سوين جانيون ضايع ٿيڻ وارو الميو ؛واحد پارس هيسباڻي

ڪراچي ۾ هي جيڪي 850 کان مٿي قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار بڻيون آهن، بظاهر ته ان پٺيان ڪارڻ گرمي آهي، پر جيڪڏهن پاڻ هن معاملي کي وسيع پس منظر ۾ ڏسنداسين ته اسان کي ان جو وڏو ڪارڻ حڪمرانن جي بي حسي نظر ايندي، جيڪي انهن ئي مسڪين ماڻهن کان ووٽ وٺي ٿڌن ڪمرن ۾ آرامي آهن ۽ کين سڀ ڪجهه ٺيڪ نظر اچي رهيو آهي. لوڊشيڊنگ جو عذاب هونئن ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان عوام جي ڳاٽي ۾ لڳل آهي، پر هينئر ان جي شدت جنهن انتها تي پهتي آهي، ان جو اثر اسين سڀ ڏسي رهيا آهيون. رڳو ڪراچي ۾ ئي 850 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿيا آهن، پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به موت جو هي راڪاس گهمي رهيو آهي. باڊهه ۾ ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ماڻهو، سانگهڙ ۾ 3 ماڻهو، ماتلي ۾ 3 ماڻهو، گولاڙچي ۾ 3 ماڻهو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 30 کان مٿي ماڻهو ان ئي گرمي جي سٽ نه سهندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ڪيترائي اسپتال ۾ داخل آهن، جن جي علاج وارو معاملو هڪ الڳ اشو آهي، جنهن تي پوءِ اچون ٿا.

گذريل چئن ڏينهن اندر ڪراچي جي جناح اسپتال، عباسي شهيد اسپتال، سول اسپتال، ڪي ايم سي، قطر اسپتال، لياقت نيشنل اسپتال، لياري ۽ انڊس اسپتالن مان ماڻهن جا لاش نڪري چڪا آهن. جناح اسپتال جي ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته هينئر به ان اسپتال ۾ 200 کان مٿي ماڻهو انتهائي نازڪ حالت ۾ داخل ٿيل آهن. هن وقت ڪراچي جي صورتحال اها آهي ته اتان جي سرد خانن ۾ لاش رکڻ جي جڳهه ناهي بچي. ايڌي سردخاني وڌيڪ لاش رکڻ کان معذرت ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ ٿيل هي سانحو معمولي ناهي، جنهن کي روايتي افسوس جي اظهار ذريعي آيو ويو ڪري ڇڏجي. هي پاڻ واري تاريخ جو انتهائي بدترين سانحو آهي، جيڪو هڪ طرف حڪمرانن جي بي حسي ۽ نااهلي کي ظاهر ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ماڻهن جي بي وسي ۽ ننڌڻڪائي کي به ظاهر ڪري رهيو آهي ته اهي ڪهڙي صورتحال ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. مان سمجهان ٿو ته هي واقعو جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن سٺي حڪمراني واري ملڪ ۾ ٿئي ها ته وڏو ٿرٿلو مچي وڃي ها ۽ اتان جا حڪمران يا ته پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي اقتدار کان الڳ ٿي وڃن ها يا ملڪ ۾ اهڙي ايمرجنسي لاڳو ڪن ها جو هن مسئلي تي فوري ڪنٽرول ٿي وڃي ها. بجلي وارو مسئلو جيڪو اسان کان به گهٽ وسيلا رکندڙ ملڪن لاءِ به ڪو اشو ناهي رهيو، خبر ناهي ڇو اسان مسلسل گهلجي رهيا آهيون؟ نواز ليگ جون 3 مهينن اندر مڪمل طور تي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو دعوائون ته وڃي کڏ ۾ پيون پر عوام کي جيڪا ٿوري گهڻي بجلي ميسر هئي اها به کانئس کسجي وئي آهي. جڏهن ڇوٽي بائو جي پنهنجي پوري ڪابينا سان گڏ مينار پاڪستان وٽ انگوشا وڇائي ڌرڻو هنيو هو تڏهن 24 ڪلاڪن مان ڇهه يا ست ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ۽ ان لوڊشيڊنگ کي بنياد بڻائي پنهنجي سياست کي خوب چمڪايو ويو هو. نواز ليگ بجلي جي سياست تي پنجاب کان ووٽ ورتا، اڄ جڏهن اها لوڊشيڊنگ 24 ڪلاڪن مان 16 کان 18 ڪلاڪ ٿي چڪي آهي ۽ سراسري طور تي ماڻهن کي 8 ڪلاڪ به بجلي دستياب ڪونهي ته اڄ هنن جي اها جذباتي رڳ ڪٿي آهي؟ لوڊشيڊنگ جيڪا ڪراچي جي 850 کان مٿي معصوم شهرين کي ڳڙڪائي وئي آهي، ان جو حساب ڪير ڏيندو؟ بجلي تي سياست ڪندڙن ۽ مينار پاڪستان اڳيان ڌرڻو هڻندڙن کي ايتري به توفيق نه ٿي آهي ته ڪراچي ۾ اچي هنن متاثرن جي غم ۾ حصدار ٿين! وسيع ۽ عاليشان محلن ۾ رهندڙ هڪ ڏينهن ڪراچي جي کُڏين جيترن گهرن ۾ اچي ٻه ڪلاڪ ته تجرباتي طور تي رهي ڏيکارين، جتي محدود آمدني سبب 10 کان 15 ڀاتي رهن ٿا، جتي هوا جو ذرو به گذر ڪونهي! جڏهن بنا ڪنهن شيڊول جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿئي ٿي ته هنن ماڻهن جي ڇا حالت ٿئي ٿي ۽ اهي ڪيئن مڇي وانگر تڙپن ٿا، ٿورو اچي اهو مشاهدو ته ڪيو وڃي! دعوائون ڪرڻ ڏاڍو سولو آهي، صلاحون ڏيڻ به ڏاڍو سولو آهي، پر زميني حقيقتون ڏاڍيون مختلف آهن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تان گرمي کان بچڻ جي اپائن ۾ اها صلاح ڏيڻ ۾ اڌ منٽ به نه ٿو لڳي ته ماڻهو گهرن ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏين، غير ضروري طور تي گهرن مان ٻاهر نه نڪرن، پر ان صلاح تي عمل ڪيترو آسان آهي، ٿورڙو ان پاسي به سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. هڪ مزدور ماڻهو جيڪو صبح کان شام تائين مزدوري ڪري ٿو تڏهن وڃي ٻه ڪلو اٽو، پاءُ گيهه، اڌ ڪلو کير، ڪلو سبزي، اڌ ڪلو کنڊ وغيره وٺڻ هن لاءِ ممڪن بڻجي ٿو، جن مان هو پنهنجي ٻچن جي ٻن ويلن جو بندوبست ڪري ٿو، هو جيڪڏهن گرمي کان بچڻ واري ان صلاح تي عمل ڪندي گهر ويهي رهي ٿو ته ان جي ٻچن کي ڪير کارائيندو؟ يا ته اهڙيون صلاحون ڏيندڙن ۾ ايتري اخلاقي جرئت هجڻ گهرجي جو اهو ان صلاح سان گڏ اهو اعلان به ڪن ته مزدور ۽ مسڪين ماڻهن کي اسان گهرن ۾ کاڌو فراهم ڪنداسين، اهي گهرن ۾ ئي رهن، پوءِ ته ٺيڪ آهي، باقي هي رويو ڏکندن کي ڏکائڻ ۽ ڪنهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ٻي اهم ڳالهه جيڪڏهن پيٽ کان وڌيڪ زندگي کي اهم سمجهي جيڪڏهن هي ’روز آڻيون ۽ روز چاڙهيون‘ وارو طبقو گهرن ۾ ئي ويهي رهي ته گهرن ۾ وري ڪهڙي بجلي موجود آهي، جنهن مان سڪون وٺي سگهجي! ڪراچي ۾ هي جيڪي 850 کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا آهن، انهن مان گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي جيڪي کُڏين نما گهرن ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن. پاڻ ائين نه ٿا چئون ته ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل محل نما گهرن ۾ رهندڙ حڪمران هنن کُڏين نما گهرن ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهن کي به محلن ۾ رهائين، اها ڳالهه شايد حڪمران طبقي جي ”ڊسيپلين“ جي به خلاف هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ هنن ماڻهن کي بجلي ته فراهم ڪئي وڃي. هڪڙو پکو هلائڻ ته هنن جو حق آهي، کين ان حق کان ته محروم نه ڪيو وڃي! هنن ماڻهن جي زندگي ايتري غير اهم ناهي جيتري سمجهي پئي وڃي. هنن کي به جيئڻ جو حق آهي. کانئن اهو حق ان انداز ۾ نه کسيو وڃي.

ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ سبب ايڏو وڏو انساني الميو ٿي چڪو آهي، ٻئي پاسي بجلي وارو وفاقي وزير مشڪري مذاق واري انداز ۾ غير سنجيده ڳالهيون ڪري ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف ڏئي رهيو آهي. هن صورتحال ۾ بجاءِ عوام کي ڪا آٿت ڏيڻ جي، انهن جي تڪليف جو احساس ڪرڻ جي، اهو چوڻ ته ماڻهو بجلي جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، بجلي چوري ڪري رهيا آهن، انهن جي احساسن سان کيڏڻ برابر آهي، جيڪي ماڻهو رهي ئي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ پکي ۽ هڪ بلب جي گنجائش مس آهي اتي بجلي جو غلط استعمال ڪٿان ممڪن آهي؟ ۽ رهيو بجلي چوري جو مسئلو ته مان نه ٿو سمجهان ته بجلي وارو وفاقي وزير ان عالم آشڪار حقيقت کان اڻواقف هوندو ته بجلي چوري ڪير ڪري رهيو آهي؟ هي هڪ ڪمري ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو بجلي جي ڪهڙي چوري ڪندا؟ حيرت ان ڳالهه تي آهي ته جتي بجلي چوري ٿئي ٿي اتي خاموشي آهي، باقي مسڪين ماڻهن تان ڪاوڙ لهي نه ٿي، مهرباني ڪري هي پاليسي ۽ هي انداز تبديل ٿيڻ گهرجي. اگر حڪومت بجلي چوري روڪڻ ۾ واقعي به سنجيده آهي ته شروعات وڏين مڇين کان ٿيڻ گهرجي، جيڪي فيڪٽريون هلائين ٿا ۽ محل نما گهرن ۾ بي انداز بجلي استعمال ڪن ٿا.

بجلي جو هي بحران جيڪو انتهائي سطح تي پهچي چڪو آهي، ان کي جيڪڏهن ان ئي انداز ۾ غير سنجيده انداز ۾ نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ته اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن پاڻ وٽ بجلي ماضي جو ڪو داستان بڻجي رهجي ويندي، جيڪڏهن هن بحران جو مڪمل طور تي خاتمو في الحال هن حڪومت جي وس ۾ ناهي ته ان تي هڪ حد تائين ڪنٽرول ته ٿي سگهي ٿو، هي جيڪا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ آهي، ان جو هڪڙو ٽائيم ٽيبل ته طئي ڪري سگهجي ٿو، جيئن ماضي ۾ هو، ماڻهن کي هن انداز ۾ سزا ته نه ڏني وڃي!

ڪراچي ۾ هي جيڪي ايتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، اهو معمولي واقعو ناهي. حڪومت کي ان واقعي کي روايتي واقعن جيان نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اهڙي قسم جي ٻين واقعن جي گنجائش پيدا ٿيندي. حڪومت کي هن سخت گرمي جي موسم ۾ بجلي جي دستيابي کي وڌ کان وڌ يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جيڪي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، انهن جي وارثن جي مالي ڪفالت ڪرڻ گهرجي، اسپتالن ۾ جيڪي مريض داخل آهن، انهن جي صحيح علاج کي يقيني بڻائڻ کپي، اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊ قائم ڪرڻ کپن، جتي گرمي جي اثر سبب داخل ٿيندڙن کي تڪڙي ۽ معياري ٽريٽمينٽ ڏني وڃي ته جيئن انهن جي زندگي بچي سگهي.

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *