سوڳ ۾ ورتل سنڌ ۾ ڪهڙو ثقافت ڏهاڙو؟: شوڪت لوهار

اتهاس جا پڙاڏا اڃا تائين مڪلي جي ڪتبن کان موهن جي دڙي جي مٽي تائين هن ميٽوڙي پاڻي جا ساکي آهن ته ها دنيا جي اهم انساني دستور جا دستاويز، ويدن جي صورت ۾ هن ئي ڌرتي تي لکيا ويا. هن ئي مِٽي کي اهو شرف حاصل آهي، جنهن سڪندر جي سيني ۾ پنهنجي ڌرتي ماتا کي قيد ڪرڻ خلاف نيزو هلايو هو.

سنڌو جي سڀيتا دنيا جي چند سڀيتائن مان هڪ ليکي وڃي ٿي. هن تهذيب جا پڙاڏا ڏيساور ۾ پنهنجي پڪي گهرن ۽ نساسڪ جي دنيا جي اعليٰ نظام هئڻ خاطر ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن.

سنڌو ماٿري “Indus Valley civilization” دنيا جي تڏهوڪن تهذيبن جهروڪ سميريا موجوده عراق بابل ۽ نينوا تهذيبن جي ڀاڱي ڀائيوار آهي بلڪه دنيا جون گهڻيون تهذيبون موهن جي دڙي جي مٽي جو عظيم بدل آهن. تهذيبون جڙڻ وقت موهن جي دڙي جا رازا Mesons جون خاص خدمتون ورتيون پيئي ويون.

سنڌ صدين جو پڙاڏو آهي، اها هڪ ڏينهن هڪ رات هڪ لمحي جي آکاڻي ڪو نه آهي. هڙاپا ۽ موهن جو دڙو سنڌو ماٿري جي سندر سڀيتا تاريخي حوالو آهن. هن وادي جي امن امان ۽ سک ۽ خوشحالي جي دليل اِها آهي ته سڄي موهن جي دڙي مان ڪو هڪ به هٿيار هٿ ڪو نه آيو جنهن کي ڪتب آڻي هي ماڻهو ڪنهن سان جهيڙيندا هجن. اِهو حوالو سندن امن پسند هجڻ جو اعليٰ ثبوت آهي.

اتهاس جو آواز اڄ به گجگوڙ ڪري ٿو ته دنيا جڏهن غارن ۾ رهندي هئي، تڏهن هن ديس جا ماڻهو پڪين جاين ۾ اطلس ۽ بافتي جي لباسن ۾ ملبوس هوندا هئا. دنيا جون تهذيبون اڃان مهذب ڪو نه ٿيون هيون، اڃا ڪچو گوشت کائڻ ڪو نه ڇڏيون هئائون جو انصاف جا گهنڊ سنڌو ماٿري جي دل جي ڌڙڪن بڻجي گونجندا هئا.

سنڌو ندي جي چنگاڙ ٻڌي ڪاهه ڪندڙ لشڪرن جا هانءُ ڦاٽي پوندا هئا، تڏهن ئي ته سڪندر اعظم پنهنجي لشڪر کي اِهو چئي واپس ورتيون پئي ويون جو شايد دنيا جو دنگ هي شاهه درياءُ يعني سنڌو درياءُ ئي آهي، جو ان جو پيٽ ڏسي هي حيران ٿي ويا ۽ سوچيائون ته جيڪڏهن هينئر اڳيان وڌيو ته ٿي سگهي ٿو اڳيان ڪِري نه پئجي جو اڳيان ڪجهه به ڪو نه هوندو…!

سرسبز پوکون خوبصورت ڍنڍون ڍورا ۽  مها ساگر جو نيرو جل سيني ۾ رکندڙ سنڌ پنهنجي اعليٰ تهذيب ۽ عظيم ثقافت ۽ موسيقيت سان ڀرپور ٻولي رکندڙ هڪ سندرتائن ڀريو ديس آهي، جنهن جي تهذيب هزارين سالن جو حوالو آهي.

هن ديس جي چيڪي مِٽي مان ڦٽندڙ اڇي ڪپهه جهڙو من رکندڙ ماڻهو هن جي حفاظت ۽ ماتر ڀومي جي وچن ۾ سوگها ٿيل آهن. هي ئي اهو ديس آهي، جتي سدائين عربن کان به اڳ ۾ ٻاهرين دنيا مداخلت کي منهن ٽوڙ مزاحمت پئي ملي آهي پر هي ديس واسي عرب، سمن، ترخانن، ارغونن، ڪلهوڙن، ميرن ۽ انگريزن جي لاءِ سدائين سراپا احتجاج ئي رهيا آهن. سنڌ واسين کي هميشه پنهنجن جي بيوفائين ماريو آهي، پراون جي يلغار ۾ جيڪڏهن پنهنجا گڏ نه هجن ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها جو سنڌ هن وقت جي پنجوڙ ۾ سوگهي هجي ها.

هن ڀونءِ انهن جوڌن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي هن جي ثقافتي عظمت ۽ ڪائناتي پيار تان قربان ئي ويا ”جو کيڙي سو کائي“ جا نعرا بلند ڪندڙ عظيم صوفي شاهه عنايت به پنهنجي قرباني کي پنهنجي حقيقي دلي سڪون جو نالو ڏيئي ٿو.

”سر دريا چه فدا شد چه بجا شد

گرار بار بود ادا شد ڇهه بجا شد!“

سر يار جي قدمن تان گهور ٿيو، چڱو ٿيو ڳرو بار اهو ادا ٿيو، چڱو ٿيو.

هن ديس جي حوالن جو هڪڙو عظيم حوالو شاهه عبداللطيف پڻ آهي، جيڪو سنڌ جي سک ۽ شانتي امن ۽ آشتي سان گڏوگڏ پوري عالم جو خير گهري دعا ڪري ٿو بلڪه سندس جوڙيل شاعري جو تاج محل پوري عالم انسانيت لاءِ هڪ اهم منشور پڻ آهي، جنهن جو مطلب آهي ايڪو، ٻڌي ۽ امن ۽ سک سان رهڻ پر سازشن جي ڪارن ڪڪرن هميشه هن ديس جي مٿان لامارا پئي ڏنا آهن.

سنڌ جي ثقافت به دنيا جي ٻين علائقن جيان هڪ اعليٰ اهڃاڻ رکندڙ پيئي رهي آهي. ثقافت ڪا اهڙي شيءِ ڪو نه آهي، جنهن کي صرف ٽوپي اجرڪ، پٽڪو يا ڪهاڙي تائين محدود ڪري سگهجي پر ملڪن جا ڪلچر انهن جي مڪمل ضابطه حيات Code of conduct هوندا آهن.

Culture is something, you

Think and act like that.

ثقافت اهڙي اهڃاڻ جو نالو آهي جنهن مان اهو مطلب نڪري ٿو ته جهڙي نموني اوهين سوچيو ٿا ۽ پوءِ انهيءَ سوچ کي پنهنجي عمل ۾ تبديل ڪريو ٿا. يعني ثقافت صرف خارجي مسئلو ناهي پر اهو داخلي پڻ آهي، تنهن ڪري ئي اهو چوڻ ۾ وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته اوهان جي ديس جي مٽي، ان تي سرجندڙ هر منظر ۽ مظهر اوهان جي تهذيب اوهان جي ثقافت آهن. اوهان جي ٻولي، اوهان جا اَن سان ڏٽيل کيت، ڄانڀي جي هٻڪار ۽ سرنهن ڦلار سڀ سنڌ جي ثقافت جا حوالا آهن. موهن جي دڙي مان ملندڙ ڏاند گاڏي کان وٺي اسر ويل لسي جهڳڻ جي آواز ۽ مال جي ڳچين ۾ ٻڌل چڙا ۽ چنگ اِهي سڀ سنڌ جي ثقافت جا حوالا آهن.

سون ورني هن سڀيتا جو هر رنگ ۽ ڍنگ نرالائپ جو هڪ انوکو نمونو آهي. مساڳ جي مهڪ سانڍيندڙ ۽ هٿن ۾ سنڌ جي ميندي لڳائي ساهيڙين وچ ۾ شرمائڻ سنڌ جي ناري جي ثقافت جو حوالو آهي.

سنڌ جي ثقافت، شاهه، سچل، سامي، حضور انور جي صوفياڻي انداز ۾ ڳوهيل هڪ گيڙو مٽي آهن، جن مان سنڌ واسي ٺهي راس ٿيو آهي جيڪو امن ۽ سلامتي جو پيغام در در پهچائي ٿو.

هن گيڙو ويس پاتل سونهاري سنڌ جي ثقافت هميشه روشن خيالي، اڳتي وک وڌائڻ، فڪر ڦرهي هٿن ۾ ڪري نظر سدائين منزلن ڏانهن رکي آهي.

اوهين جيڪڏهن سنڌ جي تهذيب ۾ علمي مهنداري ڳوليندا، تڏهن به اوهان کي کوڙ حوالا ملندا جو اوهان جو جهول ڀرجي ويندو، اوهين جيڪڏهن هن مٽي جي مزاحمت جا حوالا ڳوليندا، تڏهن به اوهان کي هيمون ۽ هوشو جهڙا شير بهادر پٽ ملندا. اوهان کي دودي جي بهادري دنگ ڪري ڇڏيندي. ان ڪري ته شيخ اياز چيو هو ته:

هونئن ته هر ڪنهن ٻار ۾ مهڪي پئي مڻيا

پر جيڪي سنڌ ڄڻيا، تن جو مٽ ڪو نه ڪو.

هلندڙ……………

اِهي سڀئي حوالا ۽ رنگ رکندڙ سنڌ اڄ ثقافتي ڏيهاڙي جي تجديد ڪري رهي آهي پر سال جيان هيلوڪو سال سنڌ تي قهري سال ٿي آيو آهي. هن دفعي ثقافتي ڏهاڙو سنڌ جي ماتمي ڏهاڙي ۾ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو. ثقافتي ڏهاڙو مطلب کير کنڊون ورهائڻ پر جڏهن اوهان جي اکين ۾ لڙڪن جا لاش هجن، اوهان جي سڏڪن جو سڏ جواب ڏيئي وڃي، اوهان جي مورن کان ٽهوڪا ڦريا وڃن، اوهان جي ديس ۾ ميندي جي مهڪ جي  بجاءِ رڳو رت جي بوءِ هجي ته پوءِ اوهان اهو پسند ڪندا جو اوهان اڇا ڪپڙا اوڍي ۽ ڳچي ۾ سنڌي اجرڪ پائي وڃي روڊن تي جهمريون هڻو؟

”اگهو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.“

شاهه لطيف جو سٽون سچيون آهن، جڏهن چوڌاري ڪوڙ هجي، اُتي سچ ڪنهن کي آڇجي ته به ڪيئن آڇجي؟

مارئي جيان اوهان به چئي ڏيندا ته ”آءٌ ڪيئن سيج سمهان؟“ اوهان ڪيئن ٿا اجرڪ اوڍي سگهو جڏهن اوهان ڪجهه وقت اڳ ۾ اِهو اجرڪ پنهنجي ديس جي ڪٺل ڪُونڌرن کي آڇيو هجي؟

هن وقت سنڌ سوڳوار آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ٿيندا جو سنڌ جي آواز کي هميشه پڙاڏو بڻائيندڙ عالم ڊاڪٽر خالد محمود سومري کي نماز پڙهندي شهيد ڪيو ويو. ان کان علاوه سنڌ ۾ هر ڏينهن هڪ چچريل لاش کڻي پهچي ٿو. آصف پنهور کان سرويچ پيرزادي تائين روزانو سينا پروڻ ٿيل لاشا، سنڌ جي جهولي ۾ وڌا پيا وڃن. ڏينهن ڏٺي جو ڪمليش ڪمار کي جو اغوا ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه ٻيا انيڪ اهڙا روڳ آهن، جن جي ڪري هي وقت خوشي ملهائڻ جو نه پر شهيدن جي پونئيرن سان ڏک ونڊڻ جو آهي، انهن کي آٿت ڏيڻ جو آهي. اسان جي ثقافت ۾ اهو به شامل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڙي واري جي گهر ۾ تڏو وڇايل هجي ته اسين پنهنجي ڪاڄ کي ملتوي ڪري، ان جي ڏک ۾ شامل ٿيندا آهيون پر خبر ناهي اسان وٽ ڪجهه ميڊيا هائوسز ائين سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن تي ثقافتي ڏهاڙو نه ملهايوسين ته سندن ڪو وڏو نقصان ٿيندو. ها واقعي نقصان ته ٿيندو جو سندن ملندڙ لکين ڪروڙين روپين جا اشتهارن کي ڌڪ لڳندو. هي هڪ ڪنزيومر دنيا آهي، هتي سڀ ڪجهه کپي ٿو. اوهان جي خوبصورت چمڙي کان وٺي اوهان جي ٽهڪن ۽ ٽاڻن جو سودو ٿئي ٿو. هر ڪا شيِءِ واپار جو وکر آهي ۽ سنڌ جي ثقافت به شايد ڪو وکر آهي، جيڪو وڏي اگهه سان کپي ٿو ۽ ان ملتوي ٿيڻ يقينن ڪنهن گڙنگ واپاري لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

حالت اها آهي جو اسان اشتهارن جي اهڙي مها ٻوڏ ۾ لڙهي رهيا آهيون، جتي اسان ڪنهن به شيءِ جي خواهش ڪو نه ٿا ڪريون بلڪه هڪ ٽي وي اشتهار ذريعي انهيءَ جي خواهش کي پيدا ڪيو وڃي ٿو. اڳتي ڏڌ يا ڏهي ڳوٺن ۾ مفت ۾ ملندي هئي، هينئر ان کي (California frozen yogurt) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري هن وقت جيڪا سنڌ جي حالت آهي، ان تي اکيون اشڪ بار ڪرڻ بجاءِ ڳچي ۾ اجرڪ وجهي روسو بڻجڻ جي ضرورت صفا ڪو نه آهي پر ڇا ڪجي جتي ميڊيا ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ اها انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي دعويدار آهي، ان ڪري هر عام ماڻهو ان جي اثر ۽ غلبي کان ٻاهر نٿو اچي سگهي. عاجز جمالي صاحب جا لفظ حوالي طور ڪم آڻيندس ته اهو ڪجهه ڪري به هو اسان تي اهو جتائين ٿا ته اوهان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ وارا اسين آهيون.

هاڻي اسين چاهيون ته ثقافت اجاگر ٿئي ته ٿيندي جي اسين نه چاهيون ته ثقافت اجاگر ڪو نه ٿيندي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته ان کي ملهائي ۽ ملتوي ڪرڻ جا مجاز آهيون.

ها اوهان جي لک مهرباني جو اوهين سنڌ تي اهو احسان ڪري رهيا آهيو ، جو ماڻهن کي اڇا ڪپڙا اوڍائي ۽ اجرڪ پارائي روڊن تي جهمريون پائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهيو واهه واهه! ڪيڏو نه حسين نظارو آهي، اهڙو دلفريب منظر آهي جو اوهين سنڌ جي روڳن جا خود ساخته ويڄ طبيب بڻيا ويٺا آهيو. جتي سنڌ جو سَنڌ سَنڌ سورن جي ور چڙهيل هجي، اتي اوهان جي راٻڙي ڪيمياگري ڪٿي ڪم ايندي. اوهان اسان روزانو اهي اشتهار پڙهندا آهيون ته ”فلاڻي برادري جي اتحاد مثال ڪلهوڙا، سولنگي، کوکر اتحاد طرفان! هاڻي حد اِها آهي جو برادري سطح تي سوچ کي محدود ڪري ڇڏجي! بابا! اوهان جي زمين کي پاڻي انهيءَ ڪري ڪو نه ملندو جو اوهين فلاڻي اتحاد واري ذات مان آهيو ئي ڪو نه…

حالت انهيءَ کان اڳتي اتر سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي علائقي کي هڪ ننڍڙي رياست ڪري هلائيندڙ وڏيرن ڀوتارن سنڌ جاگرافيائي يرغمال بنائي ڇڏي آهي، اُتي ڪهڙا ثقافتي ڏهاڙا ۽ ڪهڙيون ايڪتائون ملهائجن ”هي اسان جو ڏاڏاڻو تڪ آهي“ اهڙا گفتا اوهان متا نه ٻڌا هجن پر اسين ٻڌا آهن، يعني هن علائقي جا ماڻهو اتان جي زمين جيان اسان خريد ڪيا آهن ۽ اسين جڏهن چاهيو انهن کي ڪيش ڪرايون.

ڇا سنڌ شگر مل جيان آهي؟ ۽ ان ۾ پڙهندڙ ستانوي فيصد مسڪين ماڻهو، انهيءَ ڪمند جيان آهن، جنهن جا هڪ ته اگهه ماريا ويا آهن، ٻيو ته ان کي ڳري مشين ذريعي پيڙهيو وڃي ٿو ۽ باقي ٽي پرسنٽ پڙهندڙ ڀوتار وڏيرا ۽ ڪامورا آهن.

ٿر جي معصوم ٻارڙن جي مرتئي جا وراڪا روزانو آڏو اچن پيا ۽ اسين روزانو بيان ڏيئي فوٽو ڪڍائي وڏا وڏا انگ اکر ڏيکاري هليا وڃون ٿا.

سنڌي ٻولي سان جيڪا حالت ٿي رهي آهي ان جو نوٽيس ڪير وٺندو. خانگي اسڪولن وارا سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ راضي ڪو نه آهن ۽ ان لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪا ڳالهه ڪو نه ٿي رهي آهي.

هي ڪهڙو ديس آهي؟ جتي معصوم نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. اڙي بابا جيڪڏهن اوهان ڪنهن معصوم نياڻين کي سڱ چٽي ڏيئي کير کنڊ ٿيا ته ڪهڙو فائدو؟ برادري جي جهيڙن ۾ درجنين ماڻهو ماريا وڃن ٿا.

سنڌ جي ثقافت ته ان جي واهڻ وستين، ڳوٺن سان آهي، اڄ انهن جي حالت ڪهڙي آهي؟ سنڌ جي سونهن ۽ خوبصورتي جي علامت بڻيل سنڌ جا وڻ، جن تي سنڌ جا پکي ۽ نوريئڙا راند رهندا هئا، انهن کي ته ڪڏونڪو ڪٽي مڃ ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ثقافت ته خوبصورت رليون ٺاهيندڙ ڪانڊيري نالي ان هاري جي زال جو حوالو آهي جنهن کان اهي سڀ ڀليون رليون وڏيريون مفت کڻي وڃن ٿيون ۽ حسن درس جي دل ۾ درد جي سٽ ٿي اڀرن ٿيون.

هينئر جي سنڌ جو لاڙ، اتر ڪاڇو ٿر ۽ ڪوهستان ڀڳل هڏ وانگر آهي، جيڪو دوا لاءِ واجهائي ٿو.

سوڳ ۾ ورتل سنڌ ۾ هينئر ڪهڙيون خوشيون ملهائجن ها پر اوهان جي ڪاروبار جي موسم آهي، اوهين ڀلي پنهنجي دڪان جو سودو هلائي وٺو، جيستائين سنڌي ماڻهو انهيءَ اٽڪل بازي کان آگاهه ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *