سينيٽ جون چونڊون ٿي ويون. ٿلهي ليکي حڪومت مخالف جماعتون گڏجي وڃن ته چونڊن ۾ اُنهن جي اڪثريت ٿي ويندي. پيپلز پارٽي سان هن وقت سرڪار جون اتحادي جماعتون به ظاهري طور تي گڏ بيٺل نظر اچي رهيون آهن، خاص ڪري مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه ڪبي، جيڪو سينيٽ چونڊ کان ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪار کان الڳ ٿي بيٺو، اُن جي باوجود ڪي پي ڪي مان 2 سينيٽر به چونڊائي ويو. جڏهن ته اي اين پي، بي اين پي (زهري)، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) بظاهر پيپلز پارٽيءَ جون اتحادي نظر اچي رهيون آهن. انهن سڀني کي ملائي وفاقي سرڪار جي مخالف جماعتن وٽ سينيٽ ۾ اڪثريت نظر اچي ٿي، پر سينيٽ جي چونڊ وانگر چيئرمين جي چونڊ لاءِ به ظاهر آهي وڏا اگهه لڳندا. هرڪو پنهنجي پنهنجي اگهه وڪامندو. اڳي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر وڪاميا، هاڻي وڪاميل ميمبرن جي ووٽن تي ڪامياب ٿي آيل ڪجهه سينيٽر وڪامندا.
سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کان اڳ جيڪڏهن صوبائي اسيمبلين جو جائزو وٺون ته نظر ايندو ته چئني اسيمبلين ۾ ميمبرن جا ووٽ هيٺ مٿي ٿيا آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ حڪمران مسلم ليگ (ن) جا ووٽ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ملڻ يا بلوچستان ۾ به حڪمران مسلم ليگ (ن) جا ووٽ گهٽجي وڃڻ ۽ خيبرپختونخوا ۾ وري عمران خان جا ووٽ گهٽجي وڃڻ. سنڌ مان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ (ن) جا پنج ووٽ وڪامي وڃڻ جهڙا مثال ٻُڌائن ٿا ته جنهن جو جتي وس پڳو، پئسو ۽ داٻو هليو، انهيءَ اُتي پنهنجي ڪرامت ڏيکاري، بچو ڪير به ڪونهي.
سنڌ جي صورتحال اکين سان ڏٺي، ان ڪري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ته مسلم ليگ فنڪشنل جو اميدوار ڇو هارائي ويو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ 167 اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻو هو، هڪ سينيٽر لاءِ لڳ ڀڳ ايڪيهه ووٽرز جي ضرورت هُئي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل وٽ 11 ۽ مسلم ليگ (ن) وٽ ڏهه ايم پي ايز هُئا. ان حساب سان ٻنهي جماعتن کي هڪ سينيٽر ملي رهيو هو. پر سينيٽ جي چونڊ کان ٻه ڏينهن اڳ ڄام مدد علي جي خلاف اليڪشن ٽربيونل فيصلو ڏنو. پيپلز پارٽي جو اصغر جوڻيجو ايم پي اي بڻجي ويو، جنهن سبب پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ 92 ٿي ويو ۽ فنڪشنل جو هڪ ووٽ گهٽجي ويو. پر فنڪشنل جي باقي ووٽن ۾ نيشنل پيپلز پارٽي جا 2 ووٽر به شامل هُئا، جن به ٻه ڏهاڙا اڳ پير پاڳاري کي ووٽ ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو، جنهن سبب فنڪشنل وٽ باقي ڏهه پنهنجا ۽ 8 نواز ليگ جا ووٽ بچيا پر اخلاقي طور اليڪشن کان اڳي ئي فنڪشنل جي پوزيشن ڪمزور ٿي چُڪي هُئي. هرڪو چوي پيو ته ارڙهن ميمبرن تي سندن سينيٽر ڪامياب نه ٿي سگهندو، ان ڪري سندن اتحادي به سمجهي ويا ته امام دين شوقين کٽي ته هونئن به ڪونه سگهندو، اُن ڪري هرڪو پنهنجي پنهنجي سهولت ڳولڻ لڳو.
سنڌ ۾ آيل نتيجن مطابق فنڪشنل ليگ کي 18 بدران صرف تيرهن ووٽ ملي سگهيا. ٻنهي جماعتن جي اتحاد مان 5 ووٽ وڪامي ويا پر اهي ووٽ بهرحال حڪمران جماعت جي ميمبرن کي مليا. پيپلز پارٽي وٽ پنهنجا 92 ووٽ هئا، جن مان 4 سينيٽر ڪامياب ڪرائڻ کان پوءِ وٽس 8 ووٽ بچي رهيا هُئا، کيس 10 ووٽ ايم ڪيو ايم کان مليا، باقي کيس صرف ٻن ايم پي ايز جي ضرورت هئي. پر نتيجي مطابق رحمان ملڪ کي ته ويهه ووٽ ئي مليا، پر پيپلز پارٽي جي اسلام الدين شيخ کي چوويهه ووٽ مليا. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي گروپ ۾ اسلام الدين شيخ لاءِ 21 ووٽ هُئا، ان جو مطلب آهي ته کيس جيڪي واڌو 3 ووٽ مليا، اهو سندس ڪمال هو. اهڙي ريت رحمان ملڪ لاءِ ايم ڪيو ايم کان سواءِ به 2 ووٽ حاصل ڪيا ويا، يعني مسلم ليگ ۽ فنڪشنل جي اتحاد مان ٽُٽل 5 ووٽن مان ٽي اسلام الدين شيخ ۽ ٻه رحمان ملڪ کي مليا.
هاڻي پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ انهن پنج ميمبرن کي ڳولي رهيا آهن، جن دغا ڪئي. هڪ اڳوڻي وڏي وزير جي رحمان ملڪ سان سندس گهر تي رات جو 3 وڳي گڏجاڻي ٿي. ڪراچي جي ٻن مسلم ليگي ايم پي ايز جي وزيراعليٰ هائوس آمد جا اطلاع آهن. ٺٺي جي شيرازين سان پڻ رابطن جو سلسلو هلندڙ هو. پر مسلم ليگ (ن) جا اهم اڳواڻ چون ٿا ته ضروري ناهي ته جيڪي 5 ووٽ فنڪشنل اميدوار کي نه مليا اُهي سڀ مسلم ليگ (ن) جا هوندا، ائين به ممڪن آهي ته فنڪشنل جا پنهنجا ميمبر به هيڏي هوڏي ٿي ويا هُجن، خاص ڪري اسلام الدين شيخ کي ملندڙ ووٽن تي نواز ليگ جا اڳواڻ آڱر کڻن ٿا.
اهو امڪان موجود آهي ته فنڪشنل ليگ جا هڪ اڌ ميمبر هيڏي هوڏي ٿيا هُجن، ۽ نواز ليگ جا ٽي چار ميمبر اڳتي پُٺ تي ٿيا هُجن. مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر شاهه محمد شاهه پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي جا نالا وٺي چيو ته انهن سميت ڪير به هجي، جنهن به پارٽي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي، اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آئيني طور ڏٺو وڃي ته ارباب غلام رحيم جي اها ئي پوزيشن آهي، جيڪا نوشهروفيروز جي جتوئي گروپ جي. ڇو ته ارباب غلام رحيم مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ڪونه چونڊيو. لياقت جتوئي وري مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي ضرور چونڊيو پر عملي طور هو مسلم ليگ (ن) جي قيادت خلاف پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو. ڏٺو وڃي ته ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي عملي طور مسلم ليگ (ن) جي ڊسيپلين ۾ ڪونه ٿا رهن. البته جيڪڏهن ٻنهي تي ڪا ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته نواز ليگ صرف لياقت جتوئي خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. باقي 3 ميمبر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، ٻئي جماعتون پنهنجي پنهنجي غدارن جا پيرا ڳولي رهيون آهن.
وقت اچڻ تي خبر پئجي ويندي ته، هرڪو پنهنجي پنهنجي اگهه اگهاڻو، پر في الحال پتو لڳائڻ مشڪل آهي. هاڻي ايندڙ مرحلو سينيٽ چيئرمين جي چونڊ آهي. مان سينيٽ بابت گذريل مضمون ۾ لکي چُڪو آهيان ته اها چونڊ سرڪار لاءِ ٽيسٽ ڪيس هوندي. ساڳي ريت زرداري لاءِ به امتحان. پيپلز پارٽي جيڪڏهن سينيٽ جو چيئرمين چونڊرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته اهو نواز شريف سرڪار لاءِ مستقل مٿي جو سور هوندو. ۽ پيپلز پارٽي جي وفاقي پارلياماني سياست ۾ پوزيشن مضبوط ٿيندي. اطلاع آهن ته سرڪار گهوڙن جو ڪاروبار ڪندي يعني هارس ٽريڊنگ. سينيٽ اليڪشن ۾ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ڪي پي ڪي ۾ فضل الرحمان جو ڪردار اهم هوندو. ايم ڪيو ايم جي سنڌ سرڪار ۾ شموليت جو سلسلو ڳالهين جي مرحلي ۾ آهي. امڪان اهو آهي ته پيپلز پارٽي سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڪنهن اتحادي جو ڊپٽي چيئرمين اميدوار هجي. اتحادين ۾ ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ، مسلم ليگ (ق) ۽ اي اين پي شامل آهن.
ساڳي ريت سرڪار به بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان اميدوار آڻي سگهي ٿي. ان کي به پنهنجي اتحادين جو خيال ڪرڻو پوندو. وفاقي سرڪار جي اتحادين ۾ بلوچستان جي نيشنل پارٽي، پختونخواه ميپ، فنڪشنل ليگ، جماعت اسلامي شامل آهن.
وفاقي سرڪار کي فاٽا ۾ سينيٽ چونڊ جو مسئلو ٻن ٽن ڏينهن ۾ حل ڪرڻو پوندو. عمران خان پنج سينيٽر ڪامياب ڪرائي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کان ٻاهر رهڻ پيو چاهي. ڇو ته عمران خان لاءِ نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻئي مسئلو آهن، کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري. هو سرڪار ۽ اپوزيشن ٻنهي کان الڳ ٿلڳ نظر اچڻ ٿو چاهي. گهڻو امڪان آهي ته هو سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حصو نه وٺي. عمران خان صرف خيبرپختونخوا صوبي مان سينيٽر چونڊرائي ٻين صوبن ۾ پنهنجي پوزيشن ڪمزور ڪري ڇڏي آهي. هو سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ سان اتحاد ڪري ها ته ممڪن آهي ته فنڪشنل ليگ هڪ سينيٽر ڪامياب ڪرائي وڃي ها. عمران خان پنجاب اسيمبلي ۾ هجي ها ته نواز ليگ جا 11 سينيٽر ڪامياب ڪونه ٿين ها. هن خيبرپختونخوا ۾ به صرف پنج سينيٽر حاصل ڪيا. پارلياماني سياست ڪندي به پارليامينٽ کان ٻاهر رهڻ سمجهه کان مٿي آهي. جيڪڏهن هو نظام کي نه ٿو مڃي، جنهن سبب اسيمبلين کان استعيفيٰ ڏني ته پوءِ سينيٽ جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي.
بهرحال هفتي کن ۾ سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ٿيڻي آ، پارٽين جا اميدوار سامهون اچڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه چٽو ٿي ويندو.