سنڌ ڪرپشن ليڪس جو ڇا ٿيندو ؟: جاويد احمد چانڊيو

پاناماليڪس جو چرچو پوري دنيا ۾ ٿي رهيو آهي،پاناما ليڪس جنهن بدعنوان مالدارن پارٽين جو من منجهائي وڌو آهي،پاناما جي زد ۾ ڪيتريون ئي با اثرڌرين جو سک چين تباهه ٿي ويو آهي،جيڪي مالدار پارٽيون حق سچ تي آهن انهن کي ڪو به خطرو نه آهي،بدعنوانن لاءِ رستا تنگ ۽ سوڙها ٿي رهيا آهن، پاناما ليڪس وڏو تعداد بااثر ۽ سياسي ڌرين ۽ غير سياسي ڌرين جو به آهي، پاناما ليڪس مالدار ڌرين کي  منظر عام تي آڻي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پاناما ليڪس جي پڌرائي کان پوءِ ملڪ ۾ وڏو مانڌاڻ نظر اچي رهيو آهي،پاناما ليڪس  جي ٻئي قسط به اچي چڪي آهي،ان ۾ به ڪيترن بااثر سياسي توڙي غير سياسي ڌرين جي مال ملڪيت دولت جي مڪمل طور نشاهدي ڪئي وئي آهي،پاناماليڪس نه رڳو پاڪستان جي مٿي جو سور ثابت ٿئي آهي پر دنيا کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو آهي،هاڻوڪي صورتحال ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن جا سربراهه به عوامي دٻاءُ جو شڪار بڻجي وياآهن، عوام جي طاقت انهن کي احتساب ۾ پيش ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ٽاپ تي آيل مالدار ۽بدعنواني ثابت ٿيڻ کان پوءِ اقتدار کان به الڳ ٿي ويا آهن،۽ اهو سلسلو وڌيڪ جاري آهي، پاناما ليڪس لڪيل سچ ۽ حقيقتون بيان ڪيون آهن،پاناما ليڪس جي زد ۾ آيل ڌريون پنهنجو بچاءُ به ڀرپور طريقي سان ڪري رهيون آهن،پنهنجي دفاع خاطر قانوني رستو اختيار ڪري رهيون آهن ۽عدالتن ۾ صفائي پيش ڪرڻ ڪو غلط طريقو نه آهي،پاناما ليڪس انهن مالدار پارٽين کي ظاهر ڪيو آهي جيڪي دنيا جي ليول تي لسٽ تي داخل آهن ۽ هن کان اڳ ظاهر نه هيون، جيڪي ڪاروباري لحاظ کان عروج ۾ داخل آهن، انهن مالدار پارٽين جون ڪمپنيون اثاثا۽ دولتن جا تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن،

ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان سان تعلق رکندڙ با اثر بيرو ڪريڪٽ خزاني وارو ڪامور مشتاق رئيساڻي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان جي نشاهدي تي 63ڪروڙ روڪ رقم سان گڏغير ملڪي ڪرنسي بانڊ جنهن جي ماليت به ڪروڙن ۾ ٻڌائي پئي وڃي اها هٿ ڪئي وئي آهي،نيب تحقيات جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي،گرفتار ٿيل جاچ دوران گرفتار مشتاق رئيساڻي ٻين ڪيترن جا نالا به ظاهر ڪيا آهن جيڪي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، هٿ آيل رقم ۾ ٻيا به حصيدار ڄاڻايا آهن،۽ انهن جي گرفتاري جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي،سوشل ميڊيا تي بلوچستان ۾ ٿيل ڪرپشن جو قصو عام ٿي چڪو آهي،بدعنوانن جي گرفتاري سان عوام کي هڪ نئين انصاف جي اميد ظاهر ٿئي آهي،سنڌ ۾ ٿيل ڪرپشن به ٽاپ تي رهي آهي،گذريل اٺن سالن کان سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي ڀينگ ڪئي وئي آهي، ڪرپٽ مافيا جي ڪارن ڪارنامن ۽ٿيل ڪلورن جي سزا عوام کي ملندي آهي،سنڌ ڪرپشن ليڪس سچ ۽ هڪ حقيقت آهي، تازو محڪمه آبپاشي ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي  ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ وڏي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪرپشن معاملي کي ڄاڻي واڻي بي خبر ٿيڻ به وڏو ڏوهه آهي، سنڌ ۾ گذريل اٺن سالن کان عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌيا آهن، غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي،ڪرپشن جو ناسور ڪو نئون نه آهي،

قديم وقت کان ڪرپشن جو ناسورجاري آهي،ڪرپشن جي روڪڻ ۾ جمهوريت حڪومتون مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيون آهن،لٽ مار، ڪرپشن ڪرڻ جا جديد انداز ڪيا ويا آهن، سنڌ۾ ڪرپٽ مافياکي ڪرپشن ڪرڻ ۾ وڏي آساني هوندي آهي،ڪرپٽ مافياجي سياسي پٺ ڀرائي هجڻ ڪري ۽ مٿي سطح کان تعلقات مظبوط هجڻ ناتي ڪڏهن به ڪرپٽ مافيا عملي طور قانوني گرفت ۾ اچي نه سگهيو آهي،۽هر قسم جي ڏوهه ۽ سزاکان آجيو رهي ٿو، نمائشي رسمي فرضي ڪارواين سبب ڪرپٽ مافيا ڪنهن وڏي آڙاهه ۾ نه اچي سگهيو آهي،هن موجوده صورتحال ۾ شايد تاريخ جو پهريون بهترين دور آهي جو دهشتگردن ڏوهارين ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف عوام جي خواهش مطابق ڪم هلي رهيو آهي،شروعات آهي ۽ مڪمل ڪاروائي سان نتيجايقينن بهترين اچي سگهن ٿا، جائزو وٺبو ته پ پ سرڪار تي ڪرپشن لڳڻ جو داغ هن وقت تائين صاف ٿي نه سگيو آهي ان جي ذميوار پ پ قيادت پاڻ آهي پنهنجي صفن مان ڪرپٽ مافيا جو خاتمو پ پ لاءِ فائديمند رهندو ،عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي گهٽ پر وزارتن ۽ عهدن کي حاصل ڪرڻ ۾ گهڻا جتن ٿي رهيا آهن،هن موجوده صورتحال ۾ پ پ ٻن گروپن ۾ واضع ورهايل آهي،ڀوتار لابي ۽ پ پ جا نظرياتي ڪارڪن قرباني ڏيندڙ ڪارڪن  جيڪي بي سهارا لاوارث ۽ انهن جي ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي،ڀوتارلابي جا وڏا ٺٺ آهن،ڪرپٽ مافياڀوتار لابي سان ڀاڱي ڀائيواري ۾ شامل رهي آهي،اهو منظر ٿيڻ کان پوءِ عوام جو ڪهڙو حال هوندو ان جو اندازو ڪرڻ ته آسان رهندو ته عوام چڱائي جي اميد نه رکي،سنڌ جا سرڪاري ادارا ڪرپشن جي ناسور ڪري تباهه ٿي ويا آهن،عوام کي روزگار ڪپڙو اجهو ڏيڻ چرچو ٿي ويو آهي،غريب عوام کي روزگار ڪپڙو اجهو ملڻ ته هڪ خواب ٿي سگهي ٿو ،

ڪرپٽ مافيا ڪرپشن جي ذريعي روٽي ڪپڙو اجهو حاصل  ڪري سگهي ٿو،۽ اهو ٿي به رهيو آهي، چيو وڃي ٿو ته پ پ حڪومت غريب عوام کي روزگار ڏيندي آهي،نيڪ نيتي سان اهڙو عمل آهي ته اهو عوام کي شاندار رليف ڏيڻ برابر آهي،جيڪڏهن انهي ڏنل روزگار تي ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين ۽ پيسن تي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جا واڪ هلندا هجن ته پوءِ اهو عوام سان وڏو ظلم آهي،پ پ جي دور ۾ سوين پوليس اهلڪارن جي نوڪري کي برطرفي ٿيڻ جي تلوار  لٽڪي رهي آهي، جعلي ڀرٿين تحت انهن جو نوڪريون خطري ۾ آهن،سپاهي کان ويندي مختلف پوسٽن تي پوليس جون ڀرٿيون اهو ممڪن نه آهي ته پوليس ۾ پ پ حڪومت ۾ پوليس ۾ مفت ۾ ڀرٿي ٿيا هجن، يقينن ان جو اهو جواب آهي ته گهر جو الهه تلهه وڪڻي قرض وياجن تي رقمن جي عيوض لکين رپيا به ٿي سگهي ٿي ، انهن متاثر خاندانن جو هاڻي ڇا ٿيندو ؟ڪرپٽ مافيا جي وڏي لوڌ ملڪ کان فرار ٿي چڪي آهي،انهن تي اربين رپيا ڪرپشن ثابت آهن،ان جي باوجود به معاملي کي دٻائڻ لاءِ سياسي انتقامي ڪاروائين جو شور ڪيو پيو وڃي،بلدياتي ادارن ۾ من پسندي جعلي ڀرٿين جا انڪشاف ٿيا آهن ڏوڪڙن جي عيوض سفيد پوش ماڻهن کي ڀرٿي ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري سٽي ۽ ٽائون ۾ ٿيندڙ صفائي جو ڪم ڍاوان ڍول ٿي ويو آهي، سفيد پوش ڀرٿي ٿيل ماڻهون صفائي جا هٿن ۾ ٻوهارا کڻڻ لاءِ تيار نه آهن،سرڪاري فنڊن کي حصا پتيون ڪري ورهايو پيو وڃي،سنڌ جا تاريخي شهر ڪرپشن بدعنوانين بي ڌياني ڪري تباهه ٿي رهيا آهن،سيورينج صفائي جو سسٽم ناڪارا ٿي چڪو آهي شهرن ۾ هر طرف گندگي جا ڍير عوام جي تڪليف اذيت جو سبب بڻيل آهن،

سنڌ جي دل ۽ روشنين وارو شهر ڪراچي گند ڪچري جي ڍيرن ۾ بدلجي چڪو آهي،ان جو به وڏو سبب ڪرپشن بدعنواني جعلي ڀرٿيون فنڊن ۾ گهوٻيون بلدياتي ادارن ۾ گاڏيون ڪچرو کڻندڙ  تباهه حالتن ۾ آهن، مرمت لاءِ آيل رقمون خرچ ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن ٿيندي رهي ته پوءِ سڌارو ڪٿان ايندو،خرابيون ۽ ڪرپشن عروج تي هجي ته سڌاري وارو نظام تباهه ٿيندو ۽ بهتري جو تصور  ڪرڻ بيڪار رهندو ،ڪراچي ۾ بلدياتي ادارن ۾ جعلي فرضي ملازمن ڀرٿي ٿيڻ ۽ ماهوار ڪروڙين رپيا لنڊن منتقل ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن،پ  پ جي حڪومت گذريل اٺن سالن کان قائم آهي،پ پ جي مرڪزي قيادت اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ ۾ نوجوان نسل بلاو ل ڀٽو زرداري عوامي چونڊيل نمائدن ۽ وزيرن کي بار بار هداتيون مسلسل 8سالن کان ڏيندو رهيو آهي ته اهي پنهنجي علائقي ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کليل عوامي ڪچهريون ڪرڻ جا پرو گرام منقعد ڪن ته جيئن عوام پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهي بدقسمتي سان انهن هدايتن هن وقت تائين عمل ٿي نه سگهيو آهي،سنڌ ڪرپشن ليڪس خطرناڪ حد تائين داخل آهي، ڪرپٽ مافيا کي ڪنهن به صورت۾ نه بخشيو وڃي ،ڪرپشن جو ناسور جڙ کان ختم ڪيو وڃي،ٻين کي سياسي طرح للڪار کان بهتر اهو ٿيندو ته هر هڪ ڌ ر پنهنجي صفن کان ڪرپٽ مافيا جي صفائي ڪري عوام کي نجات ڏياري وڃي ،عوام جا مسئلا نيڪ نيتي سان حل ڪيا وڃن،سکڻن اعلانن کان ننڍڙو به ڪم عملي طرح بهتر رهندو آهي.

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *