سياست جي مونو گرام ۾ اسان جا ڌنڌلا عڪس: شوڪت لوهار

لڳي ائين ٿو ته عمران خان صاحب جو پلاٽ اڏا رائيونڊ وارو مها جلسو ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ مودي سرڪار جي ارهه زورائين جي بڙ بڙ دکي ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. پنهنجي جاءِ تي ر ائيونڊ مارچ هڪ نظر ۾ هڪ تمام وڏو ۽ خوفناڪ قسم جو جلسو ٿيندي نظر اچي رهيو هو. جهڙي نموني رائيونڊ ۾ خيما کوڙڻ کان اڳ ۾ پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ جا متوالا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا ۽ هڪ خوف جي فضا ڇانيل هئي، خون ريزي ٿيندي نظر اچي رهي هئي. رتوڇاڻ جو منظر عيان ٿيندي پسجي رهيو هو پر خير سان اهو طوفان اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو آهي. ان جي گرد آهي، جيڪا هوريان هوريان ٿمجي رهي آهي. هن وقت سياست جي شفق لالاڻ ۾ خان صاحب جي وٺ پڪڙ واري سياست ڪنهن سُست توپچي جيان پنهنجي نشاني کان پري مار ڪري رهي آهي.

رائيونڊ مارچ ۾ پي ٽي آءِ جو اڪيلي سر شو صرف ناظرين ۽ حاضرين کي محزوز ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. باقي نواز ليگ تي هروڀرو ان جو ڪو خاص اثر ڪو نه پيو آهي. هونئن به هن وقت والاريل ڪشمير ۾ اڙي واري حملي کانپوءِ جنگ جي بڇ بڇان آهي. انهيءَ ڏس ۾ هن اها دعويٰ به ڪئي ته اسين سرجيڪل اسٽرائيڪس ڪيا آهن. حالانڪه اهو نارمل جو ڀارت جو ائب نارملي ٺڪاءُ هو، جيڪو هُو لائين آف ڪنٽرول تي ڪندو رهيو آهي، جيڪا بين الاقوامي قانون جي پڻ ڀڃڪڙي آهي پر جيئن ته ڀارت بين الاقوامي قانون جي لڳاتار ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان کي ڦٻيو به آهي. تنهن ڪري ان ۾ خير عافيت سمجهي ته جي ائين دنيا ۾ هُل هنگامو مچائبو ته شايد ڀارت جي واهه واهه ٿي ويندي. وري ڀارتي سياست جي هم نوا اتان جي خابرو ميڊيا به ٿي آهي، جنهن ڀارتي فوج ۾ شايد اڏامندڙ شڪتي ڏسي ان کي افوق الفطرت سمجهڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڀارتي ميڊيا هن وقت پاڪستان تي گند اُڇلائڻ ۾ پورو آهي.

لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي جڏهن هن ٻن پاڪستاني فوجين کي شهيد ڪري ڇڏيو ته ملڪان ملڪ ڀارتي ميڊيا اهي شوشا ڇڏيا ته اسان پاڪستان تي سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪيو آهي، پر پاڪستاني فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ جيڪو سندن جاني نقصان ٿيو آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ لاءِ سندن وات ۾ مڱ پيل آهن. اها خبر ته پوءِ ڪنهن عالمي اداري تان بريڪ ٿي ته ڀارت جا چوڏهن کن فوجي پاڪستاني فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي چڪا آهن. وري مودي سرڪار جو جنگي جنون وڃي سڌ طاس معاهدي جي نڙي تي ننهن رکڻ تائين پهتو، جنهن ۾ نريندر مودي اهو چيو ته خون ۽ پاڻي گڏ گڏ نٿا وهي سگهن. هو هن خطي جي ڏکيائين ۽ تڪليفن کان ڀلي ڀت واقف آهي پر ڇاڪاڻ ته ضد ۽ انا هٺ ڌرمي، انهيءَ کان وڌ ڪشمير ۾ ڪيل پنهنجا ڪڌا ڪم سندن آڏو سجهي رهيا آهن.

موجوده صورتحال ۾ جتي عمران خان جي پي ٽي آءِ جيڪا هر حوالي سان نون ليگ سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ پوري آهي تنهن جي رائيونڊ مارچ جو ملڪي سياسي نوٽيس بورڊ تي ڪو خاطر خواهه اثر ڪو نه ٿيو آهي. اسان جا ماڻهو جنهن اُميد جي ٽرنڪولائيزر ۾ رهندا آهن، اهو بهرحال عمران خان پورو ڪندي نظر ڪو نه ٿو اچي.

هن رياست جو عوام، جيڪو عوام گهٽ پر هڪ ٽيڪسي تي ڏنل/ ورتل هڪ مڇي جو تلاءُ آهي، جنهن کي جيڪو وڻي جهڙي اگهه وڪڻي ڇڏي، وري اوچتو ڪٿي دشمني ۾ ڪو زهريلي دوا انهيءَ مڇي جي تلاءُ ۾ اڇلي وڃي ته سڄو تلاءُ زهريلو ۽ صبح جو سڀ مڇيون بنا ڪنڊي جي موت جي امرت ۾ پيون ترنديون.

هن ملڪ جو عوام نعري ۽ لاري جي آسري پوري عمر گهاري ڇڏي ٿو، پر شرط اهو آهي ته آسرو ختم نه ٿئي، جيتري اُميدپرستي مان سمجهان ٿو اسان وٽ آهي، اها جيڪڏهن ڪن شعور جي سيجيل ماڻهن کي ٻڌائبي ته نگ رهجي وڃن. هن وقت هن ملڪ جو عوام لوڊشيڊنگ جيڪا گهڻو ڪري هٿرادو آهي، جي آزار ۾ احتجاج ۽ خودڪشيون ڪري ٿڪجي پيئي آهي. آئون اها دعويٰ ڪريان ٿو ته هن وقت ڀلي جرمن نازي پارٽي به جيڪڏهن هن ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ، بيروزگاري، دهشتگردي ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرائي ته هوند ماڻهو ان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.

بهرحال اسان وٽ ننڍا ننڍا علائقا، ملڪن، چوڌرين، خانن، نوابن ۽ انهن جي ايندڙ نسلن کي دان ڪيل آهن، انهن کي وڻي ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪا ڊسپينسري، ڪو اسڪول ڪو روڊ ڪو رستو ٺهرائين، جيڪڏهن سرڪار جا موڊ ڪجهه ٻيو چاهين تڏهن به وس جا مالڪ آهن انهن کان ڪو پڇڻ آکڻ وارو ڪو نه آهي.

2013ع جي چونڊن کانپوءِ جڏهن پي ٽي آءِ واضح طرح ظهور پذير ٿي آئي هئي ته ائين لڳو هو ته هاڻ واقعي خان صاحب صحيح دڳ تي هلڻ شروع ڪيو آهي. توڙي جو پرويز مشرف جي  شفقت جو هٿ به هن پارٽي مٿان پئي رهيو هو ماڻهو اهو سمجهڻ لڳا هئا ته واقعي هاڻ تبديلي سونامي بڻجي نئون پاڪستان ٺاهيندي. اهو برگر ڪلاس جنهن ڪڏهن پاور پاليٽڪس کي گاهه ئي ڪو نه وڌو هو ۽ هميشه ان کي فضول سمجهيو هو. ٻيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي پر ۾ هڪ رجعت پرست پارٽي آهي، پر پوءِ به هو پنهنجن جلسن، جلوسن ۾ ميوزڪ، مستي ۽ تفريح ڪرڻ جي ڪري جلسي ۾ ڪامن ريئارڪ جي بوريت کان بچي پيا وڃن پر اهو سڀ ڪجهه هڪ واقعي ڏاڍي سنجيده ۽ هڏڏوکي عوام دوست پارٽي ۽ اڳواڻ لاءِ ڪافي ڪو نه هوندو آهي، جيڪو ماڻهن کي هاڻ آهستي آهستي محسوس ٿيڻ لڳو آهي. قادري  جي ڪلمينشن عمران خان ۽ ٻين گهڻن ئي فري هٽ کيڏيندڙ رانديگرن کي ملائي جڏهن اسلام آباد جي گرين بيلٽ  ماڻهن کي ميڙي گڏ ڪيو هو ۽ ان وقت ميڊيا به ڀرپور سندن ساٿ ڏئي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو ته انقلاب آيو ڪي آيو، پر خير علامه صاحب جي خطابن تي ڪنهن کي ڪو به شڪ شبهو ڪو نه آهي. هو ڳالهائڻ ۽ حوالو ڏيڻ جو ماهر آهي. هن وٽ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو فن به آهي ۽ سندن جماعت عوامي تحريڪ پي اي ٽي، پي ٽي آءِ کان وڌيڪ منظم آهي. ان به هڪ حد تائين عمران خان جو سياسي ڪزن ٿيڻ جو ڪردار نڀايو پر مولانا طاهر القادري جي اڏام جيئن تڪڙي هوندي آهي، تنهن ڪري هن دفعي ماڊل ٽائون جي قصاص ريلين به ڪو خاطر خاهه ٻوٽو ڪو نه ٻاريو، پر بهرحال ماڊل ٽائون جي بيگناهه ماڻهن جو قتل نواز ليگ کي ڪٿي نه ڪٿي سوڙهو ضرور ڪندو.

هن وقت عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جا گيت به عمران خان جي جلسن ۾ ڪو نه ٿا گونجن، نظم ضبط پنهنجي جاءِ تي پر پارٽِي اندر جيڪا ٽوڙ ڦوڙ آهي سا به وقتن فوقتن سامهون ايندي رهي ٿي. لڳي ائين ٿو ته خان صاحب صرف اشو ۽ الزام کان ٻاهر نڪرڻ ئي نٿو چاهي. ڪير به کير جو ڌوتل ڪو نه آهي. پاناماليڪس وارو وڏو پينڊورا باڪس کلي چڪو آهي تڏهن به ان جو ايڏو وڏو جهٽڪو ڪو نه آيو آهي جيڪو اسين انگلستان يا آئس لينڊ ۾ ڏٺو. اسان وٽ مڙها ۽ منجا مرندي تائين گڏ هوندا آهن، اهي ائين ايترو جلدي ان جي جان ڪو نه ٿا ڇڏين.

پ پ پ هاڻ گهڻي ڀاڱي اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته سندس وجود ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ وڃي ٿو سُسندو ۽ شايد ڀلي پيو ننڍو ٿئي ان جي کيس پرواهه ڪو نه آهي.

پنجاب ۾ نواز ليگ ماڻهن کي امن، خوشحالي، روڊ، رستا، ريلون ۽ سُک ڏنا آهن ۽ هو اتان پيا کائيندا، جڏهن ته هتي ڪاري وارا ڪک ۽ سڀ گٽر اٿليا پيا آهن، بک، بيروزگاري، جهالت ۽ وڏيري اوطاق نه صرف ڊرامن ۾ پر حقيقي سنڌ به بمباري ٿيل ڪابل قنڌار ۽ عراق کان وڌيڪ ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ هاڻ ڪٿي نعري جي ضرورت ئي نه رهي آهي جو هتان جي عوام جي قوت ڄڻ ته ختم ٿي چڪي آهي، انهن جي ڳچين ۾ وڏا وڏا ڳٽ آهن، انهن جي پيرن ۾ ٿلهيون لوهي سيخون آهن. هاڻ سنڌ جو عوام بس هڪڙي نعري جي نشي ۾ پُر آهي جو هو سنڌي آهي ۽ هن وٽ پنج هزار سالن جي پراڻي ۽ دنيا جي اعليٰ تهذيب آهي. منهنجي خيال ۾ مشڪلاتن جو هڪ مها ساگر سنڌ واسين کي بي حس ۽ بي وس ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي. خان صاحب جا خواب تعبير ٿيندي نظر ڪو نه ٿا اچن باقي سياست ۾ ڪا به شيءِ آخري ڪو نه هوندي آهي.

Shokatali.lohar@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *