سنڌ ۽ ڀٽائيءَ سان حاڪمن جا ڀوڳ ؛عاجز جمالي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا وڃي چُڪو هوس، پر هن ڀيري مان پنهنجي ٻارن کي خاص طور تي وٺي وڃي، شاهه لطيف بابت سمجهائي رهيو هوس. اسان شاهه جو راڳ به ٻڌو، مزار تي حاظري به ڀري. شيخ اياز جي قبر تي فاتحه پڙهي ۽ ميوزيم به ڏٺي ۽ شاهه لطيف جي گادي نشين نثار حسين شاهه جي لاڏاڻي تي سندس پُٽ ۽ لطيف جي نئين گادي نشين وقار حسين شاهه سان تعزيت به ڪئي. ان دوران ارباب نيڪ محمد، محمد خليل کوسي ۽ ٻين دوستن سان ملاقات به ٿي. وقار حسين شاهه جا زبردست خيال به ٻُڌا. شاهه لطيف جي سجاده نشين جون ڳالهيون ٻڌي مئٽرڪ پاس منهنجو پٽ فراز چوڻ لڳو ته بابا هي عام پيرن وانگر ڪو نه پيو ڳالهائي، لکيل پڙهيل ماڻهن وانگر سوچي پيو. سندس چوڻ هو ته ڇا سڀ پير ”رانگ نمبر“ نه هوندا آهن. اڄڪلهه ڀارت جي مشهور فلم ”پي ڪي“ نوجوانن جي ذهنن تي هٿوڙا هڻي رهي آهي. اهي ساڳيون ڳالهيون اسين 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪندا هئاسين ته ڪافر، دهريو، ڪميونسٽ وغيره وغيره چيو ويندو هو. اڄ پاڪستان ۾ هر نوجوان پيرن، مولوين، پنڊتن، مذهبي اڳواڻن بابت سوال پُڇي ٿو. مذهبي جنونيت کان نوجوانن جي ذهنن ۾ بغاوت ڦٽي رهي آهي پر وٽس فرار جو رستو ڪونهي. وقار حسين شاهه جو خيال هو ته صوفي ازم وسيلي سڄي دنيا جي نوجوانن جا ذهن بدلائي سگهجن ٿا. جنونيت، دهشتگردي، رجعت پرستيءَ خلاف شاهه لطيف جو آواز موثر آهي پر اڄوڪي جديد دور ۾ لطيف جي پيغام کي ڦهلائڻ لاءِ قومي ميڊيا جي دعويدارن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته شاهه لطيف کي محدود ڪرڻ بدران سڄي دنيا جو آفاقي شاعر ثابت ڪري سگهجي ٿو. اردو ميڊيا الائي ڇو شاهه لطيف کي قومپرست سمجهي ٿي. شايد ان لاءِ جو سنڌي قومپرست ڀٽائي جي ڳالهه ڪن ٿا. منهنجو چوڻ هو ته ڀٽائي جو پيغام تمام وسيع آهي. ڀٽائي هڪ ذهين ۽ انقلابي ماڻهو هو. اڄ جي دور ۾ هر ڪو لطيف کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ قيد ڪرڻ ٿو چاهي. بلڪل ائين ئي جيئن اسلام کي هڪ محدود دائري ۾ بند ڪري هر ”فرقو“ پنهنجو رستو ڏيکاريندو آهي. سڄي دنيا ۾ ”ڏاهن“ سان ائين ٿيندو رهيو آهي ته انهن جي لاڏاڻي کانپوءِ ماڻهن انهن جي فلسفي کي پنهنجي پنهنجي معنائن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ ۾ ساڳي صورتحال شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان آهي. وقار حسين شاهه سان هي مختصر ملاقات هُئي پر سندس خيال کي جيڪڏهن عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ڀيرو سڄي سنڌ جي ڏاهن کي ڀٽائي جي مزار تي ويهارجي ته حل نڪري سگهي ٿو. اهڙي ڪانفرنس سنڌ سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي پر شاهه لطيف بابت سرڪاري ادارن جو رويو ڏسبو ته وڌيڪ ڏک ٿيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ اها تصوير شايع ٿي ته مزار جي آڳنڌ تي گڏهه گاڏا بيٺل آهن پر مزار جي هيٺ، مزار جي اندر باگڙياڻيون فقيراڻيون ماڻهن جو جيڪو حال ڪن ٿيون، اهو ڏسي افسوس وڌڻ لڳي ٿو. تنبوري واري چوڪ تي بيٺل پوليس وارو ڪنهن شريف ماڻهو کي گاڏي بيهارڻ ته ڪو نه ڏيندو پر باگڙياڻين جا ڪٽڪ ڪير به روڪڻ لاءِ تيار ناهي. هي سڀ ڳالهيون شاهه لطيف جي مزار جي تقدس سان واڳيل آهن. شيخ اياز جي قبر جو به ڪو تقدس نظر ڪو نه آيو ۽ اياز جي قبر ڀرسان ثقافت کاتي جي ماتحت ميوزيم جو هال ڏسي روئڻ تي دل چوي پئي. ميوزيم ۾ انڌاري آهي، شاهه لطيف جي سورمين تي ٺهيل ماڊلز ڊهي چُڪا آهن. ڪٿي شيشا ڀڳل آهن. ماڻهن کان ٽڪيٽ جا پئسا ورتا وڃن ٿا پر ٽڪيٽ نه ٿي ڏني وڃي. عجيب صورتحال آهي. ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون، وڏا وڏا الميا بڻيل آهن، جيڪي شايد ٻاهران ويندڙ ماڻهوءَ کي نظر اينديون آهن يا شايد اسان صرف شاهه لطيف جي مزار کي ميلي جي ڏهاڙن ۾ ڏٺو آهي! سنڌ جي ادب ۽ شاعري سان گڏ سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اسان ٻئي ڏينهن رني ڪوٽ جو رخ ڪيو. ڄامشوري کان سن ۽ سن کان رني ڪوٽ تائين ڀڳل ٽٽل سنگل روڊ، رني ڪوٽ سياحت لاءِ هڪ عظيم تاريخي ورثو آهي. رني ڪوٽ ۽ ميري ڪوٽ وچ ۾ 6 ڪلوميٽر جو فاصلو آهي پر اهو رستو انتهائي خراب آهي. ميري ڪوٽ جي قلعي کان اڳ اسان کي تعمير هيٺ هڪ پُل نظر آئي، جنهن جو اڌورو ڪم ته ڪيترن سالن کان رڪيل آهي. مون سوچيو ته هن پل جو منصوبو به ڪروڙن ۾ هوندو. اڍائي نو سالن جي تاريخ جي گواهي ڏيندڙ رني ڪوٽ جي ڊگهي ديوار ۽ قلعو ٻڌائي رهيا آهن ته سنڌ هزارين سال اڳ جي تهذيب رکندڙ عظيم خطو آهي پر سنڌ تي هميشه حملا ٿيندا رهيا. ڪاهون ٿينديون رهيون. محمد بن قاسم کان وٺي اڄ تائين مذهب جي آڙ ۾ سنڌ تي حملن جو سلسلو جاري آهي. هر دور جا سنڌي حاڪم ويساهه گهاتيون ڪندا رهيا، عياشين ۾ مست رهيا. اڄ به سنڌ جي سجاڳي صورتحال آهي. شاهه لطيف جي مزار کان وٺي رني ڪوٽ جي تاريخي قلعي تائين، ڪراچيءَ کان ڪيٽي بندر، مڪلي، موهن جو دڙو کان گاج ۽ گورک تائين سنڌ جا تفريحي ماڳ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهن. سنڌ ۾ جتي بس حادثي ۾ ٻهراڙين جا 62 ماڻهو سڙي رک ٿي ويا هجن، جتي معصوم ٻارڙا روز مري رهيا هجن اتي سياحت جي ڳالهه ڪرڻ به عجيب محسوس ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي سڃاڻپ اهي تاريخي ماڳ آهن. ڀٽائي، سچل ۽ مخدوم بلاول جون مزارون آهن. سنڌ جنونيت ۽ دهشت جو مقابلو ڪري سگهي ٿي پر سنڌ کي هٿ وٺي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. سنڌ مان چونڊيل نمائندا نوجوانن کي چون ٿا نوڪريون ناهن، وڃي ريڙها هڻو، ڇولا کپايو، برگر وڪڻو، هنرمند ٿيڻ غلط ڳالهه ناهي پر ان ساڳي سنڌ ۾ 40 هزار گوسڙو ماستر به مفت ۾ پگهارون کڻن پيا، مون کي ياد ناهي ته خورشيد احمد شاهه ڪڏهن گوسڙو ماسترن بابت ڳالهايو هُجي. سنڌ ڪرپٽ مافيا جي ور چڙهيل آهي، پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول جي ناراضگيءَ جو وڏو ڪارڻ ئي اهو آهي. ڪرپٽ مافيا سنڌ کي ڳڙڪائي رهي آهي. خورشيد شاهه وزارت اعظميٰ جو خواب ڏسي رهيو آهي پر سنڌ ۾ ڪوئلي جي پيداوار آڏو رڪاوٽون کيس نظر ڪا نه پيون اچن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري ناهي جو شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ جي سڙيل ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ به اسلام آباد وڃڻو پوي ٿو. 18 هين ترميم کانپوءِ ته سنڌ پنهنجو ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو پر هتي ليبارٽري نه ٺهي سگهي آهي. سنڌ ڀٽائيءَ جي آهي پر ڀٽائي جي سنڌ جو اڄ حال اهو ئي ٿي رهيو آهي، جهڙو حال ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ عربن ڪيو. سڀ لٽ مار ۾ رڌل آهن. سنڌ جا حاڪم جهڙوڪر هيئن سوچيندا هجن:

درياهه ڪناري تي

هُو بيهي

پاڻيءَ جو

قد ڪڇي رهيو آهي

۽ چئي رهيو آهي

هُو ٻڏي نه ٿو سگهي

ڪو چريو هوندو

جو نه ٿو ڄاڻي

طوفانن جي

ڪا موسم ڪانهي،

۽ نه ڪُنن جو

قد هوندو آ. (عاجز جمالي)

سنڌ جا حاڪم سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ڀٽائي سان ڀوڳ ڪري رهيا آهن، جو ڀٽ شاهه ۾ صوفي ازم تي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڦري ويا، هاڻي اتي يونيورسٽيءَ بدران سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس ٺهي رهيو آهي.

هي منهن ڏئي ٻن، تون وِهه کائي نه مرين. (شاهه)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *