سنڌ ۾ اليڪشني تڪن کان محروم سنڌ جا قومپرست :اشرف نوناري

سنڌ ۾ پارلياماني ۽قومپرست سياست جا الڳ الڳ معيار آهن. پارلياماني سياست حلقن / تڪن جي بنياد تي ٿيندي آهي. يعني پارٽي تڪن کان هٽي ڪري به وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن جا ذاتي تڪ به هوندا آهن. سنڌ جي سياست ۾ اميدوار پارٽي منشور، نعري يا خدمتگاري جي ڪري ڪامياب نه ٿيندا آهن. بلڪي انهن جي ڪاميابي پٺيان راڄ، ڀاڳ، پيري، مريدي ۽ نوٽن جو ڪرشمو هوندو آهي جنهن سان راڄ جي چڳي مڙسن کي خريد ڪيو ويندو آهي. ملڪ م شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي نعرو ضرور ڏنو پر پوءِ به پيپلزپارٽي عوامي نعري جي بنياد تي نه بلڪي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن جي مدد سان هميشه اقتدار حاصل ڪندي آئي آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر جڏهن مڪاني چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون ته سياسي ڌرين وڏيرن کي خريد ڪرڻ ۽ سياسي وفاداريون بدلائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي.ڪنهن کي خريد ڪيو پيو وڃي ته ڪن سان اقتدار م حصو پتي ڏيڻ لاءِ معاهدا ٿي رهيا آهن. سنڌ اندر پارلياماني سياست ۾ خانداني گرفت به مضبوط آهي ضلع، تعلقه ۽ تڪ مختلف خاندانن ۾ ورهايل آهي جيڪا سالن کان پنهنجي تڪن اندر مضبوط پوزيشن کي برقرار رکندا اچن پيا.

اڪثر وڏيرا پنهنجي تڪ ۾ پنهنجي حيثيت ۽ طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ ٻڌ ڇوڙ به ڪرائيندا آهن. ڪنهن وڏيري جي حڪم کي نه مڃڻ ۽ چئي مان نڪري وڃڻ تي وڏيرو ان کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائي وري ان مٿان ٿورو ڪرڻ ۽ ان کي هميشه پنهنجي احسان هيٺ رکڻ لاءِ ان کي پوليس کان آزاد به ڪرائيندو آهي. اتر سنڌ ۾ ته وڏيرا پنهنجي  تڪ وارن ماڻهن جون چورن کان چوريون به ڪرائيندا آهن. جيڪي انهن جو چوڻ نه مڃيندا آهن. پوءِ وري ڀنگ وٺي وڏيرا چوري به واپس ڪرائيندا آهن.

سنڌ ۾ اڪثر وڏيرا اليڪشن ورڪ دوران ڏينهن رات بغير ڪنهن تڪ ڀڄڻ جي پنهنجي ووٽرن جي در  تي ويندا آهن.نه چاهيندي به انهن کي ڀاڪر پائي پنهنجي ٿيڻ جو احساس ڏيرائيندا آهن. مستقل بنياد تي وڏيرا پنهنجي تڪ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ووٽرن جي شادين ۽ غمين ۾ به شرڪت ڪندا آهن سنڌي ماڻهون اڃان شعور ي طور تي قومي سوچ نٿو رکي اهو نٿو ڏسي ته جنهن کي اسان اليڪشن ۾ ووٽ ڏيون ٿا اهو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جمله مسئلن تي پارليامينٽ ۾ آواز بلندبه ڪري پيو يانه؟ اهو وڏيرو سنڌ جي قومي اشوز تي ڪيتري حد تائين جدوجهد ڪري ٿو. بس ان جا ووٽر صرف هي ڏسندا آهن ته هو پوليس جي ٻڌ ڇوڙ ۾ اسان جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿو. سنڌ جي وڏيرن پنهنجي اهڙي چالاڪ سياست ۽ ٻٽي عوامي معيار جي ڪري ئي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ ۾ قومپرست پارلياماني سياست ڪندڙ ليڊر ان جي ڪري ناڪام آهن ته هو سنڌي عوام جي معيار مطابق سياست نٿا ڪن ۽ نه ئي انهن وٽ ڪو چونڊن ۾ انهن جو تڪ آهي، سنڌ جا جمله قومپرست اڳواڻ پوري سنڌ کي پنهنجو تڪ سمجهندي خوش فهمي جو شڪار آهن.

صرف سنڌ ۽ سنڌ ڪرڻ سان سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قومپرستن جو ساٿ نه ڏيندو هن وقت نظر ڦيرائجي ته ڪهڙو قومپرست اڳواڻ آهي. جنهن جو مهرن، جتوئين، اربابن ۽ شيرازين وانگر تڪ هجي ۽ پوءِ  هو ڀلي اليڪشن مهم دوران پنهنجي تڪ وارن سان ملندو هجي. سالن کان قاسم آباد ۾ رهندڙ ۽ قاسم آباد جي وجود ۽ تعمير جا دعويدار رهندڙ قومپرستن قاسم آباد کي ئي قومپرستن جو قعلو ۽ پنهنجو تڪ نه ٺاهي سگهيا ته پوءِ هو سنڌ جي ٻين تڪن ۾ ڪيئن پنهنجي سياسي حيثيت ٺاهي سگهن ٿا. جيڪو به قومپرست ليڊر ٿيندو آهي ته ان ۾ ان وقت آڪڙ اچي ويندي آهي. ان جي رهڻ، هلڻ، هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ته هي ڀائو پوري سنڌ جو اڪيلو واڳ ڌڻي،  وارث ۽ ست ڪوهاڙين جو مالڪ آهي. پوءِ اهو قومپرست ليڊر عام ماڻهون ته پري جي ڳالهه بلڪي پنهنجي ڪارڪنن لاءِ به ديوتا ٿي ويندو آهي. ۽ ان جا ڪارڪن به پنهنجي ليڊر سان ملڻ لاءِ آتا، ترسندا، تڙپندا آهن. ۽ اهو ليڊر عوام جي پراپرٽي ٿيڻ بجاءِ عوام لاءِ انمول هيرو ٿي ويندو آهي موجوده وقت ۾ جڏهن سنڌ ۾ مڪاني چوندون ٿي رهيون آهن ته وڏيرا، پير ۽ مير پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ موسمي ڏيڏرن وانگر نڪري پيا آهن. ۽ سالن جون پراڻيون تعزيتون ڪن پيا. پراڻيون شاديون موکن پيا جڏهن ته سنڌ جا قومپرست هن وقت به اليڪشني تڪن کان محروم آهن. صرف پنهنجي پارٽي آفيسن ۾ ويهي. ڪشمور کان ڪراچي تائين اليڪشن مهم جا بيان جاري ڪن پيا جيڪو عمل ڪاغذي ڪاروائين تائين محدود آهي ۽ ڊرائنگ روم سياست برابر آهي يادرکڻ گهرجي  ته عوام اهڙي ليڊر کي ڪامياب ڪندو جيڪو عوام جي درميان هوندو پوءِ ڀلي اهو ويڪائو وڏيرو ڇونه هجي!

قومپرست ناڪام سياست جي ڪاميابي جو حل عوامي سياست ۽ عوام ۾ وڃي سياست ڪرڻ ۾ آهي. مستقل بنيادن تي قومپرستن کي پنهنجي اليڪشني تڪ /حلقه ٺاهڻا پوندا ۽ ان تڪ جي ماڻهن کي ٽائيم ڏيڻو پوندو. انهن تڪ جي چڳي مڙسن کي نالن سان سڃاڻڻو پوندو. سنڌ جي قومي سياست وانگر تڪ جي عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي کڻڻو پوندو ۽ عوام سان ميل جول قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن ايندڙ اليڪشن م پوري سنڌ بجاءِ پنهنجي تڪ تان ڪاميابي جي حقيقي ۽ عملي دعويٰ ڪري سگهجي ان لاءِ قومپرستن کي پارلياماني سياست ۾ عوامي ڪردار ادا ڪندي سنجيدگي طور تي پير رکڻو پوندو. ڇو جو ووٽ واري سياست قومپرست سياست کان مختلف آهي ان لاءِ پارلياماني سياست وارو فن سکڻ ۽ عملي طور ان تي هلڻ ضروري آهي ته جئين عوام کي ڪو بهترين نتيجو ڏيئي سگهجي. ٻئي صورت ۾ قومپرستن طرفان رولاڪ سياست جا نتيجا زيرو نڪرندا. ۽ اها هلڙ باز سياست قومپرستن کي تاريخ جي بي رحم وهڪري ۾ ٻوڙي ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *