سوال بڻيل سنڌ جي تعليم جي تباهي ؛مير حسن ملزم شر

چوندا آهن ته سچ ڪڙو ضرور آهي، پر ان جي تاثير ايتري ته وڻندڙ ۽ دلفريب آهي جو صدين تائين ماڻهو ان کي ڀلائي نه سگهندا آهن. انهيءَ حوالي سان تاريخ شاهد آهي ته 350 قبل مئسيج ۾ سنڌ علم ۽ هنر جي حوالي سان دنيا ڀر ۾ پهرئين نمبر تي هئي. اُمين ۽ عباسين جي دور ۾ سنڌي عالم انهن جي مڃيل مدرسن ۽ درسگاهن ۾ استاد جا فرائض سرانجام ڏيندا هئا، هينئر به سنڌ جا ماڻهو سياڻپ، ڏاهپ، علمي قابليت جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ آهن.اسان ڪتابن ۽ تاريخ جي ورقن ۾ پڙهيو آهي ۽ ذاتي مشاهدو به ڪيو آهي. تعليمي ڪانفرنسون علمي ادبي ميڙاڪا، اخباري خبرون ۽ ڪالم نگاري جي احساساتن ۾ انمول تجزيه ۽ تجربا به گذريا آهن، پر افسوس جو اڄ تائين تعليم جي تباهيءَ جي ڏوهه ۾ ڪنهن کي ڏوهاري قرار ڏئي سزاوار نه ٺهرايو ويو آهي، جيئن ته تعليم جي تباهي بابت اسيمبلين ۾ بحث مباحثا ٿيندا رهن ٿا، ان حقيقت کي لڪائي سُر سان سُر ملائي ها ها سان گڏ واهه واهه ڪئي وڃي ٿي. ان سڄي صورتحال کان عوام کي بي خبر رکيو وڃي ٿو. انهيءَ کان علاوه ميديا ۾ ڪنهن جي به خلاف ڪا خبر ڇپجي ٿي ته عقل کان وانجهيل ماڻهو لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته هٿ ٺوڪين دانشورن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تعليم تي بحث مباحثا ڪرائي، تذليل سان ڀريل تير اڇلائي نتيجن کانسواءِ پروگرام جو اختتام ڪري ڇڏيندا آهن. ڪي وري تعليم جي تباهي جو ذميوار استاد کي قرار ڏئي پنهنجي علمي قابليت جا جوهر ڏيکاريندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي، جهڙوڪ تعليم جي تباهي جو مسئلو مذاق بڻيل هجي.

هتي مان سنڌ جي دانشورن ۽ علم جي اڪابرن سان مخاطب نه آهيان، مان صرف مون جهڙن ننڍڙن ماڻهن سان مخاطب آهيان، جن کي عام ٻوليءَ ۾ سنڌي عوام چيو ويندو آهي.

اهڙن ماڻهن جي خلاف به ڪونه ٿو لکان، جيڪي ٻاهرين دنيا ۾ ان تعليم جي نالي تي پئسن جا انبار ڪٺا ڪري، هتي نوان نظام ۽ نوان نصاب نوان طور طريقا کڻي ايندا آهن. چند سال اندر پئسا ختم، سسٽم نا پائدار ۽ فرسوده قرار ڏئي، ڪَن بند ڪري ويهي رهندا آهن، ائين سڄي معاشري کي بي وقوف بنائي، تعليم کي ساڳي پراڻي سسٽم تي هلائڻ ۾ راضي رهندا آهن.

تعليم جي تباهيءَ جي حوالي سان انهيءَ جا ذميوار استاد به آهن، پر ايترو نه جيترو ٻيا آهن. جهڙي ريت والدين، اسڪول مئنيجمينٽ، تعليم جي محڪمي جا آفيسر، تعليمي پاليسيون جوڙيندڙ ڏاها، اين جي اووز، استاد تنظيمون، سول سوسائٽي، سرڪار.

والدين: معاشري جو بهترين فرد اهو ثابت ٿيندو آهي، جنهن کي بهترين تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي آهي. انهيءَ اصول تي جن جن والدين عمل ڪيو، انهن جا ٻار مستقبل جا معمار بڻجي سگهن ٿا. سٺي تعليم ۽ سٺي تربيت ٻار کي سٺو شهري بڻائيندي آهي، ورنه ٻار لوفر، لچ ۽ آواره بڻجيو وڃي، جن والدين پنهنجن ٻارن کي معياري تعليم نه ڏني، اهي ٻارن جي احساس ۽ ارمانن جا قاتل آهن. هتي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان، والدين کي ٽن طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. وڏا ماڻهو، وچولي طبقي وارا ۽ غريب ماڻهو.

وڏا ماڻهو: هي پنهنجن ٻارن کي تمام مهانگن ادارن ۾ ڳريون فيون ڀري پڙهائين ٿا. هي گورنمينٽ ادارن ۾ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ عيب سمجهندا آهن.

وچولي طبقي وارا ماڻهو: هي پنهنجن ٻارن کي پرائيويٽ ادارن ۾ ميٽرڪ تائين پڙهائي، پوءِ ڪنهن به ڪاليج ۾ داخلا وٺي، سٺن استادن کان ٽيوشنون ڏيارين ٿا. هي به پنهنجن ٻارن کي گورنمينٽ ادارن ۾ پڙهائڻ برو محسوس ڪن ٿا.

غريب طبقي جا ماڻهو: هي غريب ۽ لاشعور رهڻ ڪري، ٻارن کي گورنمينٽ ادارن ۾ ڇڏي، پوءِ لاپرواهه ٿي ويندا آهن. هنن ۾ اڪثر عجيب عادتون هجن ٿيون، جن کان هنن کي فرصت ئي ناهي هوندي، جيئن هوٽلن تي فضول ويهڻ، ڍڳن جي ڊوڙ ۽ ڪڪڙن جي ميلن تي وقت جو زيان ڪرڻ، مال چارائڻ ۽ ٻني جو ڪم به ٻارن کان وٺندا آهن. انهي هوندي به هنن جا 10 سيڪڙو ٻار ذهين هجن ٿا، جيڪي خداداد صلاحتن جا مالڪ هئڻ ڪري، تعليم سٺن نمبرن ۾ مڪمل ڪن ٿا. هنن غريب ماڻهن جي اڪثريت جي اِها مرضي هوندي آهي ته هنن جي ٻارن کي رڳو سرٽيفڪيٽ ملي وڃي. ڇا هي معاشري کان سوال نه آهي. وقت جي تقاضائن مطابق هنن ۾ تبديلي اچڻ ضروري آهي.

اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي: ايس ايم سي هي ڪاميٽي تعليم جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن کان اڳ تعليم جي بهتريءَ جي لاءِ پي ٽي اي يعني پئرنٽس، ٽيچر ايسوسيئيشن ٺاهي وئي هئي، پر هاڻي ان ڪاميٽي کي ايس ايم سي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ايس ايم سي جي لاءِ جيڪي قاعدا ۽ قانون ٺاهيا ويا هئا، هينئر انهن جي تمام وڏي پئماني تي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. ايم سي جي فنڊن ۾ وڏيون گهوٻيون لڳايون پيون وڃن. هيٺين کان وٺي بالا عملدار، انهن گهوٻين ۾ ملوث آهن. تعليم جي بهتري ته پنهنجي جاءِ تي، اهي سڀئي عناصر تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ رڌل آهن. انهيءَ عمل ۾ سياستدانن جي تمام گهڻي مداخلت رهي آهي، انهن جي آشيرواد تي آفيسر، استاد ڳوٺاڻو چيئرمين مليل آهن. اسڪول نه ايندڙ استادن ۽ ٻارن کان پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. ڪوبه فرد پنهنجي ڊيوٽي ايماندارانه طور تي نڀائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڇو؟ هي به هڪ سوال آهي.

اگر هن ڪاميٽي جي سياسي سليڪشن نه پر ايماندارنه طور تي اليڪشن ڪئي وڃي ته تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو.

محڪمي جا آفيسر: تعليم جي هيڏي وڏي تباهي تي ڪنهن جي به نظر نه آهي. هرڪو اکيون بند ڪري روحاني طور تي تماشو ڏسڻ ۾ پورو آهي. آفيسر صاحبان جا پروموشن ڪيئن ٿيندا پيا اچن. آيا تعليم لحاظ کان هنن جي ڪارڪردگي کي ڏٺو به وڃي ٿو يا نه. ڪيئن 16هين گريڊ جي افيسر کي 18/17 گريڊ جي پوسٽ تي رکيو وڃي ٿو. ڪهڙن ڪهڙن سياسي ماڻهن جو هنن کي آشيرواد مليل هوندو آهي. ڇا سروس دوران اِهي سٺا استاد رهيا آهن، هنن جن ڪارڪردگيءَ جون اي سي آر ڪنهن ڀريون آهن. اهڙن آفيسرن کي صرف ۽ صرف ڪرپشن لاءِ باءِ پاس ڪري اهم عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو. اهو به ڪير ڪو نه ٿو ڏسي ته هنن آفيسرن کان ڪوڙا آرڊر ڪير ٿو ڪرائي، جن جن ماڻهن کي هنن تعليم کاتي ۾ آرڊر ڏنا آهن، سي هنن کي الله واٽ ڏنا آهن؟ اهليت جي بنا تي ڏنا آهن؟ يا لکين روپيه وٺي پوءِ ڏنا آهن. ايڏي وڏي ڪرپشن جا سالن کان وٺي هلندي پئي اچي، اڄ تائين ڪنهن کي سزا ڇو نه ملي آهي؟ هيءَ به هڪ سوال آهي، اگر انهيءَ سسٽم کي ٻنجو ڏنو ويو ته تعليم جو معيار بهتر ٿي سگهي ٿو.

.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.