سنڌ مير، پير ڀوتارن جي نه پر سنڌين جي آهي…: مظهر خاصخيلي

هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي جيڪي نظام جوڙيا ويا آهن انهن کي گهڻي ڀاڱي آمرن ۽ انهن فوجي جنرلن جوڙيو آهي جن اقتدار مٿان قبضا ڪري پنهنجي حڪومت کي ڊيگهه ڏني آهي جنهن جو ٿورڙو مثال اهو آهي ته اڳوڻي آمر جنرل ضياءُ الحق جنهن بلدياتي اليڪشنون ڪرائي ضلعي ڪائونسل وارو نظام جوڙيو جڏهن ته وري پرويز مشرف بلدياتي چونڊون ڪرائي ضلعي گورنمينٽ وارو نظام متعارف ڪرايو انهن ٻنهي آمرن 11، 11 سال ملڪ مٿان پنهنجي حڪومت ڪئي انهن 22 سالن جي عرصي دوران جيڪڏهن تاريخ جا ورڪ اٿلائي ڏسبا ته اهي سمورا غير قانوني ناانصافين وارا ڪم هنن جي دور حڪومت ۾ ٿيل آهن اصل ۾ مٿي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته موجوده حالتن دوران اسان جي ملڪ جي ٻن اهم صوبن پنجاب ۽ سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن وارو پهريون مرحلو جيڪو 31 آڪٽوبر تي ٿي گذريو آهي ان تي جڏهن نظر ڦيرائبي ته جيڪي اليڪشن دوران ڌانڌليون ٿيون يا نه انهن جي به هڪ تاريخ آهي ڇو ته هن ملڪ اندر گهڻي ڀاڱي عوام کان پنهنجي راءِ پڇي ناهي وئي. جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن پارٽي کي دل سان چاهين ٿا ته ان پارٽي کي اقتدار جي اصل ڌڻين سدائين ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو سچ آهي جيڪڏهن مٿين آمرن جي بلدياتي ڪرايل چونڊن تي نظر ڦيرائبي ته انهن ٻنهي پنهنجي دور حڪومت ۾ جيڪي بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون هيون اهي غير جماعتي بنيادن تي ڪرايون هيون هي جيڪي هاڻي بلدياتي چونڊون اسان وٽ ٿي رهيون آهن اهي سياسي بنيادن تي ڪرايون وڃن ٿيون ان جي ڪري 31 آڪٽوبر تي جيڪا بلدياتي اليڪشن سنڌ ۽ پنجاب اندر ٿي اها سياسي بنيادن تي ڪرائي وئي ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته ڪافي سياسي پارٽين جا خاص ڪري سنڌ اندر پول وائکا ٿي ويا آهن ڇو ته جيڪي سياسي پارٽيون سڄي سنڌ اندر پنهنجا اميدوار ئي بيهاري ناهن سگهيون انهن سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن کي سنڌ جي سٻاجهن ۽ سادڙن ماڻهن تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڪو به حق ناهي ۽ جنهن نموني سان 31 آڪٽوبر تي سنڌ جي ضلع خيرپورم سچل جي نگري جٿان محبت پيار امن جو درس ملي ٿو اتي نفرت جي باھ لگائي وئي قيمتي جانين جو رت وھايو ويو ۽ انسانيت جو جنازو ڪڍيو ويو انھي تي جيترو ڀي افسوس ڪجي اھو گهٽ آهي منھنجو سوال انھن ماڻهن کان آهي جن هي الميو ڪرايو آهي ۽ بيگناھ 12قيمتون جانيون قربان ٿي ويون آهن 12 خاندانن جون خوشيون ختم ٿي ويون، قاتل مير، پير، جاگيردار سرمائيدار ۽ وڏيرا جن اھو ڪم ڪرايو انھن درندن جي روح کي ڪجھ ڀي لوڏو نه آيو سندن ضمير مري ويل آهي. ڇا هي اسان ڇاڪري رھيا آھيون ان تي اسان ويهي ڪجهه گهڙيون سوچيو آهي ته جيڪي مير، پير ڀوتار، وڏيرا، سرمائيدار اقتدار ۽ ڪرسين کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان مسڪين، بي پهچ دل جي سچائي سان پيار محبت ڪندڙ انهن سنڌ جي سٻاجهڙن سادن سچن ماڻهن کي ڪيئن استعمال ڪري رهيا آهن ڇا جيڪي 12 ڳڀرو نوجوان رت ۾ وهنجاري ماريا ويا انهن جي مائرن، ڀينرن، ونين وٽ وڃي ڪنهن انهن کان پڇيو آهي ته اوهان جا پيارا اوهان کان وڇڙي ويا آهن اوهان ڪيئن ٿيون محسوس ڪيو. هي ڳالهه ته اهي درد منديون دليون رکندڙ ئي سمجهنديون جن کان پنهنجا پيارا وڇڙي ويا هوندا.

وڇوڙو ڇا ٿيندو آ ان جو احساس ڀلا انهن مير، پير ڀوتارن ۽ اقتدار جي پوڄارن وٽ ڪٿي هوندو جن ڪڏهن ڀلجي به پنهنجن پيارن جي لاش کي ڪلهو ناهي ڏنو. هونئن ته سنڌ اهڙي ڌرتي آهي جنهن تي هزارين اهڙيون مائرون اڄ به موجود آهن جيڪي پنهنجي گهر جي درن ۾ اکيون وجهيو ويٺيون آهن ته ڪنهن وقت ٿا انهن جا اهي لاڏلا پٽ موٽي اچن جيڪي انهن جي گهرن جي زينت بڻيل هوندا هئا. ڇا مري ويل ماڻهو به ڪڏهن موٽي ايندو آهي اها ڳالهه انهن مائرن کي ڪير سمجهائي جن جون دليون اهو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته ڪو هنن جا مور پٽ ابدي ننڊ سمهي پيا آهن اها هڪ الڳ رمز آهي ته جسماني جدائي سان روح جا ناطا ناهن ٽٽندا جيڪي ماڻهو دل اندر گهر ڪري ويندا آهن اهي مرڻ کان پوءِ دل ۾ موجود رهندا آهن ڀلي ڇو نه هو جسماني طور هزارين ڪوهه پري هليا ويا هجن ۽ اهو به سچ هجي ته هو هاڻي موٽي نه ايندا پوءِ به اها ڳالهه نه مڃجي اهو ئي عشق آهي ۽ عشق کي هارائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڇو ته سچ ته اهو آهي جنهن سٻاجهي سنڌ مٿان اسان سنڌ جا رهواسي رهون ٿا ان سنڌ جا ايترا وسيلا آهن جو سنڌ جي فردن مٿان خرچ ڪيا وڃن ته ڪو به سنڌ جو گهر اهڙو نه رهندو جيڪو خوشحال زندگي نه گذاري سگهي ۽ اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي وسيلن کي ٻنهي هٿن سان لٽيندڙ ڪي ڌاريا نه پر هن ملڪ جا اهي واڳ ڌڻي آهن جيڪي سدائين پردي پويان رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ من پسند ماڻهن کي اقتدار مٿان حاوي رکڻ لاءِ غلط حربا هلائيندا آهن ۽ ان جي ئي ڪري هٿ سان پنهنجي پسند جون سياسي پارٽيون جوڙائي انهن کي اقتدار تي ويهارڻ به انهن ڌرين جو ڪمال آهي پر شهيد بينظير جي شهادت کان پوءِ جيڪي موجوده ملڪ جون حالتون تبديل ٿيون آهن ان کي به سچي دل سان مڃڻ گهرجي ۽ هن وقت اهي سگهاريون ڌريون مجبور آهن ته هو اقتدار مٿان سڌي نموني قبضو نه ٿيون ڪري سگهن ان جي لاءِ ئي غلط حربا استعمال ڪيا پيا وڃن اها ڳالهه به سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي مون سميت سنڌ جا لکين نوجوان اهو سڀ ڪجهه سمجهن ٿا ته هي بلدياتي اليڪشن وارو کيل ۽ ڊرامي بازي صرف ان لاءِ رچائي وئي آهي جيئن سنڌ جا وسيلا سالن کان وٺي جيڪي هضم ڪيا پيا وڃن اها به هضم ڪيا وڃن باقي جنهن انداز ۽ نموني سان دنيا اندر بلدياتي نظام ان ڪري جوڙيا ويندا آهن ته جيئن اقتدار هيٺين طبقي تائين عام ماڻهن وٽ منتقل ڪجي جيئن اتان جو چونڊيل ڪائونسلر، چيئرمين، وائيس چيئرمين پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، گهٽي شهر جا مسئلا پاڻ حل ڪرائي پر اسان وٽ هن وقت تائين جيڪي بلدياتي اليڪشن ٿي گذريون آهن انهن تي جيڪڏهن نظر ڦيرائبي ته ڇا اهي بلدياتي اليڪشنون اهڙي رزلٽ ڏئي سگهيون آهن ۽ اقتدار هيٺ تائين منتقل ٿيو آهي يا نه؟ هي هڪ سچو ۽ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب هر سنڌ واسي ٻڌڻ چاهي ٿو ته هن وقت تائين سنڌ کي جنهن ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي ان ڌٻڻ مان سنڌ جا ماڻهو نڪرڻ لاءِ ڇا وري به بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجو ووٽ استعمال ڪري پنهنجا پنهنجا نمائندا چونڊرائن يا نه. هي هڪ الڳ بحث آهي ان تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر پاڻ صرف اها ڳالهه ڪنداسين جيڪا 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان بيٺل اميدوارن جي نتيجن کان پوءِ سامهون آئي آهي سڄي سنڌ جي 8 ضلعن مان پ پ جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آيا آهن جڏهن ته ٻيو نمبر وري به آزاد اميدوار آيا آهن اهي آزاد اميدوار به حقيقت ۾ پيپلزپارٽيءَ جا بيهاريل اميدوار سمجهيا وڃن ٿا ڇو ته جهڙي نموني سان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ جي ايم پي اي بجاراڻي ۽ پ پ جي ئي ايم پي اي سندراڻي پينل ۾ مقابلو ٿيو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي وري ٻن نوابزادن مگسي چانڊيا برادري جي سردارن جي وچ ۾ جيڪا اليڪشن واري راند ٿي ان کان پوءِ مٿيان نتيجا سامهون آيا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ته موراڳو ٽئين نمبر تي ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ آئي آهي هيءَ حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته سنڌ اندر اڃا اهي ڌريون پيپلزپارٽيءَ جي لاءِ متبادل ٺاهي ناهن سگهيون ته مقابلو وري ڪٿان ڪنديون باقي رڳي پريس رليز جي سياست ۽ الزام بازي سنڌ سان سڄڻائپ ناهي جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي کي ڪنهن به پارٽي سان مقابلو ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان اول هن کي اهڙي صف بندي جوڙڻي پوندي ۽ پهريان ته متبادل ٺاهڻو پوندو ۽ عام ماڻهوءَ تائين لهي اچڻو پوندو. اسان وٽ ته پهريان جيڪي بلدياتي چونڊون ٻن آمرن جي وقت دوران ڪرايون ويون هيون اهي اصل ۾ غير جماعتي هيون جن ۾ اها خبر ئي نه پئجي سگهي ته ڪهڙي پارٽي ڪهڙي پوزيشن ۾ آهي سچ ته هاڻي سامهون آيو آهي جڏهن اهي چونڊيون پارٽي بنيادن تي ٿيون آهن هار جيت انهن اميدوارن کي ذهن ۾ رکي پوءِ ئي اليڪشن ۾ بيهڻ گهرجي جنهن نموني سان موجوده بلدياتي اليڪشن کي هر برادري پاڙي، راڄ ڀاڳ تائين هيٺ آندو ويو آهي ۽ گهر گهر ۾ جهيڙو ڪرائڻ وارو سلسلو به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ان جي لاءِ اسان جيڪي سنڌ جا رهواسي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي رهندڙ ڌرتي ڌڻين سان پيار محبت جون جيڪي حاميون ڀرڻ سميت ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ان کي عملي جامو پارائڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اسان پنهنجي هڪ ٻئي جي آسپاس رهندڙ انهن بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ انهن جي ووٽرن کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيون ته اوهان ڀلي اليڪشن ۾ حصو وٺو ۽ پنهنجو ووٽ ڏيو پر اها ڪٿان جي عقلمندي آهي ته اوهان هڪٻئي جي خون جا پياسا ٿي وڃو ۽ اليڪشن ۾ هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيو ان جي لاءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اها ڳالهه آهي ته ٻه اميدوار بيهندا انهن مان هڪ ڪرندو ۽ ٻيو کٽيندو ڪرڻ واري کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهارڻ گهرجي ته هن کي شڪست ڇو ملي ۽ جيڪو کيس اليڪشن ۾ هار ڏئي کٽي ويو آهي ڇا اهو هن کان وڌيڪ ڪم ڪندڙ آهي يا هو اهو ٻنهي اميدوارن کي سوچڻ گهرجي سنڌ جي ماڻهن کي ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ 19 نومبر واري بلدياتي اليڪشن ۾ سڀ کان پهريان اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته هو هڪ ٻئي جي عزت ۽ نفس جو خيال رکن مير، پير، ڀوتار ۽ اقتدار جا اهي پوچاري جيڪي اصل ۾ مسڪين، غريب، سچن ۽ سادن ماڻهن جي محبت ۽ سادگي جو غلط فائدو وٺندي انهن کي ويڙهائي وجهن ٿا اهڙن غلط پروپيگنڊا ڪندڙن کان پاسو ڪن ۽ مان ھٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان توھان ووٽ ڪنھن کي ڀي ڏيو پر پنھنجي قيمتي جان ڪنھن پيرمير ۽ ظالم وڏيري مٿان قربان نه ڪيو جيڪو غريب جو ھمدرد ناھي ڇو ته هيءَ سنڌ صرف انهن ميرن پيرن جي ناهي پر سنڌ سنڌين جي آهي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *