سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري بيان خلاف سنڌ جي ساڃاهه وندن جو احتجاج

ڪراچي ۾سنڌ ڌرتي جي جاگرافيائي ورهاڱي واري مطالبي خلاف سنڌ جي چونڊ دانشورن، اديبن، شاعرن، صحافين، عورتن مظاهرو ڪري سنڌ خلاف سازشن جي سختيءَ سان نندا ڪئي. ۽ چيو ته جي صوبن ۾ تبديليون ڪيون وينديون ته ان کان اڳ پاڪستان ٺاهڻ واري ٺهراءَ کي ختم ڪري مينار پاڪستان کي به ڊاهڻو پوندو، هنن گهُر ڪئي ته سنڌ سرڪار صوبائي اسيمبلي مان ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙن کي ”غدار“ ٺهرائڻ جي قانونسازي پڻ ڪري. هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌين جي وڏي تعداد  ڪراچي جي تين تلوار وٽ ٽي ڪلاڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ”سنڌ جو ورهاڱو نا منظور، سنڌ خلاف سازشون بند ڪريو، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن“ جا نعرا  لکيل هئا. مختلف سياسي ڪارڪن بئنر کڻي ڇتي نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي بئرسٽر ضمير گهمري چيو ته اڄوڪي احتجاج سنڌ جي وحدت تي وار کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. 56، 62 ۽ 73ع واري آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ڪو صوبو ٺاهي سگهجي  ٿو، رڳو صوبن جي حدن ۾ ترميم ٿي سگهي ٿي. . سينئر صحافي دستگير ڀٽي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي واري فلم جيڪا اسان جي ڳچي ۾ پئي آهي تنهن خلاف جي پ پ وارا سچا آهن ته سنڌ اسيمبلي مان اهڙو قانون پاس ڪرائين، جنهن تحت سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندڙن کي غدار ڪوٺي مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي. نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته اسان امام حسين رضه، لطيف، ڀڳت ڪنور رام، سچل ۽ ٻين جا پيروڪار آهيون. تنهن ڪري سنڌ امڙ کي ورهائڻ نه ڏينداسين. جيڪڏهن برطانيا سرڪار الطاف حسين ان خلاف ايڪشن نه کنيو ته پوءِ اتان جي حڪومت کي به سازش ۾ ملوث سمجهيو ويندو.مظاهري ۾ خطاب ڪندڙن کانسواءِ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، رسول بخش بلوچ، ڊاڪٽر ادل سومرو، امجد سراج، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، تاريخدان گل حسن ڪلمتي، شاهنواز راڄپر، جاويد قاضي، آغا سليم، ذوالفقار راڄپر، ذوالفقار واهوچو، اعجاز قريشي، اشتياق انصاري، مشتاق ميراڻي، منظور احمد سولنگي، مظهر علي راهوجو، اعجاز سامٽيو، الاهي بخش بڪڪ، ، ائڊوڪيٽ امان الله شيخ، مظفر چانڊيو، انعام شيخ، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ قاسم علي راڄپر ۽ وحيد راڄپر سميت ٻين اديبن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *