سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا؟: صاحب خان ڀٽي

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان ڪجهه عرصو اڳ خبرون به نشر ٿي رهيون هيون، ماضي ۾ يوٽيوب تي به پابندي لڳائي وئي آهي  پر ان تان به پابندي ڪجهه عرصي کان پوءِ ختم ڪئي وئي، ان کان پوءِ ٽوئيٽر تي به پابندي لڳڻ جو ٻڌو هيوسين پر اڄ ڪلهه فيس بڪ تي به پابندي لڳڻ واريون خبرون گردش ٿي رهيون آهن، جنهن جا به کوڙ سارا سبب ٻڌايا پيا آهن، هڪ طرف سڄي دنيا ۾ فيس بڪ سميت ٻيون کوڙ ساريون ويب سائيٽون بنا ڪنهن رڪاوٽن جي هلي رهيون آهن پر افسوس جو هڪ ٻه ماڻهن جي غلط استعمال سبب اسان جي ملڪ ۾ انهن سروسز تي پابندي لڳائي ويندي آهي، جيڪڏهن حڪومت کي پابندي لڳائڻ ئي آهي ته پوءِ انهن ماڻهن تي لڳائڻ گهرجي جيڪي انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، اڄ جي دور جديد ٽيڪنالاجي اچي وئي آهي پر ان باوجود هتان جي سرڪار اها جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا تي ئي پابندي لڳائي ڇڏيندي آهي، هن وقت ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف وري پاڙيسري ملڪن جي سرحدن تي به مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ هلندي رهندي آهي پر ان باوجود حڪمران ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ڪرڻ بدران سڀ کان وڏو دشمن سوشل ميڊيا کي ئي سمجهي رهيا آهن، جنهن سبب سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ اڄڪلهه پريشان نظر اچي رهيا آهن،

هونءَ ته وڏا وڏا قانون به سوشل ميڊيا لاءِ لاڳو ڪيا ويا آهن پر ان باوجود حڪمرانن جي اها سوچ ته سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ته اها تمام غلط سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوشل ميڊيا کي غلط استعمال ڪري ٿو ته ان جي ذميواري به صرف ان شخص تي ئي لڳي ٿي، نه ڪي ٻين ماڻهن جي هوندي آهي، هاڻ اهو چوڻ ته سوشل ميڊيا تي گستاخي ٿي رهي آهي تنهن جي ڪري ڪجهه سروسن کي بند ڪرڻو پوندو، اها انهن ماڻهن جي لاءِ به نقصانڪار هوندو جيڪي سوشل ميڊيا جو بهتر استعمال ڪندا آهي، ماضي ۾ به سڄي دنيا ۾ يوٽيوب سروس بحال هئي پر هن ملڪ ۾ يوٽيوب کي بند ڪيو ويو آهي پر ان باوجود هن ملڪ ۾ ماڻهو يوٽيوپ  ويب سائيٽ پروڪسي ذريعي استعمال ڪندا هئا ۽ حڪومت به انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي، جئين اڄڪلهه پاڙيسري دشمن ملڪ جي فلمن تي پابندي لڳائي وئي هئي جيڪا اڄ تائين برقرار آهي پر ان باوجود به ماڻهو پنهنجي موبائلن ۾ توڙي ڪمپيوٽرز ۾ ٻاهرن ملڪن جا ڊراما ۽ فلمون ڏسندي نظر اڇي رهيا آهن، ڀلي کڻي ڪيبل تي ٻاهرن ملڪن جون فلمون نه هلنديون هجن پر ان باوجود ماڻهو پاڙيسري ملڪ جون فلمون ڏسندا آهن. بهرحال هن وقت يوٽيوب ته هن ملڪ ۾ هلي رهيو آهي پر اهڙيون کوڙ ساريون ويب سائيٽون آهن جن کي بند ڪيو ويو آهي، جنهن جو سبب فحاشي ٻڌايو آهي،

جيڪڏهن واقعي اهڙيون ويب سائيٽون آهن ته ان کي بند ڪرڻ تي ڪنهن کي اعتراض به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هي هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ هن ملڪ ۾ اهڙي ويب سائيٽن کي ڏسڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ اندر سوشل ميڊيا کي جڪڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جنهن سبب مختلف وقتن تي اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سوشل ميڊيا تي اهي سڀ ڪجهه خبرون شيئر ٿينديون رهنديون اهن جيڪي هتان جي پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ناهن ڏيکاري سگهنديون. ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي ۾ عورت ۽ مرد پوليس اهلڪارن وچ ۾ هڪ ڇوڪري واري معاملي تان هڪ ٻئي سان ڏند چڪ ٿيا هئا ۽ انهن هڪ ٻئي کي گاريون به ڏنيون هيون ۽ اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر ٿي هئي ۽ اهڙيون کوڙ ٻيون ساريون ويڊيوز به فيس بڪ تي شيئر ڪيون ويون هيون جيڪي بعد ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏيکاريون ويون هيون،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ جي هن دور ۾ سوشل ميڊيا غريب عوام جو آواز بڻجي ويو آهي، اهو صرف ان ڪري سوشل ميڊيا کي پذيرائي ملي رهي آهي ته حڪمرانن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ايترا ته قانون جوڙي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري اهي هڪ دائري اندر قيد ٿي ويا آهن ۽ انهن کي ان دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه اهي ويڊيو ۽ خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ٿي رهيون آهن جيڪي ٻيو ڪو به نه هلائي سگهندو آهي، نائلا واقعو هجي يا وري ماڻهن جي گمشدگين وارو مسئلو سوشل ميڊيا ڀري پئي آهي، هونءَ ته حڪمرانن اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا کي پابند بڻائي ڇڏيو آهي ته هن ماڻهو خلاف به خبر نه آهي، هُن ماڻهو خلاف به خبر نه هلائڻي آهي، مطلب ته اهم شخصيتن جي خلاف جيڪا به خبر هجي اها ناهي هلائڻي، هاڻ جيڪڏهن هن ملڪ اهڙي صورتحال قائم ٿي چڪي آهي اتي فيس بڪ، ٽوئيٽر جيڪڏهن اهڙين خبرن کان ماڻهن کي آگاهه ڪري ته ان ۾ ڀلا ڪهڙو حرج آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو سمجهي ٿي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان سندن ڪرپشن ۽ سندن ڪرتوت لڪجي ويندا ته اهو شايد ڪڏهن به ممڪن نه ٿي سگهندو، تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ بابت سوچڻ کان اڳ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ان جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن، بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ مرض هڪڙو هوندو آهي ۽ هتان جا حڪمران علاج ڪو ٻيو ڪندا آهن، مطلب سور مٿي جو آهي ته علاج وري پيٽ جو ڪيو ويندو آهي،

بهرحال حڪمرانن کي دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هونءَ ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به چوندو رهندو آهي ته هتان جا حڪمران ڪرپٽ آهن، جيڪي ملڪي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ڏانهن اماڻي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي جن وٽان ملڪ جو لٽيل مال به هٿ ڪيو ويوآهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ ته ڀڄي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻن جون ته خبرون ميڊيا تي به هلنديون رهنديون آهن ته انهن  خلاف  ڪرپشن جي جاچ ٿي رهي آهي،  بهرحال هن وقت  ڪرپشن بابت ڌيان نه ڏنو وڃي اڄ ڪلهه اهي ڪوششون ٿي رهيون آهن  ته جيڪي به فيس بڪ  به حڪمرانن خلاف مهم هلائي رهيا آهن انهن جو آواز دٻايو وڃي ته جئين اهي سک جو ساهه کڻي سگهن. ڀلي کڻي هن وقت ملڪ اندر سوشل ميڊيا تي گستاخي  جو سبب ڄاڻائي بند ڪيو وڃي ته پر ان باوجود به ماڻهو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪندا رهندا پر آخر ڇو ؟ حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر امن امان قائم نه ٿو ٿئي ته ان بابت سوشل ميڊيا تي بحث ٿئي ٿو ته ان ۾ حڪومت کي ڪهڙي تڪليف ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڪو  ادارو  پنهنجا درست فيصلا نه ٿو ڪري ته انهن خلاف ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي، آخر هن ڪيستائين هن ملڪ ۾ مقدس ڳئون وارو نظام هلندو؟ جيڪڏهن عوام  جو آواز دٻائڻو ئي آهي ته پوءِ آخر ڇو چيو ويندو آهي ته هتي عوام کي ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي، تنهن جي ڪري حڪمرانن کي گهرجي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڪنهن به حساس معاملي کي وچ ۾ نه آندو وڃي ۽ نه ئي اهڙيون پابندين لڳائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن جن سان عوام جا مسئلا گهٽجڻ بدران وڌي وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *