سنڌ جي ’چمني‘ کان ڀوپال جي خوني ’چمني‘ تائين ؛مير اعظم علي ٽالپر

اڄ کان 30 سال اڳ پهرين ڊسمبر 1984ع تي اسلام آباد مان هڪ سرڪاي بيان، (ان وقت جي صدر پاڪستان ضياءُ الحق پاران) جاري ٿيو ته ملڪ ۾ هڪ راءِ شماري (ريفريڊم) ڪرائي اهو معلوم ڪيو ويندو ته پاڪستان جو محب وطن عوام جمهوريت ۽ ڪيترو اسلام پسند آهي، جيڪو پوءِ 19 ڊسمبر تي ڪرايو ويو هو، جنهن لاءِ ريلوي اسٽيشن ۽ هر جاءِ کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو هو، سڀئي ٺپا سائي نشان تي هڻي سؤ سيڪڙو ووٽ حڪومت وقت حاصل ڪيا هئا، اها خبر صبح، ڏينهن ۽ رات تائين ريڊيو پاڪستان، بي بي سي وغيره تي هلندڙ هئي ته ٻي ڊسمبر ۽ ٽين ڊسمبر جي وچ کان ڪجهه اڳ هندستان جي صوبي مڌيه پرديش جي نوابن ۽ ثريا ڀوپالي جي تاريخي شهر ڀوپال ۾ اچانڪ قيامت اچي وئي هئي، حالانڪه هن نئين ۽ پراڻي شهر ۾ شام ۽ سج لٿي تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو ۽ هر ڳالهه روز جهڙي هئي، البته سردي ڏاڍي هئي، سو سج بيٺي ماڻهو ۽ پکي پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا ۽ سندن ذهن ۾ ڪابه ڳالهه نه هئي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ هي شهر انسانن کي کائڻ ايندو ۽ موت سندن پٺيان اچي رهيو آهي. هن شهر ۾ هتان جي ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي ويل ڪيترائي سنڌي خاندان آباد به آهن، جن جون سنڌي ڪالونيون ۽ ڌرم شالا، سنڌين جي نالن سان آهن، آڳاٽي دور ۾ بابا ٻڌائيندو هو ته ”هاڻ سيارو اچي ويو آهي، نوان وونئڻ سيٺ جي ڪارخاني ۾ پهتا آهن ۽ چمني مان دونهون نڪري پيو، مطلب ته ڦٽين جو ڪارخانو چالو ٿي ويو آهي، پر (اها چمني) 1974ع ۾ ان وقت جي عوامي حڪومت ملڪ پرائيوٽ ڪارخانا پنهنجي هٿ ۾ کڻي سنڌ ۾ هميشه لاءِ وسائي ڇڏي ۽ هاڻ اها چمني سنڌ ۾ ڪمند جي ڪارخانن طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ بند آهي. اهڙي ئي هڪ چمني مڌيه پرديش جي گادي واري شهر ڀوپال ۾ ڀوپال جي ترقياتي منصوبي تحت 1960ع ۾ 67 ايڪڙن تي مشتمل آمريڪا جي ڪمپني جيت مار دوائن جو ڪارخانو ”يونين ڪار بائيب“ طرفان قائم ڪيو. ان جي 1969ع ۾ ڪم ڪرڻ سان عوام کي روزي روٽي جو روزگار ملڻ لڳو، پر هن ڪارخاني جو 1984ع ۾ ٽيڪنيڪل طور مدد ختم ٿي چڪي هئي، پر ان جا يونٽ ’سُوپاري‘ ڏيڻ جي بنياد تي هلي رهيا هئا.

ڀوپال جا باشندا 2 ڊسمبر جي شام ننڊ سمهڻ کانپوءِ نئين تاريخ جو صبح نه ڏسي سگهيا. ڀوپال شهر مان وهندڙ نرمدا ندي جو پاڻي زهر بڻجي ويو هو. هر انسان جي اکين ۾ مرچ پئجي رهيا هئا، آهستي آهستي شهر ۾ افراتفري پئجي وئي. ڀوپال ۾ پوليس ڪنٽرول روم 109 جو انچارج سوراج پوري ڊيوٽي تي هو، ان ٻڌايو ته ”هر ڪنهن کي اها خبر ٿي پئي ته سندس ساهه ڇو نڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ بدبوءِ اتر طرفان کان اتر جي هوا سان ڇا جي آهي؟ البته ڪجهه دير ۾ اها خبر ملي ته اها بدبوءِ يونين ڪاربائين فيڪٽري مان اچي رهي آهي. سنڌي ڪالوني جي مڪيش ڪيسواڻي چيو ته ”اصل ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي سر ۽ ساهه جي هئي ۽ هرڪو ڀڄڻ ۾ هو. جڏهن ته ڀوپال جي شمله هل (پهاڙين ٽڪرين) جي شيو نگر جي رهواسي ناصر ڀائي ٻڌايو ته اسان جو خاندان شهر جي سئنيما سنگم ۾ فلم بيجو باورا جو آخري شو ڏسي رهيو هو ۽ رات جا 12 ٿي چڪا هئا ته سئنيما کان ٻاهر شهر جون حالتون خراب ٿي ويون هيون. شمله هل ڀوپال ۾ ائين آهي، جيئن حيدرآباد ۾ گنجي ٽڪر تي هل پارڪ آهي، ڀوپال ۾ شمله هل تي آل انديا ريڊيو (آڪاشواڻي) ۽ دور درشن ٽي وي اسٽيشن آهن ۽ هر آچر تي ساڍي 9 وڳي آڪاشواڻي ڀوپال تان بُلوَچوٽياڻي سنڌي پروگرام ڪندو آهي، ان رات ڀوپال ۾ رات جو پارو سردي ۾ پد صفا هيٺ هئڻ جي باوجود شهر ۾ گرمي جي باهه ٻاري رهيو هو. اتفاق اهو به هو جو هوا جو رخ به ڪارخاني کان هو، ان ڪري ماڻهن ۾ دست، الٽيون ۽ چڪر ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهن جا ٽولا شهر جي وڏي ۾ وڏي اسپتال حميده طرف ڊوڙڻ لڳا. ان زماني ۾ ميڊيا نه هئڻ سبب اها خبر صبح جو ساڍي پنجين وڳي پهرين پهرين آڪاشواڻي نشر ڪئي، پوءِ بي بي سي تان ٻڌايو ويو، حالانڪه هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ ريفرنڊم ۾ (راءِ شماري) واري خبر اهميت واري هئي، پر پوءِ هي ڀوپال جي سانحي واري خبر وڏي خبر بڻجي وئي. يونين ڪاربائين ۾ ٺهندڙ جيت مار دوائن جي زهريلي پلانٽ ۾ ٽانڪي 619، 611 ۽ 610 مان هيٿائل (Mic) جو (پد) درجه حرات وڌي 200 ٿي ويو هو، ڇو ته ان ۾ پاڻي سبب ڊائناميٽ ٺهڻ شروع ٿي ويو هو. ان ڪري ميٿائل سائينائينڊ اُن گرمائش کي 5 ڊگري بدران 20 ڊگري دٻاءُ سبب چمني مان Mic گئس خارج ٿيڻ لڳو هو ۽ شهر مٿان هڪ موت جو ڪارو بادل ڇانئجي ويو هو، هي هڪ خوني دونهون هو، ان سان هن بيگمن ۽ نوابن جي شهر مٿان موت جو راڪاس رقص ڪري رهيو هو ۽ هر ساهه ايندڙ ويندڙ سيني ۾ موت جي ننڊ سمهاري رهيو هو. انسان پنهنجون زندگيون بچائڻ ۽ ان سائي نائيڪ کان بچڻ لاءِ هرڪو شهر ڇڏي رهيو هو، ڀوپال ريلوي اسٽيشن تي عوام جو سمنڊ هو ۽ آخري گاڏي جيلپور کان انڊور وڃڻ لاءِ ڀوپال اچڻ واري هئي، ڀوپال جي ريلوي اسٽيشن ماستر عبدالله ٻڌايو ته ان حالت ۾ ڀوپال اچڻ سان اچڻ وارن جي حياتي کي به خطرو هو، پر گاڏي رواني ٿي چڪي هئي ۽ روڪڻ به ممڪن نه هو، پر گاڏي ليٽ هئي، ڇو ته گجرات مان ويراول مان جيلپور ايڪسپريس (وايا راجڪوٽ) دير سان جيلپور پهتي هئي، مون ڀوپال ۾ گاڏي بيهاري 15 منٽ ۾ سائي بتي ڏيکاري (روانو ڪيو) حالانڪه عوام ان تي ناراض هو ته گاڏي اڃا ترسڻ کپي ها، ڇو ته عوام کي ان ۾ چڙهڻ جو موقعو نه مليو هو، پر بقول اسٽيشن ماستر عبدالله ته پوءِ آيل مسافرن کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ برابر هو. ان ڪري هڪ طرف بيوسي ته ٻئي پاسي مجبوري هئي. ڀوپال ۽ انڊور 400 ڪلو ميٽر پري آهن، مشهور ڊاڪٽر اين آر ڀناڊري چيو ته هن زهر جو ڪو علاج ممڪن نه هو. ٽئين ڊسمبر جي صبح ڀوپال واسين لاءِ گهمڻ ڦرڻ بدران هڪڙا شمشان گهاٽ طرف رام، رام سچ چئي وڃي رهيا هئا ته ٻيا ڪلمه شهادت پڙهي مقام طرف لاش دفن ڪرڻ لاءِ ويندڙ هئا.

هي سانحو روس جي چرنوبل واري تابڪاري، پلانٽ کان ذري گهٽ وڌيڪ هو. ڇو ته 72 (ڪلاڪن ٽن ڏينهن) ۾ 10 هزار انساني جانيون ابدي ننڊ سمهي رهيون ۽ جانور ڌار مري ويا هئا، هندستان سرڪار هنن جي علاج لاءِ جرمن مان هڪ ڊاڪٽرن جي ٽيم به گهرائي، پر ڪو خاص فائدو حاصل نه ٿيو. ڀوپال جي سينئر صحافي ۽ ليکڪ منظور احتشام بقول ته ايتري موت باوجود عوام کي ڪجهه نه مليو. اڄ به شهر ۾ عوام جو خيال آهي ته ان رات يا ٽن ڏينهن ۾ جيڪي مري ويا سي ئي اصل ۾ خوش نصيب هئا، اسان زنده اپاهج معذور بدنصيب آهيون.

هن حادثي ۾ ڪل 30 هزار انساني جانيون (آخري انگ) ضايع ٿيون، پر پوءِ به ڪارخاني جو چيئرمين وارن ايڊسن آرام سان هندستان مان هليو ويو ۽ هن سال سيپٽمبر 2014ع ۾ سندس وفات سندس گهر (رياست ٽيڪساس) ۾ ٿي آهي، ان تي سڄي ڪٽنب تباهه ٿيڻ واري شخص عبدالجبار جو خيال آهي ته 30 سال ٿي ويا، پر اسان جي ڪنهن به سار نه لڌي، البته ڀوپال جو سنڌي سماجي ورڪر راج ڪمار ڪيسواڻي ڪيس هلائي رهيو آهي. جڏهن ته هاڻ اهو موت وارو ڪارخانو ڊائو ڪمپني خريد ڪئي آهي پر في الحال کولڻ جي اجازت نه آهي. خوني چمني نمبر 610 واري ٽانڪي اڳ سلٽي رنگ واري هئي، سا هاڻي ڪاري ڪٽ سان ڀريل آهي، جنهن کي ڀوپال واسي هڪ ڏائڻ جو لقب ڏين ٿا. سرڪار جو خيال آهي ته هنن 67 ايڪڙن تي هڪ يادگار تعمير ڪئي وڃي ۽ بلڪل تازو 11 ايڪڙن تي هڪ پارڪ ٺاهڻ لاءِ مٽي جا نمونا به (سوائل سمپل) ورتا ويا آهن. اپاهجن لاءِ 18 اسپتالون ڪم ڪندڙ آهن، جن ۾ ڪملا نهرو 56 ڪروڙ سان تيار ٿي آهي. ڪارخاني جو ڪچرو 18 هزار ميٽرڪ ٽن گجرات ۾ سنڌ ويجهو سمنڊ ۾ اڇلڻ جو امڪان آهي.

هي ڪيس سي بي آءِ ۾ ڪورٽ نمبر 304 جي تحت هلندڙ آهي. بهرحال آڳاٽي زماني جي ڦٽين جي ڪارخاني جي ’چمني‘ ۽ هاڻ ڪمند جي مل جي ’چمني‘ سنڌ ۾ ٻئي في الحال بند آهن ۽ هندستان جي صوبي مڌيه پرديش جي ڀوپال ۾ يونين ڪاربائين جي ’چمني‘ ته سدائين لاءِ انسانن کي بي وقتو موت ڏئي خود ئي بند ٿي وئي، پر اپاهجن ۽ معذورن جو هن وڏي جمهوريه به ڪجهه نه ڪيو، شايد مودي ڪجهه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *