سنڌ ۾ سرڪاري پارٽي ’عوامي‘ آهي ؛عاجز جمالي

جمهوريت رڳو پارليامينٽ، اسيمبلين، وزيراعظم يا وڏو وزير هجڻ جو نالو ناهي. جمهوريت اهو معروف سماجي نظام آهي، جنهن جي هر فيصلي ۾ عوام جي شرڪت هجي ۽ هر فيصلو عوام جي مفادن وٽان هجي. اسين ان بدنصيب مُلڪ ۾ رهون ٿا، جنهن ۾ عوام ڪڏهن به حقيقي جمهوريت ڏٺي ئي ناهي. ان ڪري ئي اسان هميشه چوندا آهيون انڌي منڊي جمهوريت. ان انڌي منڊي جمهوريت ۾ پڻ جمهوريت جو حصو گهٽ رهيو آهي ۽ انڌن منڊن جو حصو وڌيڪ رهيو آهي، جن سڄي سماج کي اپاهج بڻايو آهي. اسين هڪ اپاهج سماج جا رهواسي آهيون. اهڙو سماج جنهن کي هلائيندڙ ڌريون صرف انفراديت کي ئي اوليت ڏينديون رهيون آهن. سندن هر فيصلي ۾ اوليت سندن ذات، ذاتي مفاد، سندن ڪاروبار، ڪاروباري دوست ۽ سندن ڪٽنب کي ملندي آهي. ان ڪارڻ ئي سماج ۾ اجتماعيت جو تصور ڪمزور رهجي ويو آهي ۽ عوام پٺ تي رهجي ويندو آهي. 2007 کان وٺي اڄ تائين سرڪار هلائيندڙ پارٽي جو به اسان سان رويو اهڙو ئي رهيو آهي. سنڌ ۾ ستن سالن کان پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار آهي ۽ چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ هي دؤر ذوالفقار علي ڀُٽو کان به وڌيڪ وقت هلندڙ شاندار دور رهيو، پر سنڌ ۾ نه ترقي نه عوامي حقن جو خيال ڪيو ويو، نه عوام جي اجتماعي سوچ مضبوط ٿي، نه جمهوريت جو عوام کي ڦل ملي سگهيو.

ٻيو ته ٺهيو پر محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت عيوض ٺهيل سرڪار آڏو خود بينظير ڀُٽو جو قتل ست سالن تائين سواليه نشان بڻيل رهيو. سڄي پيپلز پارٽي ۾ هڪڙو به اهڙو محترمه جو ڀاءُ ناهي جيڪو چئي سگهي ته ڀيڻ جا قاتل فلاڻا آهن. پر ڀيڻ جي پارٽي، لاش، سياست ۽ نالي تي ڪک پتي ڀائر لک پتي بڻجي ويا، لک پتي ڪروڙ پتي، ڪروڙ پتي ارب پتي ۽ ارب پتي کرب پتي بڻجي ويا. ڪنهن به، هڪ لمحو به پئسا ڪمائڻ کان ضايع ٿيڻ نه ڏنو. پيپلز پارٽي اندر اڄڪلهه شديد بحران آهي، ان جو سبب صرف پيسو يا ڪرپشن آهي. اڄڪلهه سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جا وڏيرا هڪ ٻئي سان وڙهندي نظر ايندا يا پارٽي جا ڪارڪن اڳواڻن خلاف سراپا احتجاج ملندا. خيرپور ۾ هڪ ايماندار ايس پي مسعود بنگش جي بدلي تي وساڻ ۽ جيلاني هائوس ۾ تڪرار نظر اچي رهيو آهي. خيرپور ۾ هڪ هفتي کان احتجاج جو سلسلو جاري آهي. هونئن خيرپور ۾ جيلاني- وساڻ تڪرار ڪو نئون به ناهي. خيرپور جي سياست بابت ڄاڻ رکندڙ، چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جا گروپ ڪيترن سالن کان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون رهيا آهن. منظور وساڻ خيرپور جو سگهارو سياستدان آهي. وساڻ هائوس هميشه پاڻ کي جيلاني هائوس جي مقابلي ۾ بيهاريو آهي. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ ۾ جڏهن تبديليءَ جون خبرون هوائن جيان گُهلڻ لڳيون ۽ قائم علي شاهه بدران ڪو نوجوان سيد وڏو وزير بڻجڻ لاءِ سرگرم هو ته انهن ئي ڏهاڙن ۾ صاحب وڏي جي صدارت ۾ گڏجاڻي هلندڙ هُئي، ان اجلاس ۾ منظور وساڻ ئي واحد ماڻهو هو، جنهن اهو سوال اٿاريو ته، سائين ڀلا سنڌ ۾ ڪو شاهه ئي وڏو وزير ڇو لازمي آ، ڇا سينئر شاهه ويندو ڪو جونيئر شاهه ايندو ته اها سُٺي ڳالهه هوندي؟ منظور وساڻ جو چوڻ هو ته اهڙن فيصلن سان پارٽي اندر به مايوسي ٿيندي. راوي ٻُڌائي ٿو ته منظور وساڻ جي ڳالهين سبب اجلاس ۾ سانت ڇانئجي وئي هُئي. اهوئي سبب هو ته شريڪ چيئرمين کي چوڻو پيو هو ته ڪا به تبديلي نه پئي اچي. وساڻ ان اجلاس ۾ مراد علي شاهه جي بادشاهه وارو پتو پنهنجي رنگ سان کڻي به ڇڏيو ۽ خيرپور جي قائم علي شاهه تي احسان به ڪري وڌو. ان سبب هن وقت نفسياتي طور جيلاني هائوس، وساڻ هائوس جي دٻاءُ ۾ آهي. ان ڪري ايس پي جي بدلي ته ڪئي وئي پر قائم علي شاهه پاڻ به خوش نه هو، پر قائم علي شاهه جيڪڏهن ڀُٽو جو ساٿي آهي ته منظور وساڻ به سپاف جي زماني کان بينظير جو بهادر ڀاءُ ٿو سڏائجي. خيرپور ۾ سندس ٻيو ڪمال پاڳارن کي هارائڻ هوندو آهي. ايس پي جي بدليءَ کان پوءِ خيرپور ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ وساڻ خلاف نعرا لڳي رهيا آهن. عام تاثر اهو آهي ته ايس پي بنگش ايماندار ماڻهو آهي ۽ وساڻ جي ڳالهه ڪونه ٿو مڃي.

ڳالهه رُڳو بنگش جي ناهي، خيرپور ۾ مقررين ۽ بدلين تي ٻنهي اڳواڻن ۾ جهڳڙو هلندو رهندو آهي. اُميد ته اهو سلسلو جاري رهندو پر خيرپور جو عوام هن جهڳڙي مان بيزار آهي. اهي چڪيءَ جي ٻنهي پُڙن ۾ پيسجي رهيا آهن. عام خلق جيلاني هائوس ۽ وساڻ هائوس جي دائري ۾ آهي يا نه؟ پر هاڻي سرڪار عوام بدران صرف ووٽر لاءِ هوندي آهي. هرڪو ڄاڻي ٿو ته ووٽر معنيٰ چاليهه سيڪڙو ماڻهو. پر هيءَ سرڪار چاليهه سيڪڙو عوام کي خوش رکڻ ۾ به ناڪام وئي آهي، پر ووٽ رکندڙ همراهه پوءِ به سڀ ڪجهه تي پنهنجو حق سمجهن ٿا.  بدين ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪش اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ٺاهي جوڙي وڏو ڪيل سردار ڪمال خان چانگ ۾ گهڻي عرصي کان هلندڙ سرد جنگ هاڻي مارا ماريءَ تائين پهچي وئي آهي. ذوالفقار مرزا هاڻي پارٽي اندر هڪ بغاوت جي صورت ۾ آهي. هي بغاوت جيڪا ايم ڪيو ايم خلاف شروع ٿي هئي، هاڻي اها آصف زرداري تائين پهچي وئي آهي. مرزا جيڪو بظاهر ته پيپلز پارٽيءَ ۾ غير سرگرم هو پر سندس وني ڊاڪٽر فهميده مرزا ايم اين اي ۽ پُٽ حسنين مرزا ايم پي اي آهي. ساڳي ريت سردار ڪمال خان چانگ تي صاحب وڏي شفقت جو هٿ رکيو ته جيئن هو ذوالفقار مرزا کي مُنهن ڏئي سگهي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر مورائي، امير ڀنڀرو، پيپلز امن ڪميٽي، عذير بلوچ سڀني جي مٿي تي هٿ رکيو ويو. هي سڀ ذوالفقار مرزا جي ٽيم هئا، جن کي آهستي آهستي سندس خلاف تيار ڪيو ويو. ڪمال چانگ ته اهو ماڻهو آهي جنهن جي ڦري وڃڻ سبب مرزا کي معاشي نقصان پهتو. هاڻي ته هن پاڻ اقرار ڪيو ته کانئس شگر مل به کسي وئي آهي. مرزا تازو بلاول جي اختلافن جي ڪهاڻي کان پوءِ ميدان تي لٿو، ان ڪري هاڻي سندس مرڪزي ڪميٽي ۾ ميمبرشپ به ختم ڪئي پئي وڃي پر ان جي باوجود ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اندر هڪ گرجندڙ اختلاف جي صورت ۾ موجود رهندو.

گذريل رات سنڌ جو وڏو وزير قافلي جي صورت ۾ اوچتو ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي گهر پهتو. يوسف ٽالپر مقامي اختلافن سان گڏ ڪمند جي آبادگارن جي مسئلي تي ناراض آهي. سندس ايم پي اي علي مردان شاهه سان اختلاف پراڻا آهن. نواب يوسف ۽ سندس پُٽ تيمور ٽالپر ايم پي اي جي به هميشه اها شڪايت رهي ته پارٽي کين اهميت نه ٿي ڏي. ٺٺي جي صورتحال ڏسون ٿا ته اليڪشن کان اڳ هتي اويس مظفر سرگرم هو، اُن کان پوءِ پارٽي ۾ اندروني ڀڃ ڊاهه به ٿي، پر هاڻي اويس مظفر پاسيرو آهي ۽ ضلعي پارٽي اندر اختلاف موجود آهن. ٿرپارڪر ۾ پارٽي جا ڪارڪن مهاراجائن جي خلاف آهن. مٺي شهر ۾ ماڻهو  ملاڻي جي خلاف ڳالهائڻ جي همت نه ٿو ڪري سگهي.

لاڙڪاڻي ۾ ادي ايم اين اي آهي، ٻيو ايم اين اي اياز سومرو آهي، سندس ڪير به ڳالهه ڪونه ٿو مڃي. نثار کهڙو به لاڙڪاڻي مان ايم پي اي آهي، وٽس سنڌ جي اهم وزارت آهي، سنڌ جي عوام کي نثار کهڙي مان وڏيون اُميدون هيون، پر سندس کاتي ۾ اختيار ڪيترو آهي؟ صاحب وڏي جو ڀيڻيو ئي اصل وزير آهي. ڪراچي ۾ تازو ساجد جوکئي خلاف مقامي عهديدارن احتجاج ڪيو ۽ استعيفائون ڏنيون. گهوٽڪي ۾ شروع کان اختلاف آهن. هر طرف ڏسجي ته پيپلز پارٽي اندرين اختلافن جو شڪار آهي. هر هنڌ حڪم صرف اديءَ جو هلي ٿو. سائين وڏو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. مخدوم امين فهيم جيڪو پيپلز پارٽي جو قانوني صدر آهي، اُن جي ناراضگي ان حد تائين وڌي جو مخدوم وڃي پاڳاري ۽ پرويز مشرف سان مليو. سندس مطالبا مڃي کيس ٿڌو ڪيو ويو، پر مخدوم برادران به خوش ناهن. پارٽي اندر بلاول جي ناراضگي جو وڏو سبب پڻ اهوئي آهي جو پارٽي جا اختلاف ۽ سرڪار جا اختيار نه پارٽي وٽ آهن نه سرڪار وٽ.

نه پارٽي ۾ پارٽي نظر اچي ٿي نه سرڪار منجهه سرڪار. بلاول جو چوڻ آهي ته سرڪار جو مطلب سرڪار ۽ پارٽي جو مطلب پارٽي هجڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي جو بلاول سان مخدوم ۽ مرزا جي رابطن جون خبرون گرم آهن، پر بلاول جو ڳچ عرصي کانپوءِ ٽوئيٽر پيغام آيا ته پارٽي ۾ اختلاف ناهن، پر کرو سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي اندرين اختلافن جو شڪار آهي. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ٺاهه نه ٿي چاهي. ڇو جو ستن سالن ۾ ڪراچي ۾ پ پ جا ست سو کان وڌيڪ ڪارڪن قتل ٿيا آهن، پر انهن ڪارڪنن جي قتل خلاف ڪو به احتجاج ڪونه ٿيو. ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف به ايم ڪيو ايم جي خلاف آهي، ڪير انهن جي ڪارڪنن کي ته هٿ لڳائي ڏسي؟

سنڌ ۾ تعليم جو برو حال، صحت جي سهوليتن جي اڻاٺ، امن امان رُڳو ڳالهيون. سرڪار جي رٽ ڪٿي ناهي. غربت جي شرح ۾ اضافو، ترقياتي ڪم ٺپ، ها ڪرپشن جو ڪاروبار اعليٰ درجي تائين ضرور پهتو. هر کاتي ۾ ڪرپٽ کان ڪرپٽ آفيسر ملندو، جنهن جي ڪوالٽي صرف وڌ کان وڌ پئسا ڪمائڻ آهي.

معاشي ۽ مالي ڪرپشن سان گڏ سنڌ ۾ اخلاقي ڪرپشن جو رڪارڊ به اعليٰ ٿيندو پيو وڃي. سرڪاري آفيسرن جي چيمبرز جي شڪل بيڊرومز جهڙي آهي. آفيسرز گرلز فرينڊز کي ڊفينس ۾ بنگلا وٺي ڏين پيا. بدڪردار مايون اعليٰ عهدن تائين پهچي ويون آهن. حقدارن جا پروموشن ماري هڪ سال اندر سترهين گريڊ جي ماين کي اوڻيهين گريڊ تائين پهچايو ويو. سرڪار معاشي، اقتصادي، اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. گورننس ناهي، ايمانداري ناهي، ميرٽ ناهي، پارٽي پاليسي ناهي، ڪمٽمينٽ ناهي، جنهن سبب بينظير شهيد جي جوڙيل اليڪشن منشور جي هڪ به نقطي تي صحيح طرح عمل ڪونه ٿيو. ارڙهين ترميم کانپوءِ سڀئي اختيار به هئا، سرڪار هئي به هڪڙي پارٽيءَ جي، هاڻي آخر عوام کي ڪهڙو بهانو ٻڌايو ويندو ته اڇو مُنهن ۽ نيرا پير ڪيئن ٿيا؟ سنڌ ۾ نه عوامي پارٽي پاڻ کي مضبوط ڪري سگهي نه عوام لاءِ سرڪار هلائي سگهي. صرف اليڪشنري وڏيرن جا مزا ٿيا، عوام سدائين سورن ۾.

سنڌ ۾ هاڻي ڪرپشن خلاف هڪ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪي ڪرپشن ڪن ٿا، اينٽي ڪرپشن به انهن وٽ، پهرين لُٽين به اُهي ٿا ته فيصلو به اُهي ئي ڪن ٿا. قاتل ئي منصف آهن، رُڳو مصنوعيت، ڊرامو، لٻاڙ، سنڌ ۾ صفائي مهم جو ڊرامو شروع ٿيو پر حقيقت ۾ ڀنگي به رشوت تي ڀرتي ٿين ٿا. سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي بدعنوانين خلاف جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي. عام آدمي پارٽي وانگر سنڌ کي عام ماڻهو پارٽيءَ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *