سينيٽ کان سگھاري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن!:

گذريل ڪيتري عرصي کان جمهوري پردي ۾ وفاقي حڪومت صوبن جي معاملن ۾ جهڙيء طرح اجائي مداخلت ۽ صوبن جي آئيني حقن کي لتاڙيندي رهي آهي انهيء اها ڳالھ ثابت ڪري ڇڏي آهي ته آمريت ۽ داداگيري ڪو نظام حڪومت نه پر هڪ خاص قسم جي سوچ ۽ رويي جو نالو آهي جنهن جو مظاهرو هن نام نهاد جمهوري حڪومت ۾ به ڇوليون هڻي رهيو آهي. آدمشماريء جي مسئلي کان وٺي گئس ۽ تيل جي معاملن تائين، وفاقي نوڪرين ۾ ننڍن صوبن جي ڪوٽا کان ميگا پروجيڪٽ منصوبن تائين.، قومي ادارا نيلام ڪرڻ کان صوبن کي سندن حصي جو جائز پاڻي مهيا ڪرڻ تائين،اين ايف سي ايوارڊ مطابق طيء ڪيل مالي وسيلا صوبن کي مهيا ڪرڻ کان ارڙهين ترميم مطابق صوبن کي اختيار ڏيڻ تائين، ڪالاباغ ڊيم کان اکوڙي ڊيم جهڙين صوبن کي تباه ڪندڙ رٿائن جي تعمير جا رينگٽ وڄائڻ تائين آخر ڪهڙو معاملو آهي جنهن تي ننڍن صوبن خاص طور تي سنڌ سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي؟وڏين منٿن ميڙن ۽ دٻاء تحت وفاقي حڪومت سي سي آئي جو اجلاس گھرائڻ جو ٿورو ته صوبن تي ڪيو پر گڏجاڻيء جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ صوبن جي ڪهڙن تحفظات کي دور ڪيو ويو؟ ان کان عوام اڃا تائين ته بي خبر آهي.حد اها جو مٿان  وري پنجاب جي وزيرن ۽ مشيرن جا اهڙا بيان سامهون اچن ٿا جيڪي ننڍن صوبن جي عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ بجاء ويتر ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن. ڪجھ وقت اڳ پنجاب جي هڪ وزير قومي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏي فخريا ۽ تڪبر واري انداز ۾ چيو ته “ پنجاب ئي اصل پاڪستان آهي ڇو ته پنجاب ملڪ جي 56 سيڪڙو آباديء وارو صوبو آهي.” اهڙا بيان جتي هن حڪومت جي ننڍن صوبن جي لاء حقارت ڀرئي رويي کي ظاهر ڪن ٿا اتي اهو سچ به سندن زبان تي اچيو وڃي جيڪو سچ ننڍن صوبن جو عوام عرصي کان ڳالهائي رهيو آهي ته “ هيء وفاقي حڪومت سڀني صوبن جي نه پر صرف پنجاب جي حڪومت آهي.” اهي لفظ جڏهن سنڌ جو عوام ڳالهائي ٿو ته انهن کي تعصب پرستيء جا طعنا ڏنا وڃن ٿا پر جڏهن پنجاب يا وفاقي حڪومت جا وزير ۽ مشير اهڙا تعصب ڀريا بيان ڏين ٿا ته انهن جي زبان کي تالو لڳائڻ وارو ڪو ناهي.

ڳالھ صرف اتي دنگ نه ٿي ٿئي پر وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي فرمائي ٿو ته “ قدرتي وسيلن يعني تيل ۽ گئس وغيره ۾ صوبا وفاقي حڪومت سان ڀائيوار ناهن.” انهن عجيب قسم جي بيانن جو آخر ڪهڙو مطلب ورتو وڃي؟ اهي هڪ جمهوري وفاق کي هلائي رهيا آهن يا مغل سلطنت قائم ڪيو ويٺا آهن. اهي ئي اڪيلا محب وطن ۽ اڪيلا عقل جا اڪابر آهن باقي پاڪستان ۾ رهندڙ ٻي سڀ مخلوق جاهل،ملڪ دشمن ۽ بيوقوف آهي!ماضيء م اهڙن ئي خطرناڪ روين ۽ سوچ جي نتيجي ۾ جيڪوملڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي هنن جاهلن کي ذرو به ان جو احساس نه آهي. هي ذاتي ۽ سياسي مفادن جي لاء هر ڪڌو ڪم ڪندا آيا آهن.جمهوريت جا ليڪچر هنن جي واتان سونهن ڪونه ٿا. صرف اليڪشن  کٽڻ کي جمهوريت نه چئبو آهي.پي آئي اي جو معاملو ئي ڏسو.جهڙي غير جمهوري طريقي سان ان جي باري ۾ آرڊيننس جاري ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي زبردست احتجاج باوجود صرف اڪثريت جي زور تي ان کي قومي اسيمبليء مان منظور ڪرايو ويو پر جڏهن اهو بل وفاق جي حقيقي نمائنده فورم سينيٽ جي اڳيان آيو ته اهو رد ٿي ويو. هئڻ ته اهو گھربو هو ته جمهوري روايتن جو لحاظ رکندي حڪومت انهيء معاملي تي پنهن جي اجائي هوڏ ۽ ضد تان لهي وڃي ها پر نه،انهن کي هر قيمت تي پنهن جو من پسند ڪم ڪرڻو آهي سو اها اٽڪل سوچي ويئي آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس گھرائي مڪاري سان وري اڪثريت جي لٺ جو سهارو وٺندي اهو بل منظور ڪرايو وڃي.ڇا دنيا جي ڪنهن به جمهوري فيڊريشن ۾ معاملا ان نموني حل ڪيا ويندا آهن؟

ستم ته ڏسو جو سينيٽ طرفان وفاقي حڪومت کي اهي سفارشون ڪيون وييون هيون ته اها انتظامي بورڊن ۽ پاليسي ساز ادارن ۾ سڀني صوبن کي برابر نمائندگي ڏئي پر وفاقي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ان سفارش مڃڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. سمجھ ۾ نٿو اچي ته اها سفارش مڃڻ ۾ ڪهڙي قباحت ۽ خرابي آهي.جڏهن وفاق تي سڀني صوبن جو هڪجهڙو حق آهي ته پوء ملڪ جون پاليسيون جيڪي هر صوبي ۾ لاڳو ڪيون وڃن ٿيون انهن پاليسين جوڙڻ وارن ادارن ۾ ٻين صوبن کي برابرنمائندگي ڏيڻ ۾ توهان جو ساھ ڇو ٿو منجھي؟يا ٻين صوبن ۾ اهڙا ڪي قابل ماڻهو .ئي ناهن جيڪي اهي  انتظامي ادارا هلائي سگھن يا پاليسيون جوڙڻ واري عمل ۾ ڀائيوار ٿي سگھن. ڪنهن جمهوري نظام جي حقيقي روح سان ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ناانصافي ٿي سگھي ٿي جو وفاق جي سڀني يونٽن کي پاليسي  سازيء واري عمل ۾ هڪجهڙو شامل نه ڪيو وڃي. توڙي جو چيئرمين سينيٽ طرفان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ ويٺل طاقتور ڪامورن کي سخت نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن پر وفاقي حڪومت جي چرچ تي نچندڙ انهن ڏاڍن مڙسن جو ڪو ڪجھ به بگاڙي نٿو سگھي جو سينيٽ ۽ سي سي آئي جهڙن اهم آئيني ادارن کان اهي اڄ به گھڻووڌيڪ طاقتور آهن! پر حڪمرانن کي اها ڳالھ سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته هن وقت اسان 17 صديء جي ڪنهن آپيشاهي يا 19 صديء جي ڪنهن برطانويء ڪالونيء ۾ نٿا رهون.هيء ويهينء صديء جي نئين دنيا آهي جتي حقيقي جمهوري روين جي ذريعي ئي رياستن کي خوشحاليء طرف وٺي وڃي سگھجي ٿو،ڏاڍ مڙسي ۽ داداگيريء ذريعي نه!

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *