سنڌ ۾ ڇڪتاڻ جون تياريون؟ ؛ عاجز جمالي

                         ڪراچيءَ ۾ ڇنڇر ڏينهن منجهند جو اوچتو ٽي وي اسڪرين تان خبرون ڏيندڙ سمورا نيوز چينل غائب ٿي ويا. ڪير به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو ته آخر ڇا ٿيو؟ افواهون ئي افواهون. ڇا ٿيو ڇا ٿيو؟ هر طرف کان اها صدا هُئي. سوشل ميڊيا تي هاءِ گهوڙا- مارشل لا لڳي؟ سرڪار هلي وئي؟ ڪراچي ۾ ڪو وڏو سياسي طوفان اچي ويو؟ آخر ٿيو ڇا؟ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اِهو سلسلو هليو. پاڪستان جا 60 نيوز چينل پي ٽي وي نيوز سميت بند رهيا. مون کي اڃا تائين ان ڳالهه تي حيرت آهي ته پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ڪيبل آپريٽرز کان پڇاڻو ڪو نه ڪيو ته آخر اوهان نيوز چينل ڇو بند ڪيا. حرام آهي جو ڪو هڪ لفظ ڳالهائي. خود ٽي وي چينلز جا چپ سبيل هُئا. هي سٽون لکڻ وقت منهنجي سامهون ٽي وي جي اسڪرين تي هڪ منظر ڏسڻ ۾ آيو. سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه ڪنهن تقريب ۾ ويٺو آهي، کيس ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. هڪ چينل بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ اها خبر هلائي رهيو هو. جڏهن مان سٽون لکي رهيو آهيان ان وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي اتحادي ڌر سيد خورشيد شاهه خلاف احتجاجي جلسو ڪري رهي هئي. شاهراهه قائدين کي بند ڪيو ويو هو. جلسو اڃا شروع ڪو نه ٿيو هو پر ٽي وي چينل ڏيکاري رهيا هئا ته ماڻهن جو انبوهه گڏ ٿي رهيا هئا. ڪنهن ٽي وي چينل اهو نه ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي ڪيئن آندو ويو. هي سڀ چينل گذريل هفتي بلاول جي جلسي ۾ آندل ماڻهن لاءِ اِهو چئي رهيا هئا ته ”لوگون ڪو ڀيڙ بڪريون ڪي طرح ڀر ڪر لايا گيا ٿا.“ هنن چينلز کي صرف سنڌي ماڻهو ”رڍ ٻڪريون“ لڳندا آهن. شهرن ۾ نه ”رڍون“ آهن نه ڪي ”ٻڪريون“ آهن. سڄي ڪراچيءَ مان ماڻهو کيسن مان ڪرايا ڀري پاڻ نچندا ڪُڏندا جلسي ۾ شريڪ ٿيندا آهن. هي شايد گهٽ ماڻهو چاهيندا آهن ته ميڊيا جي نمائندن کي هنن جلسن ۾ شريڪ ٿيل ماڻهن سان ڳالهائڻ جي به اجازت نه هوندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جنهن ڏينهن هي جلسو ٿي رهيو آهي، ان ڏينهن هڙتال جو منظر آهي. ڇو ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاران خورشيد شاهه خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم جو اهو موقف آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي اهم اڳواڻ سيد خورشيد شاهه مهاجر لفظ کي هڪ ڀيرو به نه چار ڀيرا گار ڏني آهي. ايم ڪيو ايم هاڻي ”توهين رسالت“ تائين پهچي وئي آهي. مولوين کان فتوائون ڏيارڻ لڳي آهي ۽ ايم ڪيو ايم لبرل ازم ۽ ترقي پسنديت جي به دعويدار آهي.

خورشيد شاهه بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ”جيڪي ماڻهو سنڌ  آيا اهي سنڌي بڻجي ويا“، اُهي مهاجر ڇو ٿا سڏائين. سندس چوڻ هاڻي انهن کي لفظ ”مهاجر“ کي گار سمجهڻ گهرجي. خير خورشيد شاهه جي بيان اچڻ شرط ايم ڪيو ايم هنگامي پريس ڪانفرنس ڪري خورشيد شاهه خلاف احتجاج ڪيو. ان کانپوءِ اڌ ڪلاڪ جي اندر خورشيد شاهه وري ميڊيا تي اچي ويو، سندس چوڻ هو ته سندس لفظن جو مطلب ڪجهه ٻيو هو پر پوءِ به هو معذرت ڪري ٿو. اصولي طور تي سياسي رواداري جي گهرج اها هئي ته اها ڳالهه اتي ئي ختم ٿيڻ گهرجي ها.

ڪو انسان غلطيءَ سان به ڪو لفظ چئي سگهي ٿو ۽ اسلامي نقطئه نظر ۾ به معافيءَ جي وڏي اهميت آهي پر ايم ڪيو ايم هن نقطي کي پيپلزپارٽيءَ سان هلندڙ سياسي اختلافن جو حصو بڻايو. جڏهن ته سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ سياسي اختلافن جا ڪارڻ ڪجهه ٻيا آهن. سڀ کان وڏو ڪارڻ ته اِهو آهي ته سنڌ جون هي ٻئي اقتداري جماعتون پنهنجي عوام کي ڪجهه به نه ڏيئي سگهيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙين جو عوام جهڙي ريت ترقي جي سفر کان پري آهي اهڙي ريت سنڌ جي شهرن جو عوام به دهشتگردي، لسانيت، فرقيواريت ۽ ڪرپشن جي مصيبت ۾ گهيريل آهي. سچ اهو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي گذريل ساڍن ڇهن سالن جي سرڪار ۾ پاڻ کي هڪ سڪي جا ٻه پاسا ظاهر ڪيو آهي. ٻنهي پارٽين جي هڪ ٻئي سان ”لڪ لڪوٽي“ راند جاري رهي. سنڌ سرڪار دٻاءُ ۾ اچي ايم ڪيو ايم جا ناجائز مطالبا مڃيندي رهي. مطالبا وڌندا رهيا، وڌندا رهيا، ايم ڪيو ايم سرڪار ۾ ايندي رهي. سرڪار ڇڏيندي رهي ۽ آخري ڀيرو ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪار کان وري الڳ ٿي وئي.

 لڳي ٿو ته ملڪي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار ۾ واپس اچي وئي ته سمجهو سرڪار ڪا نه پئي وڃي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سرڪار خلاف دٻاءُ جاري رکيو، احتجاج کانپوءِ هڙتالن، تشدد، مظاهرن جي موڙ تي آئي، سنڌ ۾ امن امان جون حالتون خراب ٿيو ته ”اسلام آباد“ جي سرڪار کي لوڏا ايندا. ان صورت  ۾ ايم ڪيو ايم اڳتي هلي نواز شريف جي اتحادي بڻجي سگهي ٿي. پوءِ وري پيپلزپارٽي نواز شريف جي واقعي مخالف بڻجي ويندي. سنڌ جي سرڪار غير مستحڪم ٿيندي يا ايم ڪيو ايم عمران خان ۽ طاهر القادريءَ جي اتحادي بڻجي وفاقي سرڪار کي ڊاهڻ جي صف ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. ٻنهي صورتن ۾ سنڌ لاءِ سٺو نه هوندو. سنڌ جي شهرن ۾ ٻائيتال جي موسم اچڻ واري آهي. هن ڀيري سنڌ جي شهرن ۾ مهاجر صوبي جي نالي تي وٺ وٺان ٿيندي. مهاجر قومي موومينٽ تان هٿ کڻي متحده قومي موومينٽ بڻيل ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر مهاجر سياست ڏانهن موٽ کاڌي آهي کيس سنڌ جي شهرن مان ووٽ بئنڪ گهٽ ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. سندس اِهو ووٽ عمران خان کڻڻ چاهي ٿو. مهاجر صوبو هڪ الڳ بحث آهي. ان جو هن مضمون ۾ تفصيلي بحث نه ڪري سگهبو. ايم ڪيو ايم پاڻ به ڄاڻي ٿي ته مهاجر صوبو نه ٺهي سگهبو پر اردو ڳالهائيندڙن ۽ سنڌين کي هڪ نعري تي خوب جذباتي بڻائي پاڻ ۾ سولائي سان ويڙهائي سگهجي ٿو. ان ڪري سنڌين جي ليڊرشپ ۽ پيپلزپاٽيءَ جي ليڊرشپ ٻنهي کي عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. پيپلزپارٽي جي سرڪار کي سنجيده رستو اختيار ڪرڻو پوندو، ڇو ته ويجهي مستقبل ۾ ٿيندڙ سڄو گند بهرحال پيپلزپارٽي سرڪار جي ڳچيءَ ۾ پوڻو آهي. ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ پر سنڌ جي ترقي، سنڌ جي عوام کي گڏ رکڻ لاءِ سوچڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *