سينيٽ چونڊن ۾ مفاهمت جي فتح يا حڪومت کي شڪست؟ ؛سرواڻ چانڊيو

سينيٽ چونڊن جي لاءِ ڪيترن ڏينهن کان ڀڃ گهڙ جو عمل جاري هو ۽ ڪنهن کي به صورتحال جو اندازو نه هو ته سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جو پٽڪو ڪير ٻڌندو ۽ سياسي پارٽين ان دوران پنهنجي اصولي موقف تان هٽندي، انهن مخالفن سان به ملاقاتون ڪيون، جن کي ڪڏهن قاتل ليگ چيو ويو ته ڪڏهن پارٽي نه پر لوٽن جو ٽولو چيو ويو پر وقت ڪيڏو نه بي رحم آهي جو ڪڏهن قاتل چوندڙ انهن کي ڀاڪر ۾ ڀرين ٿا ۽ ڪڏهن وري لوٽن جو ٽولو چوندڙ انهن لوٽن وٽ وڃي حمايت طلب ڪن ٿا، جنهن کانپوءِ هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته سياست ۾ اخلاق، ڪردار ۽ اصولي موقف جي ڪا به حيثيت نه آهي. وقت اچڻ تي سڀئي شيون مٽي ۾ ملي وڃن ٿيون ۽ اقتدار جي ڪرسي تي ويهڻ جي لاءِ ڪنهن کي ڪنهن کي ڀاڪر پائڻا پون ٿا اها به شيءَ هاڻي پڌري ٿي وئي آهي.

جهڙي طرح سان سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران مهم هلائي پئي وئي ان مان نٿي لڳو ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ٿيندو پر آصف زرداري سڄي صورتحال کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. حڪومت جو خيال هو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به ميان رضا رباني کي سينيٽ چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد نه ڪندي، ڇو ته ميان رضا رباني فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي معاملي تي پارٽي تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي ۽ سڀني کي خبر آهي ته پارٽيءَ جي قيادت کي تنقيد ڪندڙ ماڻهو ۽ منهن تي ڳالهائيندڙ ڪڏهن به ناهن وڻندا. ان جي لاءِ ميان رضا رباني جي نامزدگي جو پري پري تائين ڪو به امڪان نه هو پر آصف زرداري پهريون ڀيرو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏور رس نظر تحت ڪم هلائيندي هڪ اهڙي شخص کي سينيٽ چيئرمين طور ميدان تي آندو، جنهن جي مخالفت ڪرڻ ۽ کيس شڪست ڏيڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ئي نه هئي ۽ پوءِ ائين ٿيو جو ميان رضا رباني سڀني جو متفقه اميدوار بڻجي ويو.

حڪومت وٽ توڻي جو طاقت آهي ۽ سڀ شيءِ کي پنهنجي آڱر وسيلي هلائڻ جي سگهه رکي ٿي پر هاڻي شايد پاڪستان ۾ 80 ۽ 90ع جو ڏهاڪو نه آهي جو ماڻهن کي ڏاڍ وسيلي هيسائي ۽ هڪ ڌڻ جي صورت ۾ هلائي سگهجي، پر هاڻي سڀ ڪجهه پڌري پٽ آهي ۽ خبر پڄندي دير ئي نٿي ڪري. هاڻي هر ڪنهن ۾ انڪار جي جرئت به آهي ان جي لاءِ حڪومت ڪوششن باوجود جڏهن سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عهدن کي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ته نواز شريف وٽ سواءِ پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت جي ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ سيد خورشيد شاهه ٻه ڏينهن اڳ ۾ ئي وزيراعظم کي مشورو ڏئي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن حڪومت کي عزت بچائڻي آهي ته پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت ڪئي وڃي، ان سان سندس عزت بچي ويندي. لڳي ٿو ته وزيراعظم مخالف ڌر جي ڳالهين کي به غور سان ٻڌي ٿو ۽ انهن تي عمل به ڪري ٿو، جنهن جي ڪري ئي هن واقعي عزت ان ۾ بچندي ڏٺي ته مخالف ڌر جي اميدوار جي ئي حمايت ڪئي وڃي ۽ مٿن احسان ڪيو وڃي. ذريعن موجب وزيراعظم ڪوششن باوجود به سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي عهدن لاءِ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن جي ڪري وٽس ميان رضا رباني جي حمايت ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ ڪو به اميدوار نه آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو ۽ ظاهري طور تي ته وزيراعظم مفاهمتي پاليسي کي اڳتي وڌايو پر حقيقت ۾ (ن) ليگ وٽ اڪثريت ئي نه هئي جو هو پنهنجا اميدوار کٽرائي سگهي، جنهن جي ڪري مجبوري ۾ (ن) ليگ جهڙي سياسي پارٽي کي به مفاهمت جي آڙ وٺڻي پئي.

آصف علي زرداري جنهن تي مختلف وقتن تي تنقيدون ٿينديون رهيون آهن، تنهن پهريون ڀيرو پنهنجي مفاهمتي حڪمت عملي سان (ن) ليگ کي اڳيون پويون ملهون دسي قابو ڪري ڇڏيو آهي ۽ کائنس پنجاب ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ نه ڏيڻ جو بدلو وٺندي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين ٻئي عهدا کسي ورتا آهن ۽ شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ کي ڪٿان جو به نه ڇڏيو. ڇو ته اهو شهباز شريف ئي آهي جنهن سينيٽ جي هڪ سيٽ پيپلزپارٽي کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ڇاتيءَ تي هٿ هڻي چيو هو ته پنجاب مان (ن) ليگ ڪلين سوئيپ ڪندي، اسان ڪنهن کي به سيٽ نه ڏينداسين. شايد شهباز شريف جو اهو خيال هو ته سندس سدائين اڀي رهندڙ آڱر تي هو سڀني کي نچائيندو رهندو ۽ سندس مرضي موجب سڀئي ان آڱر جي اشاري سان اٿندا ۽ ويهندا پر کيس خبر نه هئي ته هاڻي ان آڱر ۾ ايڏي سگهه ئي ناهي رهي جو هو سڀني کي پنهنجو غلام بڻائي پنهنجي خواهش موجب هلائي سگهي.

(ن) ليگ کي هاڻي هن صورتحال کانپوءِ هر معاملي تي سوچڻو پوندو، ڇو ته حڪومت ۾ هوندي سندس روين جي ڪري ڪو به ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ آصف زرداري يا کڻي چئجي پيپلزپارٽي مخالف ڌر ۾ هجڻ باوجود اڃان به سڀني جي اکين جا تارا آهن ۽ جيڏي مهل به هو چاهي ٿو ۽ جيئن به چاهي ٿو تيئن ٿئي ٿو ۽ هن ماڻهن کي ايترو ته ڏنو آهي جو سندس هڪ دفعو اتحادي رهندڙ سندس سدائين جا ٻڌا ٻانها بڻجي وڃن ٿا. ان جو ثبوت اهو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي، متحده قومي موومينٽ، بلوچستان نيشنل پارٽي عوامي ۽ ٻيا کيس ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، جنهن جو مثال سينيٽ جون چونڊون آهن، جنهن ۾ مخالف ڌر جي پارٽين پيپلزپارٽي جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. ڇو ته کين خبر هئي ته (ن) ليگ وارن وٽ سندن اهميت صرف سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن تائين آهي ۽ 12 تاريخ کانپوءِ ڪير کين کنگهندو به نه. ڇو ته جتي چوڌري نثار جهڙو گهرو وزير هجي، عابد شير علي جهڙو مملڪتي وزير هجي ۽ پنجاب ۾ راڻا ثناءُ الله جهڙو شهزادو پارٽي فيصلن تي اثر انداز ٿيندو هجي، اتي اتحادين جي ڪا به اهميت ناهي رهندي. اها سڀني کي خبر آهي ته (ن) ليگ وٽ ماڻهن جو ڪهڙو قدر آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ئي سڀني فيصلو ڪيو ۽ (ن) ليگ کي سائي بدران ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي ۽ وزيراعظم سميت سموري (ن) ليگ پاسا ورائيندي رهجي وئي.

(ن) ليگ ڀلي ڪيتري به حام هڻي ته هن مفاهمت تحت سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ پنهنجو اميدوار ناهي بيهاريو پر جيڪي ماڻهو ٽي وي ڏسن ٿا ۽ خبرن تي نظر رکن ٿا، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت کان هڪ رات اڳ ۾ پيپلزپارٽي جي سربراهي ۾ ٿيل مخالف ڌر جي پارٽين جي اجلاس کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جو وفد متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن وٽ پهتو ۽ کين چيو هو ته توهان پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت نه ڪريو، حڪومتي اميدوار جي حمايت ڪريو. پر الطاف حسين واضح ڪيو ته اسان اصولن تي سوديبازي نه ڪنداسين ۽ متحده پاران ٺپ جواب ملڻ کانپوءِ (ن) ليگ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪئي، ان لاءِ پيپلزپارٽي کي به اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته (ن) ليگ کي جڏهن به وارو مليو ته هو اها باهه ضرور ڪڍندي ۽ هو به (ن) ليگ جي ناڪامي کي نظر ۾ رکي. ڇو ته هن خوشي سان پيپلزپارٽي جي اميدوار ميان رضا رباني جي حمايت ناهي ڪئي.

حڪومت پاران ڊپٽي چيئرمين جو اميدوار به سامهون نه آڻڻ جي اعلان کانپوءِ بلوچستان مان ئي ڊپٽي چيئرمين جو اميدوار اچڻ جا امڪان چٽا آهن ۽ اهو به بنا مقابلي ئي ايندو. ان جي لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) وچ ۾ ٿيل معاهدي کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اها خبر به عبرت ڏني هئي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ پيپلزپارٽي ۾ معاهدو ٿيو آهي،  جنهن تحت ڊپٽي چيئرمين جو عهدو جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي ڏنو ويندو. ان لاءِ هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ڊپٽي چيئرمين مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جو اميدوار هوندو ۽ اهو مولانا عبدالغفور حيدري کانسواءِ ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. ان جي لاءِ هاڻي سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين 12 مارچ نه پر ان کان اڳ ۾ سامهون اچي ويندا. ڇو ته چيئرمين جو اعلان ٿي ويو آهي. هاڻي صرف رسمي طور تي ڊپٽي چيئرمين جي اميدوار جو ئي اعلان ٿيڻو آهي. ان لاءِ هي مرحلو به گذري ويندو. ڇو ته حڪومت هاڻي سينيٽ جي عهدن کان لاتعلق بڻجي وئي آهي ۽ هاڻي سڀ ڪم مخالف ڌر کي ڪرڻو آهي. ان لاءِ جهڙي طرح سان 2015ع جو انتظار ڪيو پئي ويو ۽ ان لاءِ ڪيتري ئي وقت کان جوڙ ٽوڙ ۽ ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري هو، اهو بنا ڪنهن افراتفري ۽ وڏي تبديليءَ جي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي نئون پاڪستان هجي جنهن کي ٺاهڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻهو سندرو ٻڌي بيٺل آهن پر وقت ئي ان ڳالهه جي گواهي ڏيندو ته اهو نئون پاڪستان به پيپلزپارٽي ئي ٺاهيو، ڇو ته مفاهمت شروع ڪرڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ واري پيپلزپارٽي ئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف سياسي پارٽين جي اجلاس ۾ آصف علي زرداري کان شڪايت ڪئي ته هن سڀني کي گهرايو پر اسان کي دعوت نه ڏني، کيس اسان کي به ماني تي گهرائڻ گهرجي ها، اسان به خوشي سان وڃون ها. نواز شريف جي اهڙي ويڻ ۽ ڏک ڀريل جملن کانپوءِ آصف علي زرداري اڄ پنهنجي سوڀ تي ٻيو ڀيرو سڀني پارٽين کي پنهنجي زرداري هائوس تي گهرايو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم کي به دعوت ڏني وئي آهي. جڏهن ته متفقه اميدوار ٿيڻ کانپوءِ ميان رضا رباني پڻ وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سندس ٿورا مڃيا ۽ کيس اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پيغام پڻ پهچايو. هاڻي اهو پيغام نواز شريف دلي طور تي قبول ڪيو يا نه، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، باقي في الحال پيپلزپارٽي جي سوڀ ٿي وئي آهي ۽ هاڻي وري ڪنهن ٻي معاملي تي هڪٻئي سان سندرا ڪڇبا، تيستائين مفاهمت جا راڳ ڌوم ڌام سان ڳائبا رهبا. ڇو ته هاڻي موسم به تبديل ٿيڻ واري آهي ۽ بهار جي رت ۾ جهيڙا ۽ نفرتون سٺيون ناهن لڳنديون. ان لاءِ سياستدانن به بهار جي آجيان مفاهمتي ٻکن سان ڪئي آهي. اميد آهي ته اهي ٻک ائين ئي هڪ ٻئي کي پوندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *