دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هر وقت ڪا نه ڪا موسم هوندي آهي، جنهن لاءِ اهو به ضروري آهي ته موسم جو واسطو آبهوا سان هجي. موسمن ۾ مثال طور شادي ڪرڻ وارن جي موسم، اسڪولي امتحان جي موسم وغيره کانسواءِ سرڪاري طرح سان ’سرڪاري موسم‘ يعني چونڊن جي موسم به ٿيندي آهي. اهڙين موسمن لاءِ اداڪار راجڪپور پنهنجي فلم سنگم ۾ مڪيش کان هڪ گاني ۾ ڳارايو آهي ته ”هر موسم هي پيار ڪا موسم هوگا ڪي نهين، بول راڌا بول سنگم هوگا ڪي نهين“ اهو گانو اداڪاره وجنتي مالا ۽ راجڪپور تي فلمايل آهي.
اڄڪلهه پاڪستان ۾ به هڪ اهڙي ئي چونڊن جي موسم جاري ۽ ساري آهي، پر اها عوام صرف ’ٻُڌي‘ سگهي ٿو، باقي ان جي تصوير نٿو ڏسي سگهي. هن اليڪشن کي جدا جدا ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. آمريڪا، انگلينڊ کانسواءِ هندستان ۾ راجيه سڀا ۽ پاڪستان ۾ ان جو نالو ’سينيٽ‘ آهي.
هندستان پئسي وارو ملڪ هئڻ ڪري ان ۾ قومي اسيمبلي (لوڪ سڀا) ۽ راجيه سڀا (سينيٽ) لاءِ 24 ڪلاڪ هلندڙ دوردرشن جا ٽي وي چئنل به آهن. اصل ۾ هي سينيٽ قومي اسيمبلي جي ماٽيجي ماءُ آهي. هن وقت انهي سينيٽ جي چونڊن جي موسم آيل آهي، پر ان ۾ عوام سڌو سنئون شامل نه آهي، صرف سياسي پارٽيون ۽ اليڪشن ڪميشن جي پاڻ ۾ ڏي وٺ آهي، ان لاءِ سياسي پارٽيون مختلف ’هائوس‘ ۽ بنگلن ۾ اميدوار ۽ انهن جا ڌڻي ائين مصروف آهن، جيئن ڪڪڙ ويڙهائڻ وارا خفتي پنهنجا ڪڪڙ ويڙهه لاءِ تيار ڪندا آهن يا ٻين اکرن ۾ اهو ته لغڙ ڪاٽائڻ لاءِ ڏور ۽ مانجهو تيار ٿي رهيو آهي. هن سلسلي ۾ هرهڪ صوبي ۾ جدا جدا پوزيشن آهي. سنڌ ۾ ”اشارن تي هلندڙ سنڌ سرڪار“ سنڌ مان پيپلز پارٽي پنهنجا وڌ ۾ وڌ سينيٽر ڪامياب ڪرائڻ خاطر ايم ڪيو ايم جيڪا سنڌ حڪومت ۾ ڪنهن وقت ’گولي‘ بڻجي ظاهر ٿئي ٿي ته ڪنهن وقت ’سانئڻ‘ ٿيو ويٺي آهي. بقول پروفيسر رام پنجواڻي ته ”الائي ڇا ۾ راضي آ، الائي ڪنهن سان راضي آ ”بس جيترا به سال سنڌ حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جا ايم ڪيو ايم سان گڏ گذريا آهن، کلڻ ۽ روئڻ ۾ گذريا آهن، هن وقت به پيپلز پارٽي ان ايم ڪيو ايم جي گهوڙين تي سوار ٿي پنهنجا وڌ ۾ وڌ نه سهي پر گهٽ ئي سهي اميدوار ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. تازو دادو جي دوري ۾ سابق سينيئر وزير ۽ وزير تعليم پير مظهرالحق سان موبائل تي رابطو ٿيو ته کانئس خاص عبرت لاءِ ڪجهه سوال پڇيم ته ”سائين اوهان سينيٽ جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ۽ رقم جمع ڪرائي پوءِ ڪهڙو سبب هو جو اوهان کي ٽڪيٽ نه ڏني وئي؟“ پير مظهرالحق صاحب بلڪل صاف گوئي جو مظاهرو ڪندي چيو ته ”شايد في الحال پارٽي کي منهنجي ضرورت محسوس نه ٿي، ان ڪري ٽڪيٽ ڏيڻ مناسب نه سمجهيو ويو، مون کي پنهنجي پارٽي جو فيصلو خوشيءَ سان قبول آهي ۽ ٻين دوستن کي به پارٽي سان وفادار ٿي فيصلا قبول ڪرڻ کپن ۽ وري آئينده موقعو مليو ته درخواست ڏيندس“.
جڏهن ته هن وقت سينيٽ مان 52 ميمبر موڪلائي رهيا آهن ۽ نوان ميدان ۾ ايندا، جن ۾ سنڌي زبان ڳالهائڻ وارا تقريبن اٺ هوندا. ڇو ته سنڌ جي 23 سينيٽرن مان 15 اردو، انهن ۾ پيپلز پارٽي جا به 5 غير سنڌي هوندا. سنڌين ۾ سسئي پليجو، گيانچند ايسراڻي ۽ عبداللطيف انصاري آهن، باقي رحمان ملڪ، سليم مانڊي والا، اسلام الدين شيخ، فاروق ايڇ نائڪ آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ جي ترجمان ۽ راقم جي عزيز مير عبدالرشيد ٽالپر هڪ پريس بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. دنيا جي سڀني جمهوريت وارن ملڪن ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ ٻه طبقا ٿين ٿا، هڪ عوام هٿان چونڊيل قومي اسيمبلي، جنهن ۾ آبادي جي حساب سان هر صوبي جون گهٽ وڌ سيٽون ٿين ٿيون، جيئن پاڪستان ۾ ٽن صوبن جون سيٽون هڪ پاسي پنجاب جون سيٽون ٻئي پاسي، ته به گهڻيون آهن، پر 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان جون گهڻيون هيون ۽ پنجاب انهن کي قبول نه ڪيو.
1970ع ۾ صدر يحيٰ خان هٿان ڪرايل اليڪشن قبول نه ڪرڻ ۽ ملڪ جو اڌ حصو وڃائڻ بعد پيپلز پارٽي کي 18 سيٽن سبب حڪومت ملڻ کانپوءِ 1973ع ۾ ’ايوان بالا‘ يعني سينيٽ جو سرشتو آئين ٺهڻ کانپوءِ عمل ۾ آيو، جيئن ان ۾ سڀئي صوبن جا هڪ جيترا ميمبر هجن،
******(جاري)******