اسان جن جيپن ۾ سوار ٿي گورک جي پهاڙن ڏانهن سفر شروع ڪيو، اهي به ڪنهن خطري کان خالي نه هيون، گورک جبل کاوڙ لڪ کان شروع ٿئي ٿو ۽ زيرو پوائنٽ جنهن کي هاڻي بينظير پوائنٽ سڏجي ٿو، اتي اچي دنگ ڪري ٿو. ٽٽل روڊ، ڏکيون چاڙهيون، اصل سمورن دوستن جو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو هو. واهي پانڌي کان گورک تائين پهاڙن جي سلسلي روڊ جي ڀڪن سان 16 پوليس ٿاڻن جون بلڊنگون ٺهيل هيون پر هڪڙو به اتي سپاهي نظر ڪو نه آيو. ڪجهه ٿاڻن جي گيٽ تي گڏهه ٻڌل ضرور نظر آيا. اتان جي ماڻهن ٻڌايو ته هتان جي امن امان جو مسئلو ۽ تفريح لاءِ ايندڙ سياحن جي ذميواري ايم اين اي ڊاڪٽر رفيق جمالي جي ٽيم جي کنيل آهي. چون ٿا هڪ ڀيري گورک واري علائقي مان رڳو هڪڙو گڏهه چوري ٿي ويو هو، اهو جمالين لاڙڪاڻي مان هٿ ڪري موٽايو هو. ڪاش سڄي سنڌ امن امان جي حوالي سان ائين ٿي وڃي. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ جي باغين، ٻڌايو پيو وڃي ته هتي اچي پناهه ورتي هئي. آرمي رڳو کاوڙ لڪ تائين آئي هئي، اڳتي نه وڃي سگهي هئي، اسان جون گاڏيون کاوڙ لڪ تي اچي بيٺيون، جتي گاڏين ۾ پاڻي ڀرڻ سان گڏ اڳين ٽائرن ۾ فور ويل واريون پنون هنيون ويون، ڇو ته هتان کان اوچا پهاڙ ۽ ڏکيو جابلو رستو شروع ٿئي ٿو. گورک جي رهواسين جو گذارو مال کان علاوه وڏو ڪاروبار هتي ”پيش“ جو ٿئي ٿو، جنهن مان تڏا، کٽن جو واڻ، ڇٻيون، پنڊيون، ڇليون ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون. پهاڙن ۾ وڏي تعداد ۾ پيش جا ٻوٽا بيٺل هئا. گڏهن ۽ جيپن کي صحيح ڪري واهي پانڌي ڏانهن کڻي ويندڙ ڪيترائي قافلا رستي ۾ نظر آيا. اڪثر لاڏائو ٽولا پهاڙن تان لهي پٽن ڏي ان جي ڪري ٿي آيا ته پهاڙن تي سردي وڌڻ کانپوءِ هو واهي پانڌي، درگهه بالا، جوهي ڏانهن اچن ٿا، جتي 6 مهينا ٿڌ جا گذاري وري واپس ٿين ٿا، جن کي سفر ۾ 15 کان 20 ڏينهن لڳي وڃن ٿا. اسان جڏهن رات جو ريسٽورنٽ تي ويٺا هئاسين ته پري پري تائين ٽانڊاڻن وانگر باهه ٽمڪي رهي هئي. ٻڌايو پئي ويو ته اتي انساني آبادي آهي. ٻوڏ ۾ ٽٽل پليون ۽ روڊ اڃا تائين ناهن ٺهيا. بجلي ۽ پاڻي جو بندوبست ضرور ڪيو ويو آهي. 1989ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جڏهن وزيراعظم هئي قائم علي شاهه سان گڏجي گورک هل تي آئي هئي. گورک ڏانهن پهريان روڊ جو منصوبو جهانگارا کان ٺاهيو ويو هو، پر ان تي عمل نه ٿيو ته قصبي کان سروي ڪئي وئي، ٻئي منصوبا ناڪام ٿيڻ تي 1998ع کان واهي پانڌي واري چونڊ ڪئي وئي. پهاڙن مان 64 ڪلو ميٽرن تي مشتمل هي روڊ گورک تائين ٺاهيو ويو. روڊ تي 583 ملين روپيا خرچ ڏيکاريو ويو. گورک جي ترقيءَ لاءِ 2003ع ۾ 100 ملين ميگا پراجيڪٽ جي نالي سان جاري ڪيا ويا. وري 2005ع ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت گڏجي گورک جي ترقي لاءِ 999 ملين ڏنا، پر اهي فائل کائي ويا. سياستدانن ۽ ڪامورن جي گڏجي پيٽ ۾ هليا ويا. 615 ملين روپين جي لاڳت سان شينڪ لينڊ ڪمپني کان سيٽلائيٽ سروي ڪرائي وئي، جيڪا پڻ بيڪار وئي. مان توهان کي اهو به ٻڌايان ته گورک جي خوبصورتي ۽ ترقي لاءِ 3 فيزن ۾ منصوبا جوڙي پئسا ڏنا ويا. پهرين فيز ۾ 369.583 ملين، ٻئي فيز ۾ 173.181 ملين، ٽئي فيز ۾ 999 ملين جنهن ۾ وفاق جو 503 ملين شيئر پڻ شامل هو، وري 10-2009ع ۾ فنڊ ڏنا ويا، ان سال 21 ترقياتي منصوبن 60 ملين سان ٽينڊر پڻ ٿيا، جنهن ۾ گيسٽ هائوس، پيئڻ جو صاف پاڻي، ريسٽورنٽ، بيسڪ هيلٿ يونٽ، شيڊ وارن ڪمرن لاءِ 2000 ملين جو خرچ ڏيکاريو ويو، ان سڄي ڏنل انگن اکرن ۾ اتي هن وقت هڪڙو ٽن ڪمرن، ٻيو 8 کان 10 ڪمرن تي مشتمل ٻه گيسٽ هائوس، هڪڙو ريسٽورنٽ ٺهيل آهي، ٻن ڪلو ميٽرن ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان صرف لائيٽنگ وارا ٿنڀا لڳل آهن ۽ هڪڙو هيلي پيڊ آهي، باقي ٻيو مڙئي خير لڳو پيو آهي. گهمڻ لاءِ ايندڙ جڏهن سياح وڌي ٿا وڃن ته اهي هوٽل مان ڪرائي تي بسترا وٺي سخت سردي ۾ کليل هوٽل ۾ راتيون گذارين ٿا، اها آهي گورک جي درد ڪهاڻي، جنهن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود هن کي اڃا مري جهڙو سهڻو ناهي ٺاهيو ويو. اسان ته اتي هڪڙي رات گذاري آچر جي صبح جو فوٽو گرافي ڪرڻ بعد ڊرائيورن ٻڌايو ته گورک ڏانهن ويندي چاڙهين وارو سفر ايترو خطرناڪ ناهي، جيترو لاهيون مشڪل آهن. واقعي گاڏيون جڏهن واپس لهي رهيون هيون ته وڃڻ کان موٽندي ڏاڍو خوف ٿي رهيو هو. گورک جي وادين ۾ پيش ڪانوَ جا ٻوٽا، کبڙ جا وڻ جام ملن ٿا، موٽ وارو سفر چاڙهيون لهڻ بعد وري ٽهڪن جي گونجار سان سکر ڏانهن شروع ڪيوسين. مورو ۾ اچي مانجهاندو برياني سان ڪيوسين، ايئن شام 6 وڳي هي قافلو سکر پريس ڪلب پهتو، پر گورک هل جي ڀاڪرن ۾ هڪ رات هڪ ڏينهن زندگي جي ٻين ڪيترن سفرن مان منفرد رهيو. ڇو ته اسان ڪنهن ٻئي ملڪ جي نه پر سنڌ جي وادين ۾ اهي سڀ منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا، جن جي ياد اڄ به ذهن تي تازي هوا جي جهونڪي وانگر آهي.