سنڌ سرڪار جي بي ڌياني جو شڪار ترقياتي رٿائون: اصغر ملاح

پيرن فقيرن اوليائن جي سڏجندڙ سنڌ ڌرتي جنهن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن جا روضا موجود آهن جيڪي انسان ذات جي ڀلائي خدمت جو سبق ڏيندا رهيا آهن سنڌ پنهنجن سان پيار ڪندڙن جو ديس آهي سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ماضي ۾ سنڌ اهو خطو رهيو آهي. جتي الله پاڪ جي ولين صوفين امن محبت انسان دوستي جي پيغام ملندو رهيو آهي سنڌ جا ماڻهو هميشه ڪنهن فرق جي هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شامل رهيا آهن ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن جي سياسي سماجي شعور رکندڙسڌريل ماڻهن عام ماڻهن جي سدائين رهنمائي ڪري پنهنجي مسئلن جي نشاندهي ڪري حقن جي حاصلات لاءِ جدو جهد هلائي جاکوڙي پنهنجا حق حاصل ڪيا آهن جدوجهد تيز طرح هلائڻ سان عوام جا جائز مسئلا حل به ٿيا آهن پنهنجي ملڪ جي شهرين کي روزگار، تحفظ، امن ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي، اهو هر شهريءَ جو حق آهي ته هن کي روزگار، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن پر جڏهن اُهي سهولتون هڪ خواب بڻجي وڃن، هڪ اهڙو خواب، جيڪو آسمان جي ستارن کي به پري نظر ايندو هجي، آسمان جي ستارن تائين پهچڻ شايد ممڪن هجي پر روزگار حاصل ڪرڻ شايد اُن کان به ڏکيو ٿي پوي ته اُن وقت ماڻهن جي قوت برداشت جواب ڏئي وڃي ٿي، اُهي حڪمران طبقن مان ايترا ته دلبرداشته ٿي وڃن ٿا جو پاڻ ساڙڻ جهڙو انتهائي قدم کڻن ٿا سنڌ جو عوام ڪيترنئي مسئلن ۾ گهيريل آهي سنڌ ۾ ڪو هڪ مسئلو نه آهي بلڪي سڄي سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي پنهنجا نواز پاليسي سبب بي پهچ نوجوان غريب نياڻين کي سرڪاري نوڪريون ملڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي.

سنڌ جا لکين بيروزگار ۽ ڪروڙين غربت سٽيل ماڻهو اميد ڪن ٿا وقت جي حڪمرانن مان ته حڪمران سندن مسئلي جو نوٽيس وٺندا ۽ کين بهتر تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن سميت انصاف جي فوري فراهمي لاءِ اثرائتا عملي قدم کڻندا سنڌ ۾ بيروزگاري مهانگائي ايڏو ته مسئلو ٿي ويو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ حڪمرانن جي وس ۾ نه آهي. سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو ثبوت آهي سڀ کان وڏو مسئلو هن جديد ۽ سائنسي دؤر ۾ هزارن سالن کان آباد سنڌي سنڌ ۾ تعليم جهڙي انمول تحفي کان محروم آهن تعليم سان ئي قومون ترقي ڏانهن وک وڌائينديون آهن ۽ ترقي يافته ملڪن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهنديون آهن اها تعليم ئي آهي جنهن سان انسان هن سائنسي ۽ ترقي واري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي سنڌ جا اڪثر سياستدانن، حڪمران سنڌ جي ترقي عوام جي خوشحالي وارو دڳ وساري چڪا آهن سنڌ جي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته. سنڌ جو ڪهڙو به ضلعو هجي سنڌ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا جديد تيز ترقي واري سائنسي دور ۾ به بنيادي سهولتن جي حوالي سان انتهائي پٺتي پيل خطو نظر اچي ٿو ۽ انهي جو بنيادي سبب سنڌ حڪومت پاران فلاحي ۽ ترقياتي اسڪيمن لاءِ مخصوص ڪيل رقم جو درست نموني سان استعمال ٿيڻ ناهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي من پسند ڪامورا شاهي جي ڪرپشن ڪميشن وصولي رهي آهي.

انهن ترقياتي   رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪميشن وصولي ۽ ڪرپشن ڪلچر جو خاتمو به آندو وڃي عوام لاءِ سوال بڻيل آهي ته روڊ کاتي جي انجينئير ڪهڙو جادو ڪيو آهي سالن کان مقرر ٿيل من پسند انجينئر رجب سومرو ايس ڊي او ۽ ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي ٻين آفيسن، اسپتالن رود رستن جي اسڪيمن ۽ مرمت نئن سر تعمير جا ٺيڪا قانوني گهرجون پوري ڪرڻ بنا ايڊوانس ڪميشن وصولي ڪري من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ پروفيشنل ٺيڪيدارن کي نظر انداز ڪري ٿو پروفيشنل ٺيڪيدارن جو چوڻ آهي ته درخواستون گذريل ڪيترنئي سالن کان جمع ڪرائي ٿڪجي پيا آهيون ساڻس قانون جي مطابق ٽينڊر کولڻ جي لاءِ چئون ٿا ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون من پسند ڪاموري تي سالن کان اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال ڪرڻ جا الزام عوامي احتجاجن ۾ لڳندا رهيا آهن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڪرپشن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن اهو ئي سبب آهي اڳيان روڊ ٺهندا وڃن ٿا پوئتي روڊ ڊهندا وڃن ٿا ٽٽل ۽ کڏا پيل روڊن جي ڪوڙي مرمت ڄاڻائي سرڪار فنڊ هڙپ ڪندا رهيا آهن اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن ننڍن وڏن ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ روڊ رستن جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي جيڪي گاڏين جي هلڻ جي لائق نه رهيا آهن ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويل روڊ رستن تي سون جي تعداد ۾ گاڏين جي اچ وڃ سبب سفر ڪندڙ مسافرن جون زندگيون هر وقت خطري ۾ رهن ٿيون ٻي طرف عوام آمد رفت جي سهولت کان محروم ۽ پريشان آهي جڏهن ته روڊ حادثن ۾ پڻ اضافو ٿي نظر اچي رهيو آهي من پسند ڪامورن روڊ رستن جي ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال جي ٺيڪيدارن کي اجازت ڏئي بنا ڊپ ڊاءِ جي 10 سالن کان ڪميشنون وصول ڪري سنڌ سرڪار جا مبينا ڪروڙن جا فنڊ غرق ٿي ويا آهن ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي سياسي اڳواڻن انڪوائري بدارن پنهنجو حصو پتي وٺي ترقياتي ڪمن کي رولڙي هيٺ آڻي ڇڏيو ڪميشن وصولي سبب عوام سخت مايوسي جو شڪار آهي عوام احتجاج ڪري سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته گذريل سالن ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جي آعلي! سطحي جانچ ڪرائي ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ ملوث من پسند انجينئر رجب سومرو ۽ ٻين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري هڙپ ٿيل رقم واپس ڪررائي انصاف جا مثال ڪيا وڃن پر لاتعداد احتجاجن باوجود من ڪامورو پنهنجي سيٽ تي مضبوط نظر اچي رهيو آهي.

ٺڪيدارن دادو ۽ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري دانهيو سنڌ جي وڏي وزير پاران دادو ضلعي ۾ ترقياتي رٿائن لاءَ 40 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ کانپوءَ روڊس کاتي دادو جي ڊسٽرڪٽ روڊس انجنئير رجب علي سومرو ٽينڊر ڪلارڪ جبار شاهي پاران ٽنڊر جاري ڪرڻ ٽينڊر کولڻ کانپوءِ هاءَ ڪورٽ ۾ پٽيشن تان هٿ کڻندڙ ٺڪيدارن کان ايگريمنٽ تحت 15 سيڪڙو ڪميشن بداران 35 سيڪڙو ايڊوانس ڪميشن ڏيڻ کانپوءَ کين ٺيڪا ڏيڻ لاءَ چيو آهي ٺيڪيدار. الزام هنيو آهي ته جيڪي ضلعي ۾ تعمر ٿيل روڊ رستن اسڪيمون ٻيهر رقم ڦٻائڻ لاءِ انهن روڊ رستن جون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن روڊ کاتي ۾ مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ايس ڊو او سب انجنيئرن جي سالن کان هڪ هٽي قائم ٿيل آهي من پسند ڪامورن پيئسا ڪمائڻ خاطر سرڪاري ادارن کي پنهنجي جاگير سمجهي بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي ڪميشنون وصول ڪري رهيا آهن مقرر ٿيل من پسند ڪامورن ۽ عملي لاء ڏيڻ ڪو به قانون نه آهي سرڪار پاران روڊ رستن جي نظام کي بهتر ڪرڻ وارين ڪوششن کي نظر انداز ڪري پنهنجو ڪميشن وصولي جو ڪاروبار سالن کان زور شور سان هلائيندا رهيا آهن جيڪا عوام سان سراسر ناانصافي ته آهي پر سرڪار کي پڻ نقصان آهي سرڪار کي گهرجي ته روڊ کاتي راشي انجينئير جي قبضي هيٺ آيل کاتي تان قبضو هٽائي جن تي خاص توجهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي اخباري خبرن مطابق دادو جي روڊس کاتي ۾ 40 ڪروڙ رپين جي پيڪيج ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين دادو روڊس کاتي ۾ 9 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن جي جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا شهرين جي شڪايتن تي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ممتاز شاهه بخاري نوٽيس وٺندي ٽيڪنيڪل آفيسر ارشاد ميمڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي کيس دادو ضلعي جي روڊس کاتي جي طرفان   ڪرايل روڊ جي چڪاس ڪري کيس 15 ڏينهن جي اندر رپوٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ذريعن مان معلوم   ٿيو آهي ته ٽيڪنڪل آفيسر ارشاد ميمڻ روڊس کاتي دادو ۾ پهچي ترقياتي اسڪين جو جائزو وٺندو .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *