هيءَ سنڌ جي ڌرتي اها مقدس ماءُ جي هنج رهي آهي، جنهن پنهنجن توڙي پراون کي پيار ۽ پناهن جا ڇانورا پي آڇيا آهن. سنڌ جو اتهاس انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي ته آرين کان وٺي اڄ اترئين علائقن ۾ هلندڙ آپريشن دوران بي گهر بڻيل آءِ ڊي پيز تائين سڀني لاءِ هيءَ سنڌ اُها ڇپر ۽ ڇانءَ آهي، جنهن ۾ ماڻهو ائين اچي رهن ٿا جيئن لطيف سائين جي هيءَ سٽ آهي ته:
”ڪو نه پڇي ذات، جي آئيا سي اگهيا“
يعني هتي جيڪو به آيو آهي، انهيءَ کي مان ۽ ماني ملي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جي هڪ وڏي سانحي جيڪو پڻ مذهبي تنگ نظريي سبب ٻه قومي نظريي هندو- مسلم جي ورهاست سبب وجود ۾ آيو. انهيءَ سانحي جيترو هاڃو سنڌ کي رسايو، سو شايد تاريخ جو ڪو به مرهم ماضيءَ ۾ مليل سنڌ کي انهيءَ ناسور جهڙي زخم جو علاج نه ڪري سگهي. ها سنڌ جيڪا موجوده پاڪستان جي خالق آهي، اها سنڌ اسيمبلي ئي هئي، جنهن سڀ کان اول پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءَ پاس ڪيو هو ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان وجود ۾ آيو هو. پاڪستان جي خالق سنڌ کي ئي سڀ کان گهڻي سزا اڄ تائين ڀوڳڻي پئي آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي سڀ کان پهريون وار سنڌ تي ٻاهران آيل ماڻهن فرقيواريت جو ڪيو ته هتي جيڪي هندو، مسلم، صدين کان ڀائرن وانگر رهندڙ هئا، انهن ۾ نفرت جي باهه لڳائي وئي ۽ صدين کان امن، سلامتي سڪون سان رهندڙ ڀائرن کي هندو- مسلم جي تعصب پرستيءَ جي ور چاڙهي هتان جي اصلوڪن رهاڪن کي بي گهر بڻائي، بي وطن بنائي جلاوطن ڪيو ويو. رڳو انهيءَ نيت سان ته هتي پناهه گير بڻجي آيل مسلم آباديءَ کي منظم ڪري سگهجي. سنڌ جا ماڻهو جيڪي صدين کان فرقيواريت مذهبي ڪٽرپڻي کان پري رهيا آهن، جن جو مذهب ماڻهپو ۽ انسان دوستي رهي، جن پنهنجن، پراون کي هميشه پيار ۽ پاٻوهه جا ڀاڪر پاتا آهن، انهن 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ هتان ويندڙ پنهنجي هم قوم ڀائرن کي لڙڪن جي آلاڻ ۾ الوداع ڪيو ته ٻئي پاسي وري ٻاهران آيل پناهه گير ڀائرن جي کلئي دل سان آجيان ڪئي، نه رڳو انهن کي کاڌ، خوراڪ ڏنائون پر پنهنجا اباڻا ڪک به سنڌ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته پنهنجا مسلمان ڀائر آيا آهن، ڪٽجي، ڦرجي آيا آهن، ورهاڱي جي حادثي جو شڪار آهن، انهن جي زخمن تي محبت جو مرهم رکجي ته چڱو آهي ۽ اها چڱائي، اها محبت، اهو پيار ۽ پاٻوهه اڄ تائين برقرار آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا ٻاهران آيل پناهه گير ڀائر جيڪي پنهنجي سڃاڻپ ”مهاجر“ لفظ سان ڪرائين ٿا، شهري ۽ جديد زندگيءَ جا سمورا سک ۽ سهوليتون ماڻيندي به اُها شڪايت ٿا ڪن ته ڌرتي ڌڻين اسان جا حق ڦٻايا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو جن پنهنجي سادگي ۽ صوفياڻي مزاج سبب پنهنجو سڀ ڪجهه انهن ”مهاجر“ ڀائرن حوالي ڪيو، اڄ اُهي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر تنگ نظري، تعصب پرستي ۽ مذهبي بنياد پرستي جي خنجر هيٺ ڪسجي رهيا آهن. سنڌ جنهن کان مذهبي بنياد تي ٿيل ورهاڱي جا وڍ اڃا وسريا ناهن، جيڪا اڄ کان ستر سال اڳ مذهبي ڪٽر پڻي جي باهه سنڌ جي سيني تي لڳائي وئي هئي، اها اڃا وسامي ناهي، اڄ به سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي روئيندي پنهنجي ڌرتي ڇڏي رهيا آهن. اڄ به اُهي مذهبي نفرت ۽ ٻيائي جو شڪار آهن، اڄ به انهن جا لاش ڀوري ڀيل جيان مذهبي ڪٽرپڻي جي نالي تي بي ڪفن روليا وڃن ٿا، انهي تعصب ۽ تنگ نظريي ۾ هڪ نئون واڌارو ڪيو پيو وڃي. مهاجريت ۽ لساني دهشتگرديءَ جي نانءَ تي سنڌ ۾ هڪ ٻي باهه ٻاري پئي وڃي. سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون جيڪي محبت، امن ۽ سڪون جو اُهڃاڻ آهن، سنڌي ماڻهو جيڪي محبت، امن ۽ انسان دوستيءَ جا قائل آهن، اڄ انهيءَ ڌرتي تي متحده قومي موومينٽ ۽ ان جا ليڊر سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪري چڙ ڏياريندڙ بيان ڏئي، سنڌ جي سيني ۾ اڄ جيڪو نفرتن جو سج پوکي رهيا آهن، اُهي شايد نه ٿا ڄاڻن ته انهيءَ نفرت جي ٻج مان جڏهن به ڪي سلا ڦٽا ته انهيءَ جو نتيجو ڀوڳڻو ايندڙ نسلن کي پوندو.
رت ۽ بارود جي باهه نفرتن، تنگ نظرين ۽ تعصب پرستين جو فصل جتي به پوکيو آهي، اُتي جلاوطنيون نصيب ۾ اينديون آهن، اُتي بي وطن ٿيڻو پوندو آهي ۽ بي وطنيءَ جو عذاب توهان ڀوڳي چڪا آهيو. سو اچو ته نفرتن جي کي سمنڊ ۾ لوڙهي، ڌرتيءَ تي محبت جا گلاب پوکيون.
نه ته تاريخ بي رحم ٿيندي آهي ۽ تاريخ شاهد آهي ته ڌرتيءَ تي محبتن جا گلاب پوکيندڙ ماڻهن جا نالا ته اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ مهڪ بڻجي خوشبو جيان رهن پيا پر هٽلر، مسوليني، چنگيز خان ۽ يزيد جا روح بي وطن بڻجي تاريخ جي ڏڪار جو شڪار آهن. سو دلين جا ۽ ڌرتيءَ جا ورهاڱا ڪرڻ بدران بهتر اهو آهي ته متحده وارا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺن، ماءُ جهڙي هنج جو آسيس ڏيندڙ سنڌ ۾ رت ۽ بارود جو فصل پوکڻ بدران شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ويڇا گهٽائي، محبتن جا گلاب پوکين ته جيئن سموري سنڌ لطيف سائينءَ جي هن دعا وانگر مهڪي پوي ته:
”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“