سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين ڏانهن: اصغر ملاح

عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جو ماڻهو صدين کان ماربو رهيو آهي، عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي انگريرزن تائين سنڌ ڌرتي لٽبي ڦربي آئي آهي سنڌ جو وڏو مضبوط هٿيار قلم ۽ عمل هو اهو به اسان کان ڇڏائجي ويو آهي سنڌ جتي لطيف جي صوفياڻي ڪلام جو ورلاپ آلاپ جي ٿو جتي مخدوم جي قرباني جي ڪٿا سڻائجي ٿي جتي اياز جي ارڏن گيتن جي خوشبوءِ اچي ٿي جتي استاد بخاري جي قومي سڪ ڇلڪي ٿي جتي هيمو، هوشو جي دليري بهادري جرئت جا قصا هلن ان سنڌ جا اڪثر حڪمران سياستدان سنڌ جي عوام جي بهتري ڀلائي سنڌ جي ترقي، خوشحالي وارو دڳ وساري چڪا آهن وقت جي سنڌي حڪمرانن سياستدانن سردارن کي اهو سوچڻ گهرجي جڏهن اقتدار ۾ نه هوندا آهن ته عوامي ميڙن ۾ اڪثر وڏي آواز ۾ چوندا آهن ته سنڌ ۽ سنڌين سان ناانصافيون ڪڏهن برداشت نه ڪندا سنڌ جا حقيقي حق ڇني وٺنداسين عوام کي يقين هيو ۽ عوام کي چيو ويو هيو ته جمهوري سرڪار اچڻ سان نوجوانن کي بنا فرق جي روزگار ملندو ۽ عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ٿيندو. عوام پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جي نشانددهي وقت به وقت ڪئي آهي اڪثر حڪمرانن مفادن خاطر سنڌ جي عوام کي وساري ڇڏيو آهي جيڪي ماڻهو پنهنجي سنڌ سان سچا نه آهن ته اهي به ڪرپٽ آهن قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ ڪيترن ئي مسئلن شڪار آهي سنڌ ۾ ڌارين جي وڌندڙ مسلسل يلغار سبب سنڌي پنهنجي سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن خوشحال سنڌ جا وارث سنڌ جا نوجوان پنهنجي شاهوڪار ڌرتي تي روزگار لاءِ پريشان آهن جيڪي بيروزگاري سبب پنهنجون جوانيون جلاءِ خدڪشيون ڪري رهيا آهن شاهوڪار سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪرپشن هر عام وخاص ماڻهو عوام کي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جون سماجي معاشي حالتون ايتريون ته خراب ٿي ويون آهن جو سنڌ جو اڪثر عوام بک، بدحالي مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جنهن سبب پنهنجا حقيقي حق ۽ صحيح انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيو آهي ڪهڙو به سرڪاري کاتو هجي رشوت ڪرپشن ۽ ڪميشن ان جي جڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي سرڪاري کاتن ۾ رشوت سفارش ۽ جائز ڪمن لاءِ سرڪاري مختلف افيسن جا ڌڪا کائندا رهن ٿا جن کي مختلف بهانا ڏئي مايوس ڪري موٽايو وڃي ٿو جٿي اڪثر داد رسي ٿيڻ بجاءِ اڪثر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي سنڌ حڪومت جي نااهلي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ڪامورن جي ڪرپشن ۽ ڪميشن وصولي واري رجهان عوام جي سموري جائز ڪمن ۽ مسئلن کي نا جائز قرار ڏئي هر دؤر ۾ پريشان ڪيو ويندو آهي عوام جي ڀلائي بهتري لاءِ وجود ۾ آيل وفاقي صوبائي سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن ڪينسر جيان ناسور مرض بڻجي ويو آهي،

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان عوام وقت به وقت احتجاج ڪري دانهيو آهي ته ڪرپشن اڏهي وانگر سنڌ کي کائي پٽي ناس ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپشن به هڪ قسم جي بي ايماني آهي پنهنجي ملڪ سان ڪرپٽ ماڻهو به هڪ دهشتگرد جي مثل آهي جيئن هڪ دهشتگرد پنهنجي ملڪ کي ظاهري تباهه ڪري ٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ بدامني واري صورتحال پيدا ڪري ٿو پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچائي ٿو، ائين ئي هڪ ڪرپٽ ماڻهو به بظاهر نه پر اندروني طور تي پنهنجي ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي ٿو جيئن دهشتگرد نفرت جي لائق ان ڪري آهي جو اهو پنهنجي ملڪ سان غداري ڪري ٿو ڇا هڪ ڪرپٽ ماڻهو غدار نه آهي عوام جي نظر ۾ اهو هڪ غدار آهي جو اهو به دهشتگردن جيئن ظاهري نه پر باطني غداري ڪري ٿو جن ۾ عوام کي حقن جو نه ملڻ آهي ڪرپشن جهڙي گناهه کي جيڪڏهن مٽائڻو آهي ته پهرين انهن سببن کي ختم ڪيو جيڪي ماڻهو کي ڪرپشن تي مجبور ڪن ٿا سرڪاري کاتن ۾ من پسند ڪامورن جي مقرري آهي ٽريزري آفيس،نيشنل بينڪ، پراونشل روڊس، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، بلڊنگس،ميونسپل آفيس، حيسڪو آبپاشي صحت تعليم ۽ زڪوات آفيس اينٽي ڪرپشن ايڪسائيز پوليس روينيو آفيس،. سرڪاري کاتن ۾ عوامي مسئلن جي حل لاء مقرر ٿيل اهل ۽ ايماندار انسان دوست ڪامورا پنهنجون ڪوششون ڏينهن رات وٺن ٿا ته جيئن عوام جا مسئلن حل ٿي سگهن ۽ امن قائم ٿئي غريب عوام کي بنا فرق جي انصاف ملي دهشتگردي خلاف ملڪ ۽ قوم لاءِ فوج ۽ پوليس جي قربانين جي جيتري به ڳالهه جڪي اها گهٽ آهي. پر هتي ڪيترائي سرڪاري کاتا آهن جن ۾ من پسند ڪامورن رشوت ۽ ڪميشن وصولي جو سالن کان هيٺيان کان مٿي تائين مظبوط سرشتو قائم ڪري ڇڏيو آهي،

هڪ طرف سرڪاري خزاني جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف عوام کي رشوت ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي اهو ڏينهن خالي نه آهي جو ڪرپشن نا انصافي خلاف احتجاج نه ٿيو هجي. حيرت ان ڳالهه تي آهي جو جمهوري سرڪار ۾ به سياسي سفارشي من پسند ڪامورن عوام جي جائز مسئلن جي حل ٿيڻ يا سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ بجاءِ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي اهو قانون جنهن ۾ عوام جو آسرو آهي ان قانون ۾ وري ڪرپشن جو راڄ عام آهي اسان جي ملڪ جو قانون تمام بهتر آهي پر قانون جي عملداري عوام کي گهٽ نظر اچي ٿي عوام وقت به وقت احتجاج ڪري دانهيو آهي ته پوليس کاتي اندر موجود ڪجهه سياسي سرپرستي هيٺ ڀرتي ٿيل آفيسر ۽ اهلڪار عوام لاءِ آزار جو سبب بڻجي ويا آهن سنڌ اندر پوليس جي ڏاڍائي ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايل عام ماڻهو روزانو هر ننڍي، وڏي شهر ۾ احتجاج ڪندي ۽ دانهيندي نظر اچن ٿا پر انهن ماڻهن کي انصاف نه ٿو ملي. ناانصافين جو شڪار ٿيل عوام وقت به وقت دانهيو آهي ته سنڌ جي عوام ۾اڄ به سنڌ پوليس لاءِ اهو تاثر عام آهي ته پوليس ڏوهه منشيات فحاشي ۽ جوا جي اڏن سميت سماجي برائين کي ختم ڪرڻ لاءِ نه پر اڪثر پوليس ڪنهن ڏوهه جي انتظار ۾ هوندي آهي ته جيئن جاچ جي نالي تي ڏوهين سان گڏ بي ڏوهي عام ماڻهن کي گرفتار ڪري ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم تحت ماڻهو ڇڏي مال ڪمايو وڃي ٿو اڪثر ڏٺو ويو آهي. اڪثر جنهن ماڻهو جو ڏوهه ٿيو ان سان انصاف ٿيڻ اڪثر ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هوندو آهي جيڪي بي ڏوهي ٿاڻن تي گرفتار ٿي اچن ٿا تن جي جيڪا تذليل ٿيندي آهي.

اها ته سڀني کي خبر آهي اڪثر ڏوهه جي جاچ دوران پوليس هر قسم جي قانون انصاف ۽ انساني حقن جي احترام توڙي اخلاقيات کان آجي ڏٺي وئي آهي پوءِ ڀلي وومين ٿاڻا ڇو نه هجن اتي به ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي. پوليس کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته اوهان کي ڪهڙو قانون سيکاري ٿو ته پنهنجي مرضي سان عام ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن جا مٿا ڪوڙيو ، مڇيون ڪوڙيو ۽ نڪ ۾ چن جو پاڻر وجهي کين مرڻينگ ڪري وري پئسا وٺي ڇڏيندا وڃو؟ ڏوهاري منشيات فروش هر حال ۾ گرفتار ٿيڻ گهرجن پر پوليس جيڪي ڪنهن بااثر جي چرچ تي پوليس ماڻهو گرفتار ڪري کڻي اچي ٿي انهن جي تذليل   ڪري ٿي تنهن سان معاشري ۾ سواءِ انارڪي ۽ انتقام جي ٻيو ڪجهه به ناهي حاصل ٿيڻو اها ڳالهه حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي. عوام جي نظر ۾ سنڌ اندر پوليس راڄ جي انڌير نگري جا ذميوار اهي حڪمران آهن جيڪي اهڙن ڪيسن تي اعلي! عملدارن کان اهو پڇاڻو نٿا ڪن ته اوهان ٿاڻن تي هي ڇا ڪري رهيا آهيون سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پوليس اهلڪار مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي بيهي غريب مسڪين ماڻهن کان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين جي ڪاغذن چيڪ ڪرڻ بهاني خرچي اوڳاڙڻ ۾ مصروف نظر ايندي آهي.

سنڌ جي عوام جو هميشه اهو مطالبو رهيو آهي ته پوليس کي ڏوهه منشيات فحاشي ۽ جوا جي اڏن سميت سماجي برائين ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول پاڻ ان قانون ۽ انصاف جو پابند ٿيڻو پوندو سنڌ جي پوليس ۾ اهل ايماندار پوليس آفيسرن کي اڳتي آڻي پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري جديد تقاضائن تي صحيح جاچ جي ترتيب ڏيڻ سميت عام ماڻهو کي بنا فرق جي انصاف ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن سان سنڌ ۾ پوليس جو ادارو عوام لاءِ ڪا اميد بڻجي سگهي پر اڃا تائين اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي عوام لاءِ هڪ خواب ئي بڻيل آهي عوام دانهيو آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن جيان سال 07 2006ع ۾ رونيو کاتي ۾ حڪومت سنڌ هڪ انڪوائري ڪميٽي ويهاري جنهن ۾ خبر پئي ته ڪوهستان جي ڪجهه ديهن جي تقريبن هڪ لک ايڪڙ سرڪاري زمينون جعلي طور ماڻهن کي الاٽ ڪيون ويون ان بعد ڪوهستان جي سموري زمين جي کاتي بدل فوتي کاتي بدل وڪري ۽ خريداري تي پابندي لڳائي وئي بعد ۾ داخل ڪرايل هڪ درخواست تي                           ……….هلندڙ

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم بعد نئين جاچ جو حڪم ڏئي ٻيهر کاتا رکڻ انهن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ ان جعلسازي ڪرڻ جي مختلف ڪردارن اي سي مختيارڪار ۽ تپيدار خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ٿيل آهي. پر وريو ڪجهه به نه آهي افسوس سان چوڻ پوي ٿو ته. سموري جعلسازي ۾ ملوث ڪردار ساڳين جاين تي وري مقرر ٿيل آهن سنڌ حڪومت نه رڳو ڪوهستان جي غريب جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي پر ان سان گڏ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي به ڪئي آهي دادو ڊپٽي ڪمشنر جي بي ڌياني روينيو کاتو رشوت جو ڳڙهه بڻجي وئي: شهري جائز ڪمن لاءِ در بدر دادو جو روينيو کاتي جي تپيدارن پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا جيڪي ايجنٽ داخل فردن ۽ روينيو جي ٻين جائز ڪمن جي مند ۾ رشوت وٺي تپيدارن کي پهچائن ٿا سٽي سروير ۽ رجسٽرار آفيس ۾ جائز ڪمن تي عوام کان سرعام بنا ڊپ ڊاء جي رشوت وصولي ڪئي وڃي ٿي تصديق لاء سرٽيفڪيٽ سميت عام مختيار نامي ۽ پلاٽ جڳهين جي دستاويز جا سچا تقل اڻ سروي ايراضي ۽ ٻين جائز ڪمن لاء سرڪاري آفيس کان علاوه عوام کان غير قانوني هزارين روپيه بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي رشوت وصول ڪري رهيا آهن شهرين جو الزام دادو سب رجسٽرار آفيس ۽ سٽي سروير دادو ۽ ٻين ملي بڳت ڪري سالن کان مختلف ايجنٽ ذريعي مختلف ڪمن جا ريٽ مقرر ڪري هيٺان کان مٿي تائين رشوت ڏئي سالن کان ٻنهي هٿن سان عوام کي لٽي رهيا آهن رشوت وصولي خلاف وقت به وقت عوام سجاڳ ڌرين پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪري دانهيو آهي ته رشوت وصولي سبب هي کاتو سڀني کاتن کان وڌيڪ عوام لاء آزار بنجي ويو آهي ڳريون رشوتون وصول ڪري ڪوڙيون رجسٽريون ڪري رجسٽر ۾ داخل ڪري ڪک پٽي مان لک پتي بڻجي ويا آهن جن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي عوام دانهيو آهي ته دادو سب رجسٽرار آفيس ۾ جائز ڪم بغير رشوت وصولي بنا ناممڪن آهن رشوت نه ڏيندڙ ماڻهن کي مختلف بهانا بنائي ميهنن جا مينا آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو رشوت وصولي بعد ناجائز ڪم به جائز ڪري ڏنو وڃي ٿو جنهن سبب مختلف هنڌن کان جائز ڪمن لاء ايندڙ بي پهچ عوام سخت پريشان ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن غريب بي پهچ عوام جي دادرسي ٿيندي نظر نه ٿي اچي جيسيتائين ذميوارن، ڪوتاهي ڪندڙ ڪامورن کي سزائون نه ڏنيو ويندون تيسيتائين ڪامورا لاپرواهي ڪندا رهندا عوام جو مطالبو رهيو آهي ته سالن کان مقرر سٽي سروير رجسٽرار ۽ روينيو عملي خلاف اعلي! سطحي جائچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اهل ايماندار عملو مقرر ڪري عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي

 

ASGHAR MALLAH

03337072052

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *