سياست کي انا جي جنگ نه بڻايو…؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت پاڪستان جي سياست اندر اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن کي ڏسي ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان اندر سياست نه پر هڪ انا جي جنگ وڙهي پئي وڃي.!جنهن جي هڪڙي جهلڪ اوهان ڏسي چڪا هوندا.؟ ميان نواز شريف احستاب عدالت اندر پيش ٿيو. جنهن وقت ميان نواز شريف کي گيٽ ئي روڪيو ويو جنهن جي ڪري نواز شريف جو چهرو سڄو ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ميان نواز شريف ڪاوڙ واري لجهي ۾ مسلسل ڪجهه نه ڪجهه ڳالهيندو رهيو.جڏهن ته ميان نواز شريف اهو بلڪل به وساري چڪا هئا ته سندس وات مان نڪتل هر لفظ جي معنيٰ ۽ وڏي حيثيت آهي،ڇو ته ميان نواز شريف ڀلي هن وقت نااهل هجي ۽ وٺس وزيراعظم وارو عهدو نه به هجي ته ميان نواز شريف تي هن وقت پاڪستان جي پوري ميڊيا جو نظرون کتل آهن،سندس زبان مان نڪتل هر لفظ کي نوٽ ڪيو پيو وڃِي ۽ سندس وک وک تي نظر رکي پئي وڃِي. ميان نواز شريف احتساب عدالت اندر پيش ٿيو ته گيٽ تي کيس روڪيو ويو ته ان وقت ميان صاحب آپي کان نڪري ويو هو ۽ کيس اها خبر نه هئي ته سندس هر لفظ جي هڪ وڏي زميداري آهي، جنهن وقت ميان نواز شريف کي گيٽ تي روڪيو ويو ته هن وقت اتي ٻيٺل ريجنرس جي جوانن مان ميان نواز شريف ناخوش هئا،جڏهن ته ميان نواز شريف هڪ رياست اندر رياست مخالف جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون،پر ميان نواز شريف کي اهڙو رويو بلڪل به نه رکڻو هو. ۽ کيس ڪرڻو اهو هو جو هُو پنهنجي آفيس وڃي ڪري ٿڌي دماڳ مان انهي سموري معاملي جي جانڇ ڪري ها.ته کيس ڇو روڪيو ويو، ڇو ته ميان نواز شريف کي اها خبر هجڻ گهرجي هان ته هڪ ڏينهن پهرين اها خبر نشر ۽ شايع ٿي چڪي هئي ته احستاب عدالت اندر وزيرن روڪيو ويو آهي،جڏهن ته ايف سي جي اهلڪارن کي انهي روڪڻ واري جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي، پر ڳالهه اها به آهي ته انهي خبر جي بنياد تي وزيرداخلا به ان ڏينهن تي اهڙو ڪو پلان ڇو نه ٺاهيو.؟

احستاب عدالت اندر رجسٽرار ۽ ريجنرس سان ميٽنگ ڇو نه ڪئي.؟جڏهن ته ميان نواز شريف کي روڪڻ ته وزيرداخلا سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ نوٽيس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي،پر کيس اهو به ياد ناهي ته جڏهن وزيراعظم ميان نواز شريف جي پهرين احستاب عدالت اندر پيشي ٿي وئي ته هن وقت عدالت جو ڪيترو تقدس پامال ٿيو هو.ان پهرين پيشي تي ميان نواز شريف سان گڏ اسحلو رکندڙ هڪ وڏي سڪيورٽي عدالت اندر گهڙي وئي هئي،جنهن جي پاڪستان جو آئين نه اجازت نه ٿو ڏي،ڇا ان وقت ميان نواز شريف کي اها سوچ نه هئي ته هو جنهن عدالت اندر پيش ٿيڻ وڃي رهيو آهي اها عدالت هر ملڪ اندر هڪ وڏي حيثيت رکندڙ ادارو آهي ان وقت ميان نواز شريف کي اهو به وسارڻ نه گهرجي هان ته انهي عدالت کيس پاڪستان جي ڪرسي تان هٽائي ڪري هڪ عام ماڻهو واري حيثت تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، انڪري ميان نواز شريف کي پهرين پيشي تي ايڏي اسحلي واري سڪيورٽي وٺي اچڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي،مان سمجهان ٿو ته ٻئي پيشي تي ميان نواز شريف کي روڪڻ جو سبب ئي پهرين پيشي تي عدالت اندر هٿيارن واري سيڪورٽي وٺي اچڻ آهي،ان ڪري هن وقت پاڪستان جو وزيرداخلا عدالت کان اهو انصاف گهڙي رهيو آهي تي ميان نواز شريف کي عدالت جي گيٽ تي ڇو روڪيو ويو،ان ڪري مان اهو ضرور چوندس ته عدالت کان انصاف گهرڻ بجاءِ وزيرداخلا کي پنهنجي دامن ۾ جانچي ڏسڻ گهرجي،ڇو ته سڪيورٽي جا سمورا انتظام وٺس آهن جيڪڏهن پهرين پيشي تي ميان نواز شريف کي آگاهه ڪيو وڃي ها ۽ ٻئي پيشي تي اهڙو واقعو ئي نه ٿي ها،جيڪڏهن انجي باوجود به وزيرداخلا ميان نواز شريف لاءِ انصاف گهري رهيو آهي ته انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو پاڻ پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪري رهيو آهي،

ميان نواز شريف جي ٻئي پيشي اندر جيڪو ڪجهه ٿيو مان سمجهان ٿو ته اهو صرف ۽ صرف پاڻ ۾ رابطن جي ڪمي جي ڪري ٿيو آهي.۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ڪي ڳالهيون ميان نواز شريف ۽ احستاب عدالت جي تحفظ فرام ڪرڻ واري جي وچ اندر اهڙيون راز رکيو ويون هنيون نه ته ائين هرگز به نه ٿي ها ته ته وزيرداخلا ۽ انهي جي ٻين وزيرن کي اها خبر نه هئي ته ميان نواز شريف کي احستاب عدالت جي ٻاهران روڪيو ويندو ۽ کين خبر ئي نه پوندي،برحال مان سمجهان ٿو ته انهي ڳالهه ۾ ڪو راز ضرور آهي، ڇو ته  اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل نه هئي ته ميان نواز شريف احستاب عدالت اندر ٿيندو ۽ اها به سڀني کي خبر هئي ته ميان نواز شريف جي احستاب عدالت اندر اچڻ تي ڪيتري رش هوندي،۽ ان موقعي ته سڀئي عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش به ڪندا،ان جي باوجو به وزيرداخلا احسن اقبال چئي به رهيو آهي ته اسلام آباد جي چيف ڪمشنر سڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا هئا،پر اتي سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن سڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا ته انهن جي آگاهي رجسٽرار ۽ ريننجرس کي ڏني وئي يا نه .؟ڇو ته خبر ته اها خبر نشر ڪئي وئي هئي ته احتساب عدالت اندر وزيرن کي روڪڻ ۽ عدالت اندر نه اچڻ جو چيو ويو هو جنهن تي سموري وزيرن کي روڪيو ويو هو،جڏهن ته عدالت جي حفاظت لاءِ ريجنرس سڪيورٽي کي مقرر ڪيو ويو هو،ان وقت چيف ڪمشنر جو اهو فرض هو ته سڀني کي گڏ ڪري سڪيورٽي معاملن جي ڳالهيون ڪرين ها.پر ائين نه ٿي سگهيو،

انڪري ٻئي پيشي جي پاڪستان ملسم ليگ جا ڪيترائي ڪارڪنن ۽ وزيرعدالت اندر پهچي چڪا هئا جن جي روڪيو نه وڃي ها ته اهوئي ٿي ها جيڪو پهرين پيشي تي ٿيو هو. ان تي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها به آهي ته وزيرداخلا کي ريجنرس جي مومنٽ جي خبر ئي نه پئي ته هو ڪنهن وقت پنهنجي جاءِ تان نڪري ڪري اچي احتساب عدالت اڳيان ٻيهي رهي،جڏهن ته اهو صاف ظاهر آهي ته هو صبح جو سوير جي عدالت ۾ پهچي وئي هوندي،۽ وزيرداخلا کي انهي سموري معاملي جي ڪا به خبر ناهي ۽ کيس خبر هن وقت ٿي پوي جڏهن ميان نواز شريف کي احستاب عدالت جي اڳيان روڪيو ٿو وڃِي.! برحال ملڪ اندر جهموري بالا دستي آهي يا سول بالا دستي انهي جو اندازو اڃان لڳائڻ مشڪل لڳي رهيو رهيو آهي پر مان اهو سمجهان  ٿو ته ملڪ اندر هن وقت هڪ اهڙي انا جي جنگ وڙهي پئي وڃي جنهن جا نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ نڪرندا.ڇو ته هڪ صرف پاڪستان جون عدالتون آهن ته ٻئي پاسي ميان نواز شريف جو ٿيڻ وارو احستاب ۽  ٽئي پاسي وري ميان نواز شريف پنهنجو مان  سڀني کان مٿائون رکڻ جي چڪر ۾ ڏاڍو روز لڳائي رهيو آهي،ڇو ته موجوده صورتحال اندر هڪ نئي ڳالهه اها به سامهون اچي وئي آهي ته آئين ۾ ترميم ڪري ميان نواز شريف  کي پاڪستان جو صدر بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ميان نواز شريف ڀلي ملڪ جو وزيراعظم نه هجي ڀلي ملڪ جو صدر ٿي پر مان سمجهان ٿو ته ڇا ميان نواز شريف صدر ٿيڻ کانپوءِ به آرام ۾ رهندو مٿس جيڪا احستاب جي تلوار لٽڪيل آهي انهي جو ڇا ٿيندو،جڏهن ته هن ملڪ اندر هڪ سوال اهو به آهي ته هن ملڪ اندر اٿس حڪومت ڪهڙي آهي ۽ ڪنهن جو زور آهي،پاڪستاني عدالت جو جهوريت جو يا فوج جو،جڏهن ته ميان نواز شريف اڃان به اهو ذهن ۾ رکيو اچي ته حڪومت سندس اشارن تي هلي رهي آهي پر آئيني طور تي هو حڪومت جو حصو ناهن،انڪري ميان نواز شريف جي سياسي ساک کي نقصان پهتو آهي 1999ع اندر جڏهن ميان نواز شريف جي هٽايو ويو هو ان وقت ميان نواز شريف عوام جي خوف همدري حاصل ڪئي ۽ عوام کي کيس بي انتها چاهيو ڇو ته هن وقت هڪ جهموريت جو باب ختم ٿيو هو ۽ آمريت ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون هينون،پر هن وقت ميان نواز شريف کي هٽايو ويو آهي ۽ ملڪ اندر جهوريت به قائم آهي پر ملڪ اندر هڪ بالاستي جي جيڪا جنگ وڙهي پئي وڃي اها تمام گهڻي خطرناڪ آهي،جڏهن ته اسان وٽ جهموريت جي تمام گهڻي عزت آهي ۽ عوام جو هڪ حسن آهي جهموريت. انڪري مان سمجهان ٿو ته سياست اندر اهڙي ڪابه بالادستي جي جنگ نه وڙهي وڃي جنهن سان نه رڳو ملڪ پر انجي جي عوام جو به نقصان ٿي.هن وقت ميان نواز شريف پاڪستان مسلم ليگ ن جو صدر ٿي ويو آهي جڏهن ته ميان نواز شريف لاءِ اهڙي صورتحال اندر هڪ وڏي خوش خبري آهي.!!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *