سنڌ ۾ هلندڙ هفتي جا واقعا الائي ڇو مون کي جنرل ضياءَ جي آمريت ياد ڏياري رهيا آهن. اُهو اُن ڪري جو جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران اهم ڪردار ادا ڪندڙ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي فجر جي نماز مهل مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. ڊاڪٽر خالد محمود جي سياسي نظرئي کان اختلاف هميشه رهندو پر سنڌ ۾ هو هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ مذهبي اڳواڻ هو. ڇو ته ايم آر ڊي ۾ جنرل ضياءَ جي آمريت کان وٺي سنڌ جي ورهاڱي جي سوال تائين خالد محمود سومري جو ڏاڍو چٽو موقف رهيو. هو هڪ لکيل پڙهيل ۽ بندوق بدران دليل تي يقين رکندڙ عالم هو. سنڌ ۾ قومپرستن ۽ وفاق پرستن ٻنهي سان سندس سُٺا تعلقات هميشه رهيا. ايم ايم اي جي سيٽ تي جڏهن سينيٽر بڻجي رهيو هو ته سندس ڏيڍ ووٽ گهٽ ئي رهيو هو ته پيپلزپارٽيءَ سنڌ سيمبلي ۾ حمايت ڪري کيس سينيٽر چونڊرايو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻي جي سياست جو اُهو ڪردار هو جنهن شهيد بينظير ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهي هئي. مان ڊاڪٽر خالد محمود جي قتل کان اڳ سنڌ جي انهن نوجوانن جي باري ۾سوچي رهيو هوس، جن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري چچريل لاش اڇلايا ويا. انٽرنيٽ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڳڀرو نوجوان آصف پنهور جي سندس امڙ سان گڏ، جيءَ جهوريندڙ تصوير ڏسي، ذهن ۾ اِهو ئي سوال اُڀري ٿو ته آخر هن معصوم نوجوان جو ڏوهه ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ هي رياستي ادارن لاءِ ڪيترو خطرناڪ هوندو؟
اڃا انهن ئي سوچن ۾ ٻڏل هئس ته ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪارڪن وحيد لاشاريءَ جي چچريل لاش جي خبر ملي. آصف پنهور کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان اغوا ڪري لاش لاڙڪاڻي ۾ اڇلايو ويو ۽ وحيد لاشاريءَ کي لاڙڪاڻي مان اغوا ڪري لاش ڪراچيءَ ۾ اڇلايو ويو. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي وري مسجد ۾ قتل ڪيو ويو. واقعن ۾ عجيب قسم جو تسلسل آهي يعني ”سهپ“ ۽ سياسي مخالفت جو خاتمو. آصف پنهور ۽ وحيد لاشاري قومپرست ڪارڪن هئا، خالد محمود سومرو مذهبي اڳواڻ هو. هڪ هفتي جي اندر ٽن سياسي ڌارائن، ٽن سياسي نظرين سان واسطو رکندڙ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن جو قتل ”رياست“ لاءِ ڪيترا سوال کڻي آيو آهي. ساڳي ريت سنڌ ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت تي ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻندڙن لاءِ سنڌ ۾ سنڌ جمهوري سرڪار جي ساک ۽ بقا جو سوال کڻي آيو آهي. سنڌ هاڻي اِهو سوال ڪندي ته ڇا سنڌ کي جمهوريت جي معنيٰ لاشن جي صورت ۾ سمجهائي ويندي؟ ڇا بلوچستان کانپوءِ هاڻي سنڌ جو وارو اچي ويو آهي؟ ڳچ سالن کان هنن صفحن تي نشاندهي ڪرائيندو پيو اچان. جيڪڏهن بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ، اغوا ڪري قتل ڪرڻ، اذيت گهرن ۾ ٽارچر ڪري لاشن کي روڊن تي اڇلائڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته ان جا اڳتي هلي سنڌ تي خطرناڪ اثر پوندا ۽ شايد هاڻي اهي اثر پوڻ لڳا آهن. آصف پنهور ۽ وحيد لاشاريءَ کان اڳ به سنڌ کي چچريل ۽ سڙيل لاش ڏنا ويا آهن. بشير قريشيءَ کان وٺي سندس ڀاءُ مقصود قريشيءَ تائين، مظفر ڀٽو کان وٺي آصف پنهور تائين هر قتل بابت سوال اُٿن ٿا پوءِ وري دٻجي وڃن ٿا پر هر قتل تي اهو سوال ضرور ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ گوريلا ويڙهه درست آهي يا غلط. هر قتل تي اهو سوال اڀري ٿو ته سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هٿياربند جدوجهد ڪيتري قدر اهم آهي پر هٿياربند سياست هڪ الڳ بحث آهي پر قتل جي اهڙن واقعن سبب سنڌي سماج منجههه رياستي ادارن کان ”پلاند“ وٺڻ جو تاثر ضرور اڀرندو. بلوچستان وانگر سنڌ مان نوجوان کي کنڀي کڻي وڃڻ جو سلسلو ڳچ عرصي کان جاري آهي. ڳجهن ادارن کي شايد سنڌ مان به بلوچستان جهڙي ردعمل جي اُميد آهي. اهڙي ردعمل کانپوءِ سنڌ سان به شايد ڳچ سالن اندر بلوچستان جهڙو حشر ڪرڻ جو ارادو آهي. هي ملڪ جا ٻه اهم صوبا يا ٻه اهم قومون سنڌي ۽ بلوچ جيڪڏهن رياست کان بغاوت جي ميدان تي لهي آيون ته سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته نتيجا ڇا نڪرندا؟ سنڌ جيڪا صدين کان ترقي پسندي، انسان دوستي، جمهوريت پسندي، مذهبي رواداري، سهپ ۽ صوفي ازم جو محور رهي آهي. هاڻي ان سنڌ جو ٻيو نقشو جوڙيو پيو وڃي. هاڻي سنڌ ۾ ڪراچي کان شروع ٿيو ته لسانيت ملندي، ڌار صوبي جو مطالبو ملندو. لياريءَ کان لاڙڪاڻي تائين، ملير کان ماٿيلي تائين، ڪينجهر کان ڪشمور تائين چچريل لاش ملندا. هاءِ ويز جي ڪنارن تي سوين مدرسا ملندا ۽ بند اسڪولن جا ٻار انهن مدرسن ۾ پڙهندي ملندا، جتي ٻارڙن کي کاڌ خوراڪ سان گڏ پئسا به ملندا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مذهبي رواداريءَ بدران تنگ نظري ملندي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ”انجليون“ مذهبي ٺيڪيدارن جي حويلين ۾ ملنديون. سنڌ کي هٿ وٺي هڪ نئين سُڃاڻپ ڏني پئي وڃي. شايد ئي ڪنهن سوچيو هوندو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ بم ڌماڪا ٿيندا هوندا. سنڌ جي ٻهراڙين مان کنڀيل ڪنهن نوجوان جو چچريل لاش روڊ ڪناري تي ملندو هوندو. شايد ئي ڪنهن سوچيو هوندو ته مادر علميءَ جو پوزيشن هولڊر نوجوان پنهنجي امڙ جي جهوليءَ کي ويران ڪري بگهڙن جي رانڀوٽن جو شڪار بڻيو هوندو. آصف پنهور جي لاش تي مون کي شهيد نذير عباسيءَ سان منسوب هي سٽون ياد آيون.
”رات جي رهزنن هٿان مان جي ماريو وڃان،
تون نه روئجان امان، تو نه روئجان امان.“
سنڌ کي جمعيت علماءِ اسلام ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جي سياست ۽ نظرين کان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر سنڌ بيدرديءَ سان خالد محمود سومري ۽ آصف پنهور جي قتل تي ماٺ ڪيئن رهي سگهي ٿي. ياد رکو 1983ع جي ايم آر ڊي کي لانگ بوٽن جڏهن احمد خان برهماڻي ۽ پنهل چانڊيو تي بمباري ڪئي هئي. ڳوٺن کي باهيون ڏنيون هيون تڏهن به ته اهو چيو هو ته ڳوٺاڻا ڌاڙيل هئا. ٽنڊي بهاول کي به ياد ڪريو، بيگناهه ڳوٺاڻا ڌاڙيل ئي ظاهر ڪيا ويا هئا. اڄ به سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آهي. سنڌ جي عوام جي ووٽن ذريعي چونڊجي اچڻ جا دعويدار حاڪم، سنڌ ۾ جمهوريت جا چيمپين ڇا ايڏي همٿ ڪندا جو هو پڇي سگهن ته آخر چچريل لاشن ڏيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ سنڌ جو چونڊيل وڏو وزير، سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي سنڌي عوام آڏو سُرخرو ٿيڻ لاءِ اهو ثابت ڪري ته هو سنڌ جي هڪ هڪ لاش بابت پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ به جيڪڏهن بلوچستان واري صورتحال رهي ته پوءِ ووٽ تان ايمان کڄي ويندو. جڏهن ماڻهن سنڌ ۾ به مسئلن جو حل به هٿياربند ويڙهه بڻيو، جيئن بلوچستان ۾ ٿيو ۽ پاڪستان جي سياستدانن کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سڄي پاڪستان کي پالي ٿي. سنڌ ۾ درندگي، وحشانيت ۽ ماڻهپي خلاف استعمال ٿيندڙ ڪِريل حرڪتون سياسي ماحول ۾ وڏو طوفان آڻي سگهن ٿيون. نفرتن جو طوفان هميشه بغاوت کي جنم ڏيندو آهي.
هو قاتل
وحشي درندا
مقتل گاهن کي
منهنجي ريٽي رت سان
رنگين بڻائي
تاريڪ راتين کي
جلا بخشين ٿا.
پر هو نه ٿا ڄاڻين
مان روشنين جو تسلسل
۽ ڪارين راتين جو موت آهيان.
مان تاحيات آهيان
ڌرتي ماءُ جي حياتي لئه
ريٽو رت منهنجو
قاتل کان حساب گهرندو
هڪ ڏينهن حساب ڪتاب ٿيندو
اڀرندڙ سج پڄاڻي آ
ڪارين راتين ۽ انڌارين جي
ڌرتي اوس آزاد ٿيڻي آ
درندن کان جلادن کان، قاتلن کان
(عاجز جمالي)