سياسي پارٽِيون ۽ احتساب جي گهرُ..؟: غلام مصطفيٰ جمالي

آل پاڪستان مسلم ليگ جي ٽن اڳواڻن جا نالا ته مونکي ياد آهن،جن ۾ هڪ سابق صدر ۽ اڳوڻو آرمي چيف جنرل پرويز مشرف آهي  ۽  ٻيو ڊاڪٽر امجد ۽ ٽيون احمد رضا خان قصوري آهي جنهن کي تازو تازو پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.جيڪا سندس خرچو برداشت  نه ڪرڻ جي سڀ وڌيڪ اهم وجهه آهي،مان سمجهان ٿو ته ڳالهه جيڪڏهن خرچن جي آهي ته پوءِ اها سورهن سچ هوندي. ڇو ته اها واحد  وجهه هوندي آهي جنهن سان پارٽِي جي رهنمائن کي اڪثر نيڪالي ملندي رهندي آهي.!جڏهن ته ڳالهه احمد رضا قصوري جي آهي ته انُ ڊاڪٽر امجد جي باري ۾ چيو الزام لڳايو هو ته فيصل آباد جلسي ۾ آيل هڪ به ماڻهو کي ڏهاڙِي نه ڏني هئي جيڪي هو ٻهراڙِي ۾ في ڏينهن  ڏهاڙي تي وٺي آيو هوُ،جڏهن ته احمد رضا قصوري اهو به چيو ته هن سان وعدو ڪيو ويو هو ته جيڪي به ماڻهو هو ٻهڙاري کان جلسي لاءِ آڻيندو انهن سڀني ماڻهن کي هڪ ڏينهن جي ڏهاڙِي ڏني ويندي، جيڪو وعدو اڳيان هلي ڪري پورو نه ٿي سگهيو،اهڙِي شڪايت کڻي جڏهن احمد رضا قصوري پنهنجي اڳواڻ وٽ پهتو ته پئسا پئسن جي ماڳ الٽو کيس پارٽي ۾ نيڪالي جو حڪم جاري ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت احمد رضا قصوري مسلم ليگ کي الواع ڪري ويو،پر ڳالهه جيڪڏهن پئسن جي آهي ۽ ٻهراڙي مان آيل هڪ ڏينهن جي ڏهاڙي تي آيل ماڻهن آهي ته پوءِ اها به ڳالهه  پڪ سان سچي هوندي ته هر پارٽِي اندر ماڻهن جو ايترو هجوم پڪ سان انهن جي محبت ۾ نه ايندو هوندو،ڇو ته هن وقت ڪهڙي پارٽي آهي جنهن عوام کي سک ڏنا آهن،مان سمجهان ٿو ته هن وقت هر پارٽي مان ماڻهو بيزار آهن انڪري احمد رضا قصوري کي ماڻهو وٺي اچڻ ڳچي ۾ پئجي ويا ۽ کيس پارٽي مان خارچ ڪيو ويو آهي،

ڳالهه پئسن جي ڪجي ته اهو معاملو تمام گهڻو ٽيڙو آهي ڇو ته اوهانکي ياد هوندو ته تحريڪ انصاف جو هڪ اڳواڻ به پنهنجا ڏهاڙي وارا پئسا گهرڻ سان گهر هليو ويو هو،تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اڪبرايس به پارٽِي کان خرچن جي فنڊنگ گهري جنهن تي مٿس پارٽِي اڳواڻ ناراض ٿيو ته کيس پارٽي مان خارج ڪيو ويو،پر (اڪبر ايس بابر)هار تسليم نه ڪئي ۽ انهي پسئن واري معاملي کي مختلف فورمن تي هڪ التجا واري آواز ۾ بلند ڪندو رهيو،جڏهن ته تحريڪ انصاف سڌي ريت پارٽِي جي فنڊنگ جو احستاب ڏيڻ جي بجاءِ هو اليڪشن ڪميشن  کي چيئلج ڪري رهي آهي ته هوُ ڪنهن به پارٽِي کان پئسن جو حساب نه ٿي گهري،ڳالهه تحريڪ انصاف جي ڪجي ته سندس پارٽِي ۾ ته انصاف جو بول بالا تصور ڪيو پيو وڃي پر جيڪڏهن اهڙِي ڳالهه آهي ته اڪبر ايس بابر کي ڇو رسوا ڪري پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي،کيس به پنهنجو انصاف ملڻ گهرجي ها،جيڪڏهن ڪو پارٽي اڳواڻ پارٽي جي فنڊنگ ڪري ۽ پوءِ وري انهي پارٽِي کان فنڊنگ جو حساب گهري ته کيس گهر ڀيڙو ڪيو ويندو وڃي،اهو ڪٿي جو انصاف آهي،نالو ته تحريڪ انصاف پر انصاف نالي به ڪا شيُ ڏسڻ ۾ نه پئي اچي،جيڪڏهن انصاف هجي ها ته اڪبرايس بابر ائين مختلف فورمن تي پارٽي کي چئلنج نه ڪري ها،جيڪڏهن الڪيشن ڪميشن تحريڪ انصاف جا پئسن جو حساب گهري رهي آهي ته کيس حساب ڏيڻ گهرجي ڇو ته بقول پارٽي جي اڳواڻ جي ته سندس پارٽي ۾ بدعنواني جو تصور به ناهي،انڪري کيس پارٽي جو حساب ڏيڻ گهرجي،انڪري تحريڪ انصاف مسلسل انهي ڳالهه کان لهرائي رهي آهي ۽ پاڻ مٿان انصاف جي چادر اوڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪا نه ڪا گڙٻڙ ضرور آهي.جو تحريڪ انصاف پنهنجو انصاف ڏيڻ کان لهرائي رهي آهي،انڪري انهي ڳالهه انهي پهاڪي مثل آهي ته اٺ ڪهڙي به پاسي ويهي سگهي ٿو،ان ته هڪ تاريخي واقعو ياد اچي ويو ته عالم دين مولانا دائود غزنوي جيڪو قيام  پاڪستان کان پهرين ڪانگريس جي پنجاب شاخ جا فناس سيڪٽري هو،۽ پوءِ جڏهن هوُ اها جماعت ڇڏي پوءِ جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته پنڊت نهرو مولانا عطاالله شاهه بخاري کي چيو ته شاهه جي مولانا دائود ڪانگريس ڇڏي ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جو کيس حق آهي پر توهان کائونس فنڊنگ جو حساب ته وٺو.؟

جڏهن ته شاهه جي جو ڪانگريس سان ڪوبه تعلق نه هو ۽ نه ئي مسلم ليگ سان ڪو تعلق هو،شاهه نهرو سان لطيفي جي انداز ۾ ڳالهه ڪندي چيو ته پنڊت جي محمود غزنوي ڪو حساب ڏنو هو جو توهان مولانا دائود کان حساب گهري رهيا آهيو، …………….هلندڙ…………..

احمد رضا قصوري ٻهراڙي مان ڏهاري ۾ ماڻهو وٺِي اچڻ ۽ پوءِ انهن ماڻهو جي ڏهاڙي جو پارٽي کان حساب گهرڻ تي  پارٽي کان فارغ ٿي  ڪيو ويو آهي،پر حيرت ته ڳالهه ته اها آهي ته اهي هيٺ ويهڻ وارا ڪٿي آهن،جن جواب ۾ پرويز مشرف کي ئي پارٽي نيڪالي ڏئي ڇڏي،۽ ڪٿي آهن اهي جيڪي پاڻ کي پي ايم ايل جا مکُ اڳواڻ سڏائيندا هئا،ان ڪري افسوس آهي جيڪا مسلم ليگ پارٽي کي هڪ ڪرڻ لاءِ نڪتي هئي اها پارٽي خد حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي،ڇو ته هڪ طرف احمد رضا قصوري آهي ۽ ٻئي پاسي پرويز مشرف ۽ ڊاڪٽر امجد ۽ هڪ ٻيو پارٽي اڳواڻ فواد چوڌري جيڪو پهرين ئي پارٽِي کي الواع چڪو آهي،پر ڪنهن زماني اندر عائشه گلالائي به پي ايم ايل جو حصو هئي،جٿان کانپوءِ پوءِ هوُ تحريڪ انصاف ۾ آئي،۽ اها سڀني کي خبر هوندي ته ٿوري وقت ۾ هو پارٽي کان عليدگي اختيار ڪري ورتي آهي،جنهن جي سببن جي به سڀن کي خبرهوندي،پر خير هڪ پارٽِي کان ٻئي پارٽي اندرماڻهن جو اچڻ وڃن ٿيندو رهندو آهي،ڊاڪٽر فرودس اعواڻ به ٿوري عرصي ۾ پ پ کي ڇڏي ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪي آهي،جڏهن ته سندس ٻه ڀاءُ پهرين ئي تحريڪ انصاف ۾ شامل هئا جن اها پارٽي ڇڏي ڏني آهي،جنهن جو ڪارڻ شايد ڊاڪٽر فرودوس اعواڻ آهي ظاهري ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي ڀائرن مان ڪو هڪ ٽڪيٽ جو اميدوار ته ضرور هوندو پر ڊاڪٽر فردوس اعواڻ جي اچڻ کانپوءِ کين يقين تي ويو هوندو ته کين ڊاڪٽر فردوس اعواڻ جي موجودگي ۾ ٽڪيٽ نه ٿو ملي سگهندو انڪري انهن پارٽِي ڇڏڻ کي ئي بهترعمل سمجهيو،انڪري هوُ هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽِي ۾ هليا ويا آهن ته شايد اتي کين ڪا چانس ملي وڃي،رهي ڳالهه مسلم ليگ جي ته مسلم ليگ پنهنجي اڳواڻن کي متحد ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪامياب نه وئي آهي جڏهن ته پرويز مشرف جو اها سوچ آهي ته هو ايندڙ اليڪشن کان پهرين پهرين پنهنجي پارٽي کي هڪ مظبوط پارٽي طور سامهون وٺي اچي  ۽ سندس پارٽي جي سياسي قوت حاصل هجي جيڪا ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪري سگهي،پر اڃان مسلم ليگ محتد نه سگهي آهي ۽ نه ئي اهڙي پوزيشن ۾ آهي جو هو هيڏين وڏين پارٽين جو مقابلو ڪري سگهي،ظاهري ڳالهه آهي ته پرويزمشرف ته هن وقت دبئي ۾ ويٺل آهي ۽ پنهنجي پارٽي جو جڏجاڻيون به دبئي ۾ ڪرائي رهيو آهي ۽ پاڪستان اندر چوڌري شجاعت حسين آهي جيڪو مسلم

ليگ جي اڳواڻن کي متحد ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيو آهي پر اڃان تائين کيس ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي،جڏهن ته چوڌري شجاعت کي اها اميد آهي ته هوُ اليڪشن کان پهرين پنهنجي پارٽِي اڳواڻن کي راضي ڪري وٺندو ڇو ته کيس يقين آهي ته اليڪشن اندر ڪافي ٽائيم پيو آهي،جڏهن ته وزيراعظم خاقان شاهه  عباسي چيو آهي ته هرحال ۾ اليڪشن 2018ع ۾ ٿيندي،پر جماعتن کي يقين آهي ته ايندڙ اليڪشن 2018ع ۾ ٿي يا 2020۾ پر سياسي موسم هڪ جهڙو ئي رهندو انهي ڪري جماعتون پنهنجو پنهنجي احستاب جي بحث هميشه ڇيڙينديون رهينديون آهن،اوهانکي ياد هوندو جنرل ضياالحق وارو دور جڏهن ضياالحق الڪيشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ جماعتن پنهنجا الڪيشن فارم ڀرائڻ شروع ڪيا ۽ جڏهن اهي نامزدگي فارم وارو عمل شروع آخرکان آخرتائين مڪمل ٿيو ته جنرل ضياالحق اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي،۽ پاڻ پاڪستان جي ڪرسي تي ويهي رهيو اڪٽر پارٽيون سندس احتساب لاءِ هاءِ گهوڙا گهوڙا ڪنديون رهيون،پر ان وقت ضياالحق ڪنهن جي به هڪ نه ٻڌي ۽ آخر پارٽيون وري پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ٿي ويون جنهن اندر اڪثرپارٽيون هڪ ٻئي تي الزام لڳائينديون رهيون ۽ چونديون رهيون ته ڪي اهڙيون به پارٽيون آهن جيڪي ضياالحق کان لهرائي ٿيون انڪري سندس مخالف نه ٿيون ڪن،برحال هن وقت اڃان اهڙو ڪوبه وقت ناهي هو اهڙي نوبت اچي،پر ايترو ضرور آهي جو هاڻي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي خلاف ضرور آهن پر انهن سڀني جو هڪ منشور آهي ته پارٽيون جو احستاب ٿيڻ گهرجي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *