سياست جي منڊين ۾ سازشن جي گيم!!: غلام مصطفيٰ جمالي

سياست جي منڊين ۾ سازشن جي ٿيهوري جي بازار هڪ دفعو ٻيهر گرم ٿي وئي آهي.ملڪ جي هر پاسي هر ڪنڊ ڪڙڇ اندر هڪ نئي سياست جي ٿهيوري پيش ڪئي پئي وڃي.سياست جي بازار ۾ هڪ دم ايتري تيزي اچي وئي آهي جو سندرا ڇڪيا پيا وڃن.مهرا سجايا پيا وڃن.۽ انهن مهرن جي چالن تي نظرون رکيون پيون وڃن.ڪنهن حد تائين اهو چئي سگهجي ٿوته انهي منڊي ۾ تيزي صرف آصف علي رزادي جي بيان کان پوءِ آئي آهي.جيڪو بيان هر اخبارن جي زينت بڻيل آهي.اليڪن ڪمال جي ڳالهه ته اها آهي.جهڙي طرح بيان جاري ڪيو ويو آهي اهڙي طرح انهي بيان  جي باري ۾ ڪو به بيان واضع نموني سان نه ڏنو ويو آهي.اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست به آهي ته ڪن صحافين سان آصف علي زرداري غير رسمي ڳالهه ٻول ڪئي آهي.جنهن اندر جرنل راحيل شريف جي ملازمت جي واڌ جي بيان کان لاتعلقي جو اظهار پڻ ڪيو آهي.باقي بيان تي تاعيد ڪئي آهي.پر پوءِ به ڪو باقده وضاحيت بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.پي پي پي جي مرڪزي رهمنا انهي بيان کان پوءِ مڪلمل ڪنفيوز آهن. محتره ڪائراه صاحب پهرين ته انهي  تي انڪوائري جو حڪم ڏنو مگر شايد پوءِ کيس ٻڌايو ويو ته انڪوائري ڪرڻي ناهي.پر صبر کان ڪم وٺڻو آهي.جنهن جي ڪري ان ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجي انڪوائري جو حڪم واپس وٺي لاٿو.

برحال انهي بيان جو مقصد سياست جي منڊي اندر تيزي آڻڻ هو.جيڪا تيزي اچي چڪي آهي.جڏهن ته ان کان پهرين سياست جي ميدان اندر ميان نواز شريف پاران جيڪو نيب کي خلاف بيان آيو هو انهي ۾ به پڻ ڪيتري ئي تيزي اچي چڪي آهي.اهڙي طرف آصف علي زرداري جي بيان کان پوءِ ميان نواز شريف جي بيان کان به وڌيڪ تيزي اچي چڪي آهي.هاڻي سياست جي منڊي اندر هڪ هلچل پيدا ٿي چڪي آهي،.جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ سياسي ٿهيوري سياست جي منڊين اندر ئي وڪرو ٿي رهي آهي.اهو انهي ڪري جو اهو بيان هڪ گريٽ گيم جو حصو آهي.گريٽ گيم ڇا آهي،؟هڪ سادي اها ئي گريٽ گيم آهي.ته سڀ اهو ئي چاهين ٿا ته جرنل راحيل شريف رٽائر ٿيڻ گهرجي.ڇو ته سياست جي منڊين اندر اها ڳالهه عام آهي ته ڪرپشن ۽ نيب جي ڪاروائيون انهي ايجنڊا جو حصو آهن.آئي ايس پي آر جو هڪ ٽوئيٽ ته جرنل راحيل شريف پنهنجي مدت جي واڌ ۾ ڪابه دلچسپي نه کرڻ گهرجي.اهو انهي گريڊ گيم جو حصو آهي.اهو ٽوئيٽ انهي لاءِ ڪيو ويو هو ته جئين عوام کي يقين ڏياريو وڃي ته ته جرنل راحيل شريف جا ڪي به سياسي مقصد ناهن.جڏهن ته اهو به سوال ناهي پر جڏهن اهين ناهي ته پوءِ اهو سوال گريٽ گيم جو حصو ڪيئن آهي.سازشن جي تهوري بيان ڪرڻ وارا چون ٿا ته نيب انهي گريٽ گيم جي ڪري پنهنجي ڪاروائين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي.جڏهن ته انهي سموري راند مرڪزي ڪرادر پاڪستان جون اهي سياسي جماعتون ڪردار ادا ڪري رهيون آهن جيڪي پاڪستان اندر ڪرپشن جي خاتمي جو نعارو هڻي ڪري اچي ميدان ۾ لٿيون آهن.جن ۾ پاڪستان سياسي پارٽي جماعت اسلامي ۽ عمران خان صاحب جي سياسي پارٽي تحريڪ انصاف آهي.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جماعت سلامي انهي راند جا پراڻا رانديگر آهن.جڏهن ته جماعت اسلامي اهو چئي رهي آهي ته انهي گريٽ گيم اندر تحريڪ انصاف انهي جو حصو ناهي،جڏهن ته تحريڪ انصاف اجو علان ڪري ڇڏيو آهي ته هو مارچ اندر ڪرپشن جي خلاف تحريڪ هلائيندا.جڏهن ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته آخر مارچ ۾ ئي ڇو پارٽيون تحريڪ هلائينديون آهن.ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سياست اندر وقت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.انهي ڪري سوال اهو آهي ته ڇا جيڪا آصف علي زرداري جي بيان کان پوءِ سياسي ميدان اندر سياست جي منڊي ۾ جيڪا تيزي آئي آهي انهي جو عملي پروگرام جماعت وٽ آهي.؟ ۽ ڇا اسٽبلشمنٽ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو آهي.گذريل ڌرڻن اندر انهن جماعت اسلامي ۽ پي پي پي کي گريٽ گيم جو حصو بڻايو هو.انهي ڪري  هڪ طرف کان سراج الحق پنهنجي مصالحتي گيم ۽ ٻئي پاسي آصف علي زرداري پنهنجي پارليامينٽي گيم سان انهن ڌرڻن کي پنهنجي مقصد تائين پهچائڻ نه ڏنو.انهي ڪري اسٽبلشمنٽ هن دفعي گريٽ گيم به سراج الحق سان ۽ آصف علي زرداري سان ملي ڪري. پوءِ ڪري رهي آهي ان ڪري پ پ جي نيب جي حوالي سان حڪومت جي ڪنهن به ترميم جي سپورٽ نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

پوءِ گريٽ گيم ڇا آهي.انهي ڪري ڪير به نه ٿو چاهي ته ملڪ اندر ڪرپشن ٿي.انهي ڪري حڪومت ڇو انهي ڪرپشن جي رستي ۾ ڪنڊا پکيڙڻ جي چڪر ۾ آهي.ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪرڻ وارن ادارن کي حڪومت پنهنجي مرضي سان ڪم ڪرڻ نه پئي ڏئي کين هر ڪم کان روڪيو پيو وڃي..جڏهن ته اها ڳالهه صاف آهي ته ڪيترائي وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ ڪيترائي مني لارنڊنگ  ۾ ملوث آهي.انهي ڪري عدالتن کي به ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي .انهي ڪري مان سمجهان ٿو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪيترائي اپاءُ وٺڻ ضروري آهن.هاڻي ڇا ٿيندو انهي جو انتظار آهي.پ پ جماعت اسلامي سان گڏ هوندي ۽ عمران خان صاحب به انهن سان گڏ هوندو.انهي ڪري پ پ الخصوص ڪجهه مهينن کان وٺي.جرنل راحيل شريف خلاف هڪ مهم هلائي رهي آهي.ڇو ته پهرين پ پ جي اعتراز احسن جرنل راحيل شريف جي مدي جي واڌ جي خلاف بيان ڏنو.پوءِ خورشيد رشيد صاحب انهي به پنهنجي بيان ۾ چيو ته جرنل راحيل شريف جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي.جڏهن ته سياست ٽئي ٿهيوري اندر ميان نواز شريف هر روز اڪيلو ٿيندو پيو وڃي.۽ سياسي جماعتون جرنل شريف جي ويجهو جمع ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.ان ڪري جڏهن گريٽ گيم ٿيندي ته پارليامينٽ جي مشترڪه اجلاس اندر ڪا به اپوزيشن جماعت نه هوندي. اڪيلي سر ن ليگ جماعت سياسي طور تي تنها فيصلو ڪندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *