سنڌ سان پاڻي ورڇ تي ناانصافي ۽ ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ: مظهر خاصخيلي

هڪ دفعو ٻيهر هن ملڪ اندر ناانصافين جي تاريخ دهرائيندي سنڌ ڌرتيءَ سان وڌيڪ ناانصافي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اهو اعلان ڪنهن عام ماڻهوءَ يا ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻ نه پر ارسا جي چيئرمين رقيب خان ورجائيندي چيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ مان 14 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي ڪجهه وقت پهريان هن ئي ارسا جي گذريل اجلاس ۾ اهو پڻ مڃيو ويو هو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب ڏاڍ ۽ منڍ ۾ هجڻ جي بنياد تي چوري ڪري چڪو آهي اها ڳالهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته سنڌ جو پنجاب پاران کنيل پاڻي ربيع جي فصل ۾ سنڌ کي ڏنو ويندو پر ناانصافي جي انتها اها ٿي ته ارسا چيئرمين موجوده اجلاس ۾ سنڌ کي اهو ڏاڍ جي بنياد تي کنيل پاڻي ته نه ڏياريو پر موراڳي سنڌ جي پاڻي مان 14 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي ربيع ۾ صوبن کي پاڻي جي ورڇ 91 واري ٺاهه بدران 13 ٽو تحت ڪرڻ جو فيصلو ڪندي تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي ارسا جي چئيرمين رقيب خان جو چوڻ آهي ته خريف جي مد ۾ گهڻو پاڻي ضايع ٿي چڪو آهي تنهن ڪري صوبن کي ربيع ۾ 14 سيڪڙو کوٽ جي حساب سان پاڻي ڏنو ويندو. هن اجلاس ۾ ٽن صوبن جي ميمبرن ۽ سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽري شرڪت ڪئي جنهن ۾ اها ڳالهه پڻ ظاهر ڪئي وئي ته پهرين اپريل کان 20 سيپٽمبر تائين 36 ايڪڙ ملين فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي چڪو آهي تنهن ڪري ربيع ۾ سنڌ کي 12 ملين ايڪڙ فوٽ پنجاب کي 17 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان کي 1 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ خيبرپختون خواهه کي 0.7 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

رائو ارشاد چيو ته هڪ ايڪڙ فوٽ جي قيمت 60 ارب روپيا آهي 36 ملين ايڪڙ فوٽ جي قيمت ڪيتري هوندي ان جو حساب لڳايو وڃي ته وڏو پاڻي ضايع ٿيو آهي. اجلاس ۾ چشما بئراج پهرين کان 15 جنوري تائين بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي اجلاس دوران حڪومت کي سفارش ڪئي وئي ته ڪالاباغ ڊيم، اکوڙي ۽ ڀاشاڊيم جلد ٺهرايا وڃن. پنجاب جي ميمبر چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ۽ اکوڙي ڊيم ٺهن ها ته ايترو پاڻي ضايع نه ٿئي ها. ارسا چيئرمين چيو ته هو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه نه ٿو ڪري پر پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺهڻ ضروري آهن. سنڌ جي ايڊيشنل سيڪريٽري پنجاب پاران چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌ جو پاڻي کڻڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ هن چيو ته اسان کي خاطري ڪرائي وڃي ته سنڌ جو پاڻي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ذريعي نه کنيو ويندو.

مٿي ٿيل ارسا جي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن انهن کي جيڪڏهن ٿورو تاريخ جي نظر ۾ ڏسبو ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي فزيبلٽي رپورٽ تي صحيح ان بنياد تي ورتي وئي هئي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال پنجاب صرف سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ کوليندو ۽ وارياسي علائقي ۾ انهيءَ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي اهڙو ڊيم تعمير ڪيو ويندو جيڪو ٻوڏ واري پاڻي سان ڀريو ويندو. تاريخ اڄ به پنهنجو پاڻ دهرائي ٿي ۽ پنجاب جي ارسا جي ميمبر پاران جيڪو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ موقف رکيو ويو آهي ڇا هي ڳالهه ملڪ جي غداري ۾ نه ٿي اچي جڏهن هن ملڪ جون 3 صوبائي اسيمبليون بار بار متفقه طور تي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن ۽ قومي اسيمبلي پڻ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو آهي پوءِ اهو پنجاب جو ميمبر ڪهڙي ملڪ جي ڳالهه ڪري ٿو ڇا هن ملڪ اندر صرف واحد پنجاب ئي صوبو آهي جتان جا سياستدان، اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪامورا هن ملڪ جا سڄڻ آهن باقي ٻين صوبن جا رهواسي هن ملڪ جا گهڻ گهرا ناهن ڇا جو هنن سان بار بار ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. هاڻي ته ارسا جي اجلاس ۾ اها ڳالهه به مڃي ٿي وڃي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي وهايو ويندو آهي هي ڪٿان جو انصاف آهي جيڪو چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند هئڻ گهرجي ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ کولڻو آهي اهو چشما جهلم لنڪ ڪئنال پنجاب سڄو سال وهائي ٿو ۽ ٻوڏ ايندي ئي بند ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان جي مٿان غير قانوني بجلي گهر تعمير ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ پنجاب صوبي جي حڪمرانن کي قائم نه ڪرڻ گهرجي ها.

ڇا سنڌ جيڪا صدين کان آباد ۽ دائم آهي ان ڌرتيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ضروري آهي هي هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو هر باضمير سنڌ ڄائو ڪرڻ جو حق رکي ٿو ڇو ته سينيٽ پاران ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان قائم ڪيل سينيٽنگ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين لشڪر رئيساڻي جا اهي لفظ اڄ به تاريخ ۾ واضح لکيل آهن ته جڏهن هو ٺٽي، بدين جي سامونڊي پٽيءَ کي گهمڻ جي لاءِ پنهنجي ميمبرن سان گڏجي اتي آيو هو ته هن پنهنجي اکين مان لڙڪ هاريندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته بلوچستان اندر ڀلي ڪيتريون به حالتون خراب هجن پر اڄ سنڌ جي هن سامونڊي پٽي کي ڏسي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي حالت ڏسي مون کي اهي لفظ چوڻا ٿا پون ته ڇا هي سنڌ جا رهواسي هن ملڪ جو حصو ناهن جو هينئن خانه بدوشي واري زندگي گذاري رهيا آهن اها ئي رپورٽ جڏهن لشڪر رئيساڻي واري ڪميٽي سينيٽ ۾ پيش ڪئي هئي ته سينيٽ جي اڪثر ميمبرن منظور ڪندي حڪومت مٿان اهو شرط لاڳو ڪيو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ هر صورت ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي جيڪو سنڌ جي جياپي جو سوال آهي ڇو ته هر روز سمنڊ جي کاري پاڻي جون لهرون هزارين ميلن تائين تيزي سان جر جي مٺي پاڻي کي پوئتي ڌڪينديون آهن ۽ جر جو پاڻي کارو ٿيندو آهي ۽ زمين ڪلراٺي ۽ لوڻياٺي بڻجي ويندي آهي جيڪا فصل ڏيڻ جي قابل نه رهندي آهي ۽ اتي رهندڙ ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويندا آهن رهي ڳالهه ملڪ کي ناڻي ڏيڻ جي ته پنجاب ارسا ميمبر کي شايد اها به خبر ناهي ته تمر جا ٻيلا ڇا ٿيندا آهن. اڄ به سنڌ اندر اهي انگ اکر موجود آهن جڏهن اربين روپين جو کنئور لاک، ماکي ۽ ڪاٺ هنن ٻيلن مان حاصل ڪيو ويندو هو ۽ ان تي ٻاهرين دنيا سان واپار ڪري ملڪ جو ناڻو ڪمايو ويندو هو اڄ اهي ٻيلا سڪي برباد ٿي ويا آهن جن جا نشان اڄ به سمنڊ ۾ موجود آهن. باقي جيڪي ڪجهه ٻيلا بچيا آهن ان کي به برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن حد کان وڌيڪ سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻيءَ کي بچائڻو آهي ته سامونڊي پٽيءَ سان سنڌ اندر اهڙا ڊيم ڇو نه ٿا ٺاهيا وڃن ڇا نوري آباد ۽ ڄامشوري ضلعي اندر جيڪي ننڍن ننڍن ڊيمن جا منصوبا شروع ڪيا ويا هئا انهن کي مڪمل ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم ناهي؟

سنڌ جي ناڻي تي مالڪي وفاق واري سگهي ٿو ۽ دنيا اندر ڪنهن به ملڪ ۾ اهو مثال نه ٿو ته ناڻي جي ورهاست آدمشماري جي بنياد تي ٿيندي هجي هي واحد ملڪ آهي جتي آدمشماري جي بنياد تي ناڻي جي ورهاست ڪئي پئي وڃي. سنڌ 65 سيڪڙو ناڻو ڏئي ٿي ان کي موٽ ۾ 25 سيڪڙو واپس ڏنا ٿا وڃن جيڪا ڳالهه به تاريخ جو حصو آهي جڏهن هڪ صوبي سان ايتريون ناانصافيون ڪيون وينديون ته اتان جا ماڻهو مجبورن اهڙي ڳالهه ڪندا جيڪا هن ملڪ لاءِ نقصانڪار هونديون. سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه اها به آهي ته اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي جيڪي لفظ چيا آهن ته پاڪستان ٽٽڻ تي آهي عوام سجاڳ ٿئي اهي به ڪنهن عام ماڻهوءَ جا ناهن هو ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي ان تي به سوچڻ گهرجي. ٻئي طرف وري سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني پاران اهو مطالبو ڪرڻ ته نيب جي نگرانيءَ لاءِ ڪيمشن جوڙي وڃي سڄي ملڪ جو احتساب ڪندڙن جو احتساب ڪير ڪندو سياستدان ڪرپٽ آهن ته فوجي ۽ سول بيوروڪريسي به بچيل ناهي. مڃان ٿو ته پ پ ۾ به ڪرپٽ ماڻهو آهن ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به شخص جي حمايت نه ڪندس پر احتساب سڀني جو برابر ٿيڻ گهرجي ۽ ڪيو وڃي. هي لفظ به ان ماڻهو جا آهن جنهن کي پوري دنيا ايمانداريءَ طور نه صرف مڃتا ڏني آهي پر کيس مان به بخشيو آهي جڏهن ان رضا رباني جو نالو سينيٽ جي چيئرميني لاءِ تجويز ڪيو ويو ته ملڪ جي ڪا به اهڙي سياسي پارٽي نه هئي جيڪا رضا رباني جي مخالفت ڪري ان ڳالهه جو ڪهڙو جواب آهي جيڪا رضا رباني ڪري سڄي دنيا کي ميسيج ڏنو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته 11 سال آمر ضياءُ الحق جا ۽ 11 سال آمر مشرف جا انهن 22 سالن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان اندر سياست ۾ اهڙي تبديلي اچي ويندي جو سمورو گند صاف ٿي ويندو ۽ اهي سياسي ڌريون رهجي وينديون جيڪي کير وانگر اڇيون هونديون. وقت ۽ حالتون ان ڳالهه کي ثابت ڪنديون ته سنڌ جنهن ڌرتيءَ مٿان ناانصافين، ظلم ۽ بربريت جو جيڪو ڪارو راڄ قائم رکڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي ٿي وڃي اهو ڪيترو وقت هلي سگهي ٿو. پاڻي سنڌي ماڻهن جي جياپي جو مسئلو آهي پاڻي بنا سنڌ جا رهواسي ائين تڙپندا جيئن مڇي پاڻيءَ بنا. هي وقت آهي سجاڳ ٿيڻ جو ۽ خاص ڪري ڌرتي ڌڻين کي انهن ماڻهن جي پرک ڪرڻ گهرجي جيڪي سنڌ کي ڪک ۾ ڇرو هڻڻ وارو عمل ورجائي رهيا آهن انهيءَ ڪالاباغ ڊيم جو بار بار رينگٽ ڇا سنڌي ماڻهن جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي ڇو ته سنڌ ۾ جنهن نموني زمينون آباد ٿيندڙ بنجر بڻايون ويون آهن ۽ غير آباد پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هٿ سان سنڌ جو پاڻي ڏاڍ جي بنياد تي چوري ۽ زوري کنيو ويو آهي سنڌ پنهنجو ڪيس ڪنهن جي اڳيان رکي جنهن ڌرتيءَ سان ناڻي، پاڻيءَ ۽ سياست جي بنياد تي ٻٽو معيار رکيو وڃي اتي باغي ئي جنم وٺندا آهن اهي اهڙا باغي هوندا آهن جن کي دنيا جي ڪا به دولت ڌن خريد ناهي ڪري سگهندو ڇو ته انهن جي لاءِ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻي سڀ ڪجهه هوندا آهن جن جي ساهه ۾ سنڌ سمايل هوندي آهي اهي سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي تي خاموش ڪيئن ٿا ويهي سگهن ڀلي پنجاب جي ارسا جو ميمبر گهر ويٺي ڪالاباغ ڊيم جون ڀڀڪيون ڏيندو رهي پر جنهن وقت ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ جو اعلان ڪيو ويو ان وقت سنڌي ماڻهن سان پنجاب جو اعلان جنگ هوندو ۽ ان جنگ کي سنڌ جا رهواسي ڪيئن منهن ڏيندا اهو ماضيءَ ۾ موجوده ملڪ جي وزيراعظم ميان نوازشريف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان هڪ چڪر ڪري ڏٺو آهي جڏهن ڪمون شهيد وٽ سنڌ جا لکين جوڌا جوان نياڻيون، پڪا پوڙها ۽ معصوم ٻارڙن کان ويندي شاگردن تائين سنڌ اندر رهندڙ هر برادري جا فرد هٿ ۾ هٿ ڏئي اهو نعرو هڻي رهيا هئا ته نه کپي نه کپي ڪالاباغ ڊيم نه کپي. ان وقت اسلام آباد ۾ ويٺل پنجاب جي وزيراعظم ميان نوازشريف کي مجبورن اهو اعلان ڪرڻو پيو ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ نه ٺاهيو ويندو ڇا هڪ دفعو ٻيهر موجوده وزيراعظم ميان نوازشريف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري اهڙي غلطي کي ورجائيندو اهو فيصلو ايندڙ ڏينهن تي ڇڏجي ٿو باقي سنڌ ۽ ان جا رهواسي جيڪو گذريل 65 سالن کان وٺي ناڻي ۽ پاڻي تي ٿيندڙ ناانصافي تي جيڪو آواز اٿاريندا رهيا آهن اهو ان وقت تائين جاري رهندو جنهن وقت تائين انهن سان انصاف نه ٿيندو ۽ سنڌ کي پنهنجو ناڻو ۽ پاڻي واپس نه ڏنو ويندو ان تي پوءِ ڇو نه سوين سنڌ جي نوجوانن کي ڦاسين تي چاڙهيو وڃي يا انهن کي اغوا ڪري تشدد وسيلي ماري انهن جي لاشن کي روڊن تي اڇلايو وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *