ڦلجي، يوسي سيال، يوسي پپري ،يوسي خداآباد، يوسي يار محمد ڪلهوڙو، يوسي مرادباد يوسي مخدوم بلاول،سميت دادو ضلعي جي ٻين يوسين جي سپروائيزن جي نگراني هيٺ هلندڙ سوين اسڪول بند آهن اسڪول ، واڙن ۽ اوطاقن ۾ تبديل بااثرن قبضو ڪري ورتو مختلف يونين ڪائونسلن ۾ اسڪول بند هجڻ تي تعليم کاتي جي اختيارين ڌيان نه ڏنو اسڪول بند هجڻ ڪري سوين ٻارن جي تعليم بلڊنگن تي تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب اسڪول آهن.

بند ٿيل اسڪول کولرائي تدريسي عمل شروع ڪرايو وڃي استاد ويزا تي وڃن ٿا ۽ جيڪي آفيسر انهن جي ويزا منظور ڪن ٿا، انهن خلاف ڪهڙو قدم کنيو ويو آهي ڇا اهي تعليم جي تباهي ۾ برابر جا ذميوار ناهن اسڪول وڏيرن جون اطاقون بڻيل لکين رپين جا ايس ايم سي فنڊ هڙپ ٿيل آهن استاد گهر وٺي پگهارون کڻي رهيا آهن هڪ سازش تحت سنڌي قوم جي تعليم غرق ڪئي پئي وڃي نياڻين جا اسڪول بند پيل آهن نياڻيون تعليم جهڙي نور کان محروم آهن اي ڊي او تعليم دادو جي سيٽ چئن مهينن کان خالي پيل آهي سڄاڳ ڌرين جي نشاندهي ڪرڻ باوجود ايڊمنسٽر برڪت جانوري مقرر ٿيل آهي، ڇا تعليم کاتي وٽ هاڻي تعليمي ماهر ۽ قابل افيسرن جي کوٽ ٿي وئي آهي،

جو سفارشي ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي ٿو عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته سيڪريٽري صاحب هاڻي پراڻو دور ناهي هر ماڻهو ذهن رکي ٿو پڙهيل لکيل ماڻهو اهو چڱي طرح ڄاڻين ٿا ته تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا آهن سيڪريٽري صاحب توهان جو چوڻ آهي ته سنڌ جا استاد نٿا پڙهائين اهو بلڪل غلط آهي ها هر ڪنهن شعبي ۾ سئو سيڪڙو سٺا ماڻهو ناهن هوندا پر اهو به ناهي ته سڀ جا سڀ خراب هوندا آهن، جيڪڏهن ڪو خراب آهي ته ان خلاف قدم کڻڻ به اوهان جو ڪم آهي ، تعليم جي سڌاري خاطر نوڪرين مان ئي خارج ڪري اهل ۽ ايماندار آفيسرن کي سندن جاءِ تي ڀرتي ڪري جيڪي نه صرف اهليت ۽ ايماندار سان پنهنجي ڊيوٽي نڀائين سنڌ سرڪار صرف ميڊيا تي بيان ڏيڻ جي حد تائين پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ڪافي سمجهندي ته سنڌ ۾ تعليم جو سڌارو ممڪن ناهي عوام دانهيو آهي ته جڏهن استادن جي ڀرتي وارو عمل شروع ٿيو ته يوسي جي حساب سان ڀرتيون ڪيون ويون مطلب ته هڪ يوسي ۾ جيڪڏهن ماڻهو ڏڪا هئي يا ڪاپي ڪري 65 کان 68 مارڪون کڻي ويو ته اهو يوسي ۾ وڌيڪ سيٽون هجڻ ڪري چونڊ جي ويو ، پر جڏهن ٻه يوسي ۾ ڪنهن محنت ڪئي ۽ 80 کان 85 مارڪون حاصل ڪيون اهو پنهنجي يوسي ۾ سيٽون گهٽ هجڻ ڪري چونڊجي نه سگهيو، ڇا اهو انهن اميدوار سان نانصافي ناهي هتي سوال اهو آهي ته ڀرتيون اوپن مريٽ جي بنياد تي ڇو نه ڪيون ويون يوسي جي حساب سان ڀرتيون ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو، گوسڙو استادن خلاف ڀلي قدم کنيو وڃي واقعي ئي سنڌ سميت دادو ضلعي جي تعليم سڌارڻي آهي هوشيار ۽ ذهين استاد کي اڳيان آڻيو ان کانسواءِ استادن جا جائز مسئلا ڪريو ته استاد پنهنجي پيشي سان انصاف ڪن

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *