سنڌ يوٿ پاليسي: سنڌ جي نوجوانن کي آئيني تحفظ ملڻ گهرجي: حميد ڀٽو

سنڌ ۾ نوجوانن جي ذهني واڌ سميت مختلف تعميري سرگرمين جي سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي ڪي به سهولتون ميسر ناهن جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ رياستي ادارن جي ترجيح ملڪ جي نوجوانن کي ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ئي نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن ۽ مستقبل جا معمارآهن. ان سلسلي ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق کان صوبن کي ملندڙ اختيارن جي منتقلي بعد سنڌ حڪومت سن 2013ع دوران مختلف ادارن جيان ”سنڌ يوٿ پاليسي“ جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو هو، جنهن ۾ شهري نوجوانن کي ترجيح ڏني وئي آهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي نوجوانن لاءِ تيار ڪيل پاليسي ۾ ڪجهه به نه هيو جنهن تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام طرفان مسلسل سنڌ يوٿ پاليسي تي مختلف پروگرام منعقد ڪري اسيمبلي ميمبرن ۽ دانشور طبقي کان مختلف موقعن تي رايا ورتا ويا، اهڙي ئي سلسلي تحت ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ”سنڌ يوٿ پاليسي ڊائلاگ“ تحت گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي سينيئر اڳواڻن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن، سنڌ يوٿ پاليسي جي منظوريءَ تي متفق ٿيندي زور ڀريو ته سنڌ جي نوجوانن کي ڏوهاري توڙي غير اخلاقي سرگرمين کان پري رکڻ لاءِ لاڀائتي اوسرجي سلسلي ۾هڪ جامع پاليسي جي سخت ضرورت آهي. سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي پاليسي ڊائلاگ ۾ اطلاعات ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن جي تعميري سرگرمين لاءِ ڪيترائي اهم اپاءُ ورتا آهن جن جا نتجا سامهون اچي رهيا آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن بعد جڙندڙ مڪاني حڪومتن ۾ نوجوانن جي شرڪت لاءِ مخصوص ڪي سيٽن تي اچي ذميواري نڀائڻ سان نوجوانن جي سياسي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ جمهوري نظام سان ئي نوجوانن جي آئيني حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏيئي سگهجي ٿي. نثاراحمد کهڙو چيو ته نوجوانن لاءِ پاليسي تمام ضروري آهي ان ڪري يوٿ پاليسيءَ کي جلدکان جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ان کي منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سگهجي هن اهو پڻ چيو ته سنڌ يوٿ پاليسي واري ڊرافٽ تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ سي ايس ايس پي پاران ورڪشاپ منعقد ڪري اهم ذميواري پوري ڪئي آهي. صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جي نقطه نظر يقينن صوبائي حڪومت جي مطابق هوندي، جڏهن ته ملڪ قائم ٿيڻ بعد پهريون ڀيروشهيد بينظير ڀٽو پنهجي پهرئين اقتداري دور دوران ملڪ کي ”يوٿ پاليسي“ ڏني هئي، جنهن بعد ملڪ جي نوجوانن بابت هميشه پيپلزپارٽيءَ جي حڪومتي دورن ۾ نوجوانن جي بهتري لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن.

ملڪ جي اسٽبلشمينٽ کي نوجوانن کان سماجي توڙي معاشي سروسز، انفراسٽڪچر جي ميدان ۾ خدمتون حاصل ڪري وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته هڪ ڪيل سروي مطابق سنڌ جي ٻين ضلعن کان سواءِ رڳو ڪراچي ۾ هڪ ملين (تقريبن ڏهه لک) نوجوان نشي جو واهپو ڪري رهيا آهن. انهن ڏهه لک نوجوانن جي ملڪ جي ترقي واري رفتار مان راههِ فرار اختيار ڪرڻ جي سببن ۾ انهن کي تعميري سرگرمين ميسر نه هجڻ سبب حقيقي زندگيءَ مان فراريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن نوجوانن پنهنجي شخصيت اندر موجود فرسٽريشن يا دوستن جي آڙ ۾ نشي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا، جن جي واپسي نهايت ئي ڏکي آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نشي جهڙي لعنت مان کين آجو ڪرائڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ حڪومت جوڳا اپاءَ وٺي رهي آهي. انهيءَ سموري خرابي جو ذميوار ماضي واريون حڪومتون آهن جن نوجوانن کي نظر انداز ڪندي انهن لاءِ ڪي به جامع پاليسيون نه جوڙيون، پر وري به جَسُ آهي پيپلزپارٽي جي حڪومت کي جنهن ملڪ قائم ٿيڻ بعد ڪيترن ئي سالن بعد 2010ع دوران نوجوانن کي مفت تعليم ڏيڻ واري سلسلي کي متعارف ڪرايو. صوبائي وزير جي انهيءَ ڪيل ڳالهه کي به وزن حاصل آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڏيڻ بجاءِ ميٽرو پوليٽن سطح تائين 5 سيڪڙو تائين نمائندي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن سان سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي مان نجات ملندي ۽ اهي پنهنجي ئي يوٿ واري سوسائٽي لاءِ بهتر کان بهتر خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ قانون سازي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جنهن سان يقينن معاشرو ترقي ڪندو. يوٿ افيئرز جي وزارت هر صوبي ۾ موجود آهي حڪومت چائلڊ ليبر سميت عورتن جي ڪيترن ئي مسئلن لاءِ پاليسيون جوڙيون آهن.

جمهوري نه پر آمريتي دورن ۾ لائبريري جي تصور کي ناقابل تلافي نقصان رسايو ويو. سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ لائبريريون ۽ راند جا ميدان موجود آهن پر انهن جي استعمال لاءِ به حڪمت عملي جوڙڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌ جي نوجوانن کي ڀرپور موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت سنجيده بڻيل آهي پر پاليسي جي فقدان جي ڪري صورتحال مونجهاري جو شڪار بڻيل رهي. شهري توڙي ٻهراڙي جي نوجوانن جي صلاحيتن تحت کين مستقبل جو معمار بڻائڻ لاءِ معاشري سان تعلق رکندڙ سمورن شعبن جي اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مصلحت سان انهن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. اهڙي طرح سان گول ميز ڪانفرنس ۾ سي ايس ايس پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر نور محمد بجير خطاب ڪندي چيو ته ورڪشاپ جي آيل تجويزن تحت تيار ڪيل ڊرافٽ کي سنڌ سرڪار جي حوالي ڪبو. 2015 ڊرافٽ خود سنڌ حڪومت جو ڊرافٽ تيار ڪيل آهي ان ۾ اڃان به جدت آڻڻ جي ضرورت آهي، سي ايس ايس پي سنڌ يوٿ پاليسي جوڙائڻ لاءِ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي سمورن نوجوانن کي فائدو رسندو.يوٿ پاليسي جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ خاص هدايتون ڏنيون آهن. هن چيوته پاليسيءَ جي ترتيب ۾ سمورن نوجوانن جي حقن ۽ ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي. هن چيو ته يوٿ پاليسي بابت سينيئر سياسي اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن جا رايا ۽ صلاحون کين هن رهنمائي دستاويز کي جامع بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. يوٿ پاليسي ڊرافٽ ۾ وڌيڪ بهترتبديليون شامل ڪري سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرس وزارت حوالي ڪنداسين. پي پي پي يوٿ ونگ سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه خطاب ڪندي چيوته آمريت جي دور ۾ اسڪولن مان لائبريري ڪلچر کي ختم ڪيو ويو ۽ راندين جي ميدانن کي نيست نابود ڪيو ويو ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو ويو ته جيئين نوجوانن کي ناڪاري سرگرمين ڏانهن ڌڪي سندن صلاحيتن کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نوجوانن يوٿ ڪائونسلرن جي مدد سان يونين ڪائونسل سطح تي لائبريرين ۽ راندين جي ميدانن جي قيام جو رٿيو آهي. هن چيو ته اهڙين سرگرمين سان نوجوان ٻيهر هاڪاري سرگرمين ڏانهن موٽندا ۽ سندن صلاحيتون ملڪ جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهبيون. مسلم ليگ فنڪشنل جي سنڌ اسيمبلي جي ميبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته نوجوانن جي تعميري ڪردار کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي پر هن وقت نوجوان پنهنجون صلاحيتون غير پيداواري سرگرمين ۾ وڃائي رهيا آهن ۽ اسان جو قيمتي سرمايو ضايع پيو ٿئي کين درست رهنمائي ۽ صحتمند سرگرمين جي ضرورت آهي سنڌ جي يوٿ پاليسيءَ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، نوجوانن لاءِ پروگرام جوڙڻ گهرجن.

يوٿ پاليسي جلد کان جلد اچڻ گهرجي پر مستقبل ۾ به ان تي ڪجهه خدشا اُٿي سگهن ٿا جنهن لاءِ حڪومت ۽ پارليامينٽرين کي گڏجي سنڌ جي نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.سنڌ حڪومت جي قانون ۽ پارلياماني امور جي سيڪريٽري محمد اسلم شيخ چيو ته يوٿ پاليسي سنڌ حڪومت وٽ پهتي ته اسان هن يوٿ پاليسي کي سپورٽ ڪنداسين، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو به يوٿ پاليسي جي حامي هئي. سي ايس ايس پي جي هن آخري پاليسي کي آخري نه هجڻ گهرجي پر اڃان به هن جُڙندڙ ڊرافٽ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سماج جي مختلف شعبن جي ماڻهن کان وڌيڪ صلاحون وٺڻ گهرجن. اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن به فرق کان سواءِ ملڪ جي يوٿ واري سوچ کي اڳتي آندو، جنهن پڻ نوجوانن کي متعارف ڪرايو ۽ يوٿ لاءِ ڪيترا ئي پروگرام شروع ڪيا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي سيد حفيظ الدين چيو ته سنڌ اندر يوٿ پاليسي نئين مرتب ٿيڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ ڀرپور حمايت ڪندي، سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن جي نوجوانن کي هڪ جيترا حق ملڻ گهرجن. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت 250 سماجي تنظيمن جي مدد سان ”ڪي پي ڪي يوٿ پاليسي“ ٺاهي ورتي آهي ۽ ”سنڌ يوٿ پاليسي“ لاءِ ان جو به جائزو وٺڻ گهرجي. پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڪلثوم چانڊيو چيو ته سنڌ جي يوٿ پاليسي لاءِ پيپلزپارٽي جون عورت پارلياماني ميمبرز انتهائي سنجيده آهين، اسان پنهنجي نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ بهترکان بهتر راهون تلاش ڪرڻ چاهيون ٿا، نوجوان ترقي ڪندا ته ملڪ ترقي ڪندو، نوجوانن لاءِ تعليمي ۽ فني سکيا ۾ مصروف رکڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو چيو ته اسڪولن جي بند هجڻ ۽ راندين جي ميدانن ۾ گند ڪچري جا ڍير هجڻ ڪري نوجوانن جون صلاحيتون زنگجي رهيون آهن ۽ کين ڏوهاري مافيائون پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن، اهڙين غير اخلاقي سرگرمين جو اثر اسان جي شاگرد سياست تي به پيو آهي. پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبر غزاله سيال چيو پاڪستان جي آدمشماري ۾ 60 سيڪڙو يوٿ آهي. يوٿ پاليسي سرڪاري سطح تي موجود آهي پر مسئلو ان تي عمل ڪرائڻ جو آهي. شهيد بينطير ڀٽو 1994ع دوران يوٿ ڊولپمنٽ پروگرام ڏني جيڪا پاليسي مروج آهي ۽ نوجوانن لاء پڻ اسان وٽ مڪمل پاليسي موجود آهي ان تي ڪم ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي ايم اين اي گل محمد جکراڻي چيو ته آمريتي دور۾ يوٿ کي اذيتون ڏنيون ويون ۽ انهن جي هٿن مان ڪتاب ۽ قلم کسيا ويا، انهيءَ يوٿ کي نئين سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. جماعت اسلامي جي نائب امير محمد حسين محنتي جو چوڻ هو ته نوجوانن کي معياري تعليم ۽ روزگار جا موقعا دستياب نه هجڻ ڪري اهي ٻاهر ملڪ وڃي رهيا آهن جنهن سان پاڪستان پنهنجي نوجوانن جي صلاحيتن کان محروم پيو ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوان کي ملڪ اندر گهربل موقعا فراهم نه ڪيا ته اسين انساني وسيلن جي کوٽ جو شڪار ٿينداسين ۽ اسان جي تباهي کي ڪير به روڪي ڪونه سگهندو. پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شميم ممتاز چيو ته يوٿ پوليٽيڪل جي سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر ارشد مغل چيو ته نوجوان معاشري اندر ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکن ٿا ۽ معاشرو ذهني طور صحتمند نوجوانن جي شموليت کانسواءِ ڪنهن به ريت ترقي نه ٿو ڪري سگهي. مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ فريد خان چيو ته 14 سالن بعد يوٿ کي تعليمي ۽ راندين وارو ماحول ڏيڻ لاءِ يوسي سطح تي موقعا ڏيڻ سان گڏو گڏ ميرٽ تحت نوجوانن کي روزگار ملڻ گهرجي.

سماجي اڳواڻ نظام نظاماڻي چيو ته اسان آمريتي ڊپريشن جو شڪار آهيون جنهن ڪري اسان يوٿ وارو دورڏٺو ئي ناهي ان ڪري اسان جي يوٿ کي پاليسين ۾ مڙهڻ بجاءِ کين پڙهڻ، کيڏڻ،سوچڻ ۽ وڌڻ وارو ماحول ڏيڻ گهرجي. گول ميز ڪانفرنس ۾ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر راحيلا ٽوانا، مسلم ليگ نواز جي ارباب خضر حيات،اڳوڻو ايم پي اي انورمهر، فش هاربر جي ڊائريڪٽر جنرل محمد رمضان اعواڻ، ڪراچي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر فتح محمد برفت،سينيئر صحافي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، فيڊرل اردو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر آزادي فتح برفت، سول سوسائٽي جي رحيما پنهور، شاهجهان بلوچ، شهزادشاه جيلاني،ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، عبدالمومن ميمڻ ۽ ڪاشف صديقيءَ، خير محمد شيخ، حميد ڏيپلائي عابد چنا، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حميد الله خٽڪ ، مظفر ڪلهوڙو، عظميٰ علي خان، ياسمين مرزا سميت قرئت مرزا يوٿ پاليسي بابت اهم رايا پيش ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *