مارچ 2015ع تي سينيٽ جي چونڊن لاءِ سمورين پارٽين پنهنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هرهڪ پارٽي پنهنجن اميدوارن کي کٽائڻ لاءِ جوڙ توڙ شروع ڪري ڏني آهي. پ پ سنڌ جي خالي ٿيل 11 سيٽن لاءِ پنهنجن اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جن ۾ عورتن جي سيٽ لاءِ سسئي پليجو جو ڪڻو نڪتو آهي، جيڪو حيران ڪندڙ آهي پر خوشي جي به ڳالهه آهي ته پ پ پنهنجي پراڻي ڪارڪن کي صوبائي سيٽ جي هارائڻ کانپوءِ کيس سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني آهي، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ لاءِ فاروق ايڇ نائيڪ کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن لاءِ هر هڪ ماڻهون اڳڪٿي ڪئي هئي ۽ ساڳئي طرح رحمان بابا لاءِ به چيو ويو هو ته ان کي سينيٽ لاءِ منتخب ڪرايو ويندو. حالانڪ ان کان وڌيڪ پراڻا پ پ جا ماڻهو ويٺل هئا، پر شايد پارٽي قيادت کي ان جون ادائون وڌيڪ وڻنديون هجن، جنهن سبب ڪنهن به مرحلي تي ان کي پوئتي نه رکيو ويندو آهي. هن جون قربانيون پ پ پ جي پراڻن ورڪرن توڙي اڳواڻن کان وڌيڪ آهن، ان ڪري سنڌ سان واسطو نه رکڻ جي باوجود ان کي سنڌ مان سينيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻي ٽڪيٽ سليم منڊي والا کي ڏني وئي، جنهن جي نالي جي آصف علي زرداري کي ته خبر ضرور هوندي پر پ پ جي پراڻن ماڻهن لاءِ اهو نالو نئون هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي اچرج ۾ وجهڻ جهڙو آهي، جنهن لاءِ عام ماڻهو عام جڳهن تي ان بابت ڳالهيون ڪن ٿا، پر هڪ ڳالهه ضرور هوندي ته اهو تمام گهڻو زرداري صاحب جو ويجهو هوندو يا وري وڏو سرمائيدار يا بلڊر هوندو، پر ان ۾اسان جو ڇا، اهو انهن جي پارٽي جو مسئلو آهي، جيڪي ڳالهيون هلنديون آهن، انهن جي باري ۾ اسان صرف يا ته خبر ڏيندا آهيون يا وري ان تي هڪ ڪالم جي صورت ۾ هڪ ليڪچر ڏئي وٺندا آهيون. هن دفعي سينيٽ جي چونڊن لاءِ پ پ پاران هڪ پراڻي شخص کي ياد ڪيو آهي، جيڪو آهي عبداللطيف انصاري، باقي گيانچند ايسراڻي ۽ اسلام الدين شيخ جيڪي عام ماڻهو نه آهن، اهي به انهن خوشنصيبن مان آهن، جن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ لاءِ اميدوار بيهاريو ويو آهي. مان هتي عام ماڻهن جي رٽ لڳايو ويٺو آهيان، شايد ان ڪري جو دهلي ۾ عام آدمي پارٽي، بي جي پي کي ڌوئي ڇڏيو آهي. بهرحال ڳالهه آهي سينيٽ جي ته سنڌ ۾ ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد سبب 7 سيٽون پ پ ۽ 3 سيٽون ايم ڪيو ايم کي ملي وينديون ۽ جيڪڏهن فنڪشنل ليگ به پ پ پ سان ٺهي ٿي ته پوءِ ان کي به هڪ سيٽ ملي ويندي ، پر جيڪڏهن اهي نه ٺهيا ته پوءِ شايد اها سيٽ ايم ڪيو ايم کي ڏني وڃي. فنڪشنل ليگ ان ڪري ئي عمران خان کي فون ذريعي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني آهي، ان ڪري جو تحريڪ انصاف جي ايم پي ايز جون هن وقت تائين استعيفائون منظور نه ڪيون ويون آهن، متان عمران خان فنڪشنل ليگ جي حمايت ڪري، جنهن جي اميد گهٽ آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو ايم ڪيو ايم 10 اميدوارن کان فارم ڀرايا آهن ۽ فنڪشنل ليگ به پنهنجي خاص ماڻهو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حڪومت يا اسيمبلين ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺندي آهي، جيئن پ پ لاءِ رحمان بابا لازمي آهي، ائين ئي شوق صاحب وري فنڪشنل ليگ لاءِ انتهائي ضرور هوندو آهي. بلوچستان صوبي لاءِ به 11 سيٽون آهن، جن تي چونڊون ٿينديون، جن لاءِ پ پ صابر بلوچ کي ٽڪيٽ ڏني آهي، اتي پ پ ڪيئن کٽندي اها ته پ پ قيادت کي خبر هوندي، پر شايد ان ڪري اتي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي جو کين مولانا فضل الرحمان جي ووٽن جو آسرو هوندو، پر ان جي رزلٽ اچڻ تي خبر پوندي، ان ڪري ئي عمران خان دانهون ڪري رهيو آهي ته ميمبرن جي هارس ٽريڊنگ ڪرڻ لاءِ پ پ، ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ لاءِ پنهنجا اميدوار نامزد ڪيا آهن. چئني صوبائي اسيمبلين ۾ اڪثريت ماڻيندڙ پارٽين جوڙ توڙ شروع ڪري ڏني آهي. سينيٽ جي 52 سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ خالي ٿيل سيٽون 11-11 آهن. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين مان 12-12 سينيٽ جا ميمبر چونڊيا ويندا. جڏهن ته فاٽا مان 4 ۽ اسلام آباد مان 2 سينيٽ جا اميدوار چونڊيا ويندا. فاٽا ۽ اسلام آباد لاءِ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، انهن کي ووٽ ڪندا. جڏهن ته صوبن مان خالي ٿيل سيٽن لاءِ صوبائي ميمبر سينيٽ جي اميدوارن کي ووٽ ڪندا. ان ڏس ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ تحريڪ انصاف جي اڪثريت آهي، جنهن سبب انهن جي سينيٽ جي اميدوارن کي کٽڻ جو امڪان وڌيڪ آهي ۽ جماعت اسلامي به تحريڪ انصاف جي حمايت ڪندي گڏيل اميدوار بيهاريا ويا آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سينيٽ لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۾ سينيٽ جو وجود 1973ع جي آئين ۾ ڏنو ويو، جنهن جو مقصد اهو هو ته چئني صوبن جي ان ۾ هڪ جيتري نمائندگي هجي ته جيئن صوبن ۾ احساس محرومي ۽ غلط افواهون نه ڦهلجي سگهن. ڇاڪاڻ جو قومي اسيمبلي ۾ سيٽون آبادي جي بنياد تي هجن ٿيون ۽ قومي اسيمبلي ۾ صوبن جي سيٽن جو تناسب گهٽ وڌ هو. سينيٽ جو مقصد اهو پڻ هو ته قومي ٻڌي کي هٿي ۽ ننڍن صوبن ۾ ان احساس کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن انهن مٿان آبادي سبب ڪو صوبو مٿن Dominate رهندو. سينيٽ ۾ پهرين چونڊ 1973ع کان 1975ع تائين ٿي، جنهن ۾ سينيٽرن جو تعداد 45 هو، جنهن کي 1977ع ۾ وڌائي 63 ڪيو ويو، جڏهن ته 1985ع ۾ سينيٽرن جو تعداد وڌائي 87 ڪيو ويو ۽ وري 2002ع کان ميمبرن جو تعداد 100 ڪيو ويو، پر صوبن سان زيادتي جي شروعات ان وقت ڪئي وئي، جڏهن هڪ صوبي جي ماڻهو کي ٻئي صوبي مان چونڊرايو ويو، جنهن ۾ رفيع رضا شامل آهي، جنهن کي شهيد ڀٽي سنڌ مان سينيٽر چونڊرايو، جيڪو اصل ۾ پنجاپ جو رهواسي هو ۽ وقت سر اهو سلسلو جاري رهيو، اهو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي. هاڻي ظلم اهو آهي جو مسلم ليگ (ن) پاران راحيلا مگسي کي اسلام آباد مان ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. هاڻي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ سينيٽ پنهجي افاديت وڃائيندي پئي وڃي.