سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ شهيد الله بخش سومري جو ڪردار : ارشاد ڪاغذي

سنڌ جي سياسي تاريخ جو مطالعو، مشاهدو ۽ تحقيق ڪندي اهو چوڻو ٿو پئي ته مختلف واقعن، لقائن ۽ پهلوئن تي اڃا تائين تفصيلي طرح ريسرچ نه ٿي سگهي آهي. تحقيق ڪندڙن ڄاڻي ٻجهي انهن واقعن تي بحث نه ڪري ڪيئي راز ظاهر ڪري نه سگھيا آهن. پاڻ جڏهن سنڌ جي سياسي تاريخ جي حوالي سان ڪي واقعا پيش ڪيون ٿا ۽ خاص ڪري هتي موضوع جي مناسبت سان الله بخش سومري جي سياست، حڪمراني ۽ عملداري جو جڏهن ذڪر ڪجي ٿو ته ان ۾ ڪي اهم پاسا هتي ڏيڻ جو مقصد الله بخش جي دور کي سمجهڻ آهي. انگريز سرڪار جڏهن سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري ڌار صوبو ٺاهيو ۽ سنڌ کي خودمختيار ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ پهرين اليڪشن ٿي جنهن ۾ الله بخش سومري جي پارٽي اليڪشن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي پر اڪثريتي پارٽي کي اقتدار ڏيڻ بدران اقليتي پارٽي جي سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو پهريون وزيراعظم بنايو ويو. ان وقت صوبي جي چيف ايگزيڪٽو کي وزيراعظم چيو ويندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته صوبي جي وزيراعظم کي ڪيترا پاور ۽ اختيار هئا! اهو هڪ اهم بحث طلب مسئلو آهي ته سنڌ جي وزيراعظم کي ڪيترا پاور هئا ۽ هو پنهنجي حڪومت هلائڻ ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ ڪيترو آزاد ۽ خودمختيار هو.

سنڌ ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي انگريز سامراج جي مداخلت ۽ عملي طرح حڪمراني هئي. اٿندي ئي غير جمهوري انداز سان سنڌ جي اقتداري سياست ۾ ڌڙابندي ڪري هڪ اهڙي روايت جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو عڪس اڃا تائين هتان جي سياست ۾ پسي سگھجي ٿو. ان وقت اقتدار جي حصول لاءِ ذاتي مفادن کي اوليت ڏني ويندي هئي. سنڌ حڪومت سال ٻن تائين مس هلندي هئي ۽ وري ٻي سرڪار ٺاهي ويندي هئي ۽ اهڙي طرح صوبائي خودمختياري سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن، سيٺين، سياستدانن، ڪامورن ۽ سازشي ٽولي جي سازشين جو شڪار رهي. سنڌ جا چونديل نمائندا ڪيترا سچا هئا، ان جوا اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو هو وزارت لاءِ ڪڏهن هڪ جماعت سان ته ڪڏهن ڪنهن وزيراعظم سان ته ڪڏهن ٻي سان ساٿ ۾ سلهاڙيل هئا. ”انڌير نگري چرٻٽ راجا“ جهڙو ماحول هو. ميوزيڪل چيئر جو مزو هر هڪ ماڻي رهيو هو. ڪنهن کي سنڌ جو فڪر هو ئي ڪونه!

سر غلام حسين هدايت الله شيخ کان پوءِ الله بخش سومرو سنڌ جو وزيراعظم مقرر ٿيو. هو سادو، خداترس، ايماندار ۽ اڻ ڌريو شخص هو. هو ٻين وانگر آل انڊيا سياست يا ملڪي سطح جي ڪنهن سياسي جماعت جو ڪڏهن به رڪن نه ٿيو. هن جو تعلق وچولي طبقي سان هو ۽ هو پنهنجي سوچ ۽ سمجهه مطابق قوم پرست جي روپ ۾ ظاهر ٿيو ۽ وڏن سياسي جماعتن ۽ گڙنگ سياستدانن ۽ مفاد پرست سيٺين ۽ انگريز سامراج جي فساد، فتني ۽ منصوبابندي سان مقابلو ڪندو رهيو. جنهن جي هو سٽ سهي نه سگهيو. هندو ميمبر، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻيون جماعتون پنهنجي ذاتي ايجنڊا تي ڪم ڪنديون رهيون. سنڌ جي مفاد تحت ڪا رٿابندي نه ٿي سگھي ۽ اهو دور اقتدار جي هوس جو دور هو. تمام سٺا، عاليشان، هڏڏوکي ۽ سنڌ جا خادم اسيمبلي ميمبر ۽ سياستدان هئا سي گڏجي سڏجي سنڌ کي تين وال ڪندا رهيا ۽ سنڌ جو عوام وات پٽي انهن جي مفادي سياست کي ڏسندو رهيو. ڏسڻن وائسڻن ماڻهن سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو ۽ انگريزن جي نمڪ حلالي ڪندي وقت پاس ڪيو.

الله بخش سومري جي دور ۾ ڪيئي اهم واقعا ٿيا ۽ ان جو سبب فقط الله بخش جي وزارت کي ختم ڪرڻ ۽ ديس ڀائين وچ ۾ نفرت، تفرقو ۽ تضاد پيدا ڪرڻ هو. 1935ع واري آل انڊيا ايڪٽ تحت سنڌ کي آزاد صوبي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 1936ع تي سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان الڳ ڪري خودمختياري ڏني وئي. 1937ع ۾ سنڌ ۾ پهرين عام چونڊ ٿي. پهريون وزيراعظم سر غلام حسين هدايت الله شيخ مقرر ٿيو ۽ سال اندر هن جي حڪومت ختم ٿي. 1938ع ۾ الله بخش سومرو سنڌ جو واڳ ڌڻي بڻيو. 1939ع ۾ سکر ۾ هندو ــ مسلم فساد ٿيا، مسجد منزل گاه جو سڀ کان وڌو واقعو پيش آيو. ان جي نتيجي ۾ تحريڪ هلي ۽ الله بخش جي حڪومت 1940ع ۾ ختم ڪئي وئي. ان بعد مير بنده علي اقتدار جي گدي تي ويٺو ۽ هڪ سال اندر 1941ع ۾ وري ٻيهر الله بخش سنڌ جو وزيراعظم ٿيو. الله بخش جي وزارت جي عرصي دوران سورهيه بادشاهه پير پاڳاري کي 1941ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1942ع تي انگريز سرڪار حر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان حر ايڪٽ منظور ڪرايو. ساڳئي سال سنڌ جي گورنر الله بخش کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. 20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاهه پير پاڳاري کي شهيد ڪيو ويو. 14 مئي 1943ع ۾ الله بخش کي شهيد ڪيو ويو.

اهي هئا سنڌ جي سياسي تاريخ جا اهم واقعا جن کي وساري نه ٿو سگھجي ۽ اهي واقعا سنڌ جي تاريخ کي بدلائڻ ۾ اهم ثابت ٿيا. ان سياسي دور جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جي بدترين ۽ پرآشوب دور سان ڀيٽي ويندي آهي. هونئن ته جڏهن کان سنڌ جدا صوبو بڻيو ان ڏينهن کان وٺي سنڌ اندر افراتفري، فساد، سازشون ۽ وڳوڙ چالو رهيا. پر جيڪي اهم واقعا ٿيا تن سنڌ ۾ رهندڙ ديس ڀائين ۾ نفاق ۽ نفرت وڌائي ڇڏي ۽ دنگا فساد ڪري هندو ۽ مسلم ايڪتا تي سخت وار ڪيو ويو ۽ ڀائرن جي دلين ۾ تعصب ۽ تضاد ايترو وڌي ويو جو هو هڪ ٻئي جي خون جا پياسي بنجي ويا ۽ پوءِ دلين سان گڏ ڌرتي جو به ورهاڱو ٿيو.

الله بخش سومري پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪيئي ڪم ڪيا ۽ هي دور سنڌ جي خوشحالي ۽ سڌارن جو دور ليکجي ٿو. الله بخش سياسي طور سنڌ ۽ هند جي سياست تي هڪ غير جانبدار شخص طور اڀري آيو ۽ انگريز سرڪار جي فيصلن خلاف مزاحمت ڪرڻ لڳو ۽ سندس ڪوشش رهي ته هو هندستان ليول تي هڪ اهڙو وسيع اتحاد جوڙي جيڪو اڻ ڌريو هجي ۽ پنهنجي وطن کي آزادي ڏياري سگھجي. هو بنيادي طرح سيڪيولر خيالن جو ماڻهو هو. ۽ ان ۾ حقيقت به آهي ته هو سادو سنت هو پر ذهني ۽ عقلي بلوغت سمجهداري، سياڻپ ۽ ايمانداري ۾ سنڌ جي ٻين اڳواڻن کان سرس هو. ان جو هڪ سبب ته هي آهي ته هو وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هو ۽ ٻيو ته هو وطن فروش نه هو. جڏهن ته ٻي طرف سنڌ جا سياستدان وڏيرا، جاگيردار ۽ سيٺيا هئا، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ هنن ايئن به ڪيو.. 1936ع کان 1947ع تائين سنڌ صوبي مٿان ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ سنڌ جي نمائندن انگريزن، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اشاري تي سنڌ جي وحدت تي جيڪي وار ڪيا سي سنڌ جي تاريخ جو حصو آهن. ان سموري عرصي ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪي ڪيس ۽ ڪلور ڪيا ويا ۽ ويڇا وڌايا ويا تن جي تاريخ مختصر ضرور آهي پر اها سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي. ان دور ۾ انگريز سامراج سنڌ جي سورهيه پٽن ۽ آزادي جي متوالن کي سزائون ۽ سيکتون ڏئي سنڌ کي اڪيلو ڪيو. سنڌ جا حلالي فرزند شهيد ڪيا ويا ۽ سنڌ تي مارشلا مڙهي سنڌين جو قتلام ڪيو.

الله بخش ۽ ان جي حڪومت ان معاملي کي ڪيئن منهن ڏنو ان باري ۾ تحقيق ڪندڙن اشارن ڪناين ۾ لکيو ته ضرور آهي پر کليل نموني ۾ ڪنهن کي ڏوهي قرار نه ڏنو آهي. پر اهو سچ اهي ته سنڌ جا سياستدان ۽ چونڊيل عيوضي پيرپاڳاري جي گرفتاري تي ڪو ردعمل نه ڏيکاريو، سنڌ جي وزيراعظم الله بخش جا هٿ ٻڌل هئا. اسان ۽ توهان اهي ليک ضرور پڙهيا هوندا ته سنڌ جي گورنر جي حڪم سان پير سائين پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، ان وقت الله بخش سنڌ ۾ موجود ڪونه هو ۽ هن اچڻ شرط احتجاج ڪيو وغيره وغيره. اهو ايتري حد تائين ته درست آهي پر جڏهن ان جي اندر ۾ جهاتي پائي ڌسجي ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا اسيمبلي ميمبرن جو ان باري ۾ ڪردار ڪهڙو هو؟

سنڌ، سال 1937ع ۾، بمبئيءَ کان ڇڄي جدا صوبو بڻي. 1937ع کان 1947ع تائين ان جي نئين قومي زندگيءَ جو بنياد پوندو رهيو، پر غلط اصولن تي، جن سياست جا غلط قدر وجود ۾ آندا، ۽ آخر خود صوبي کي ئي نهوڙي ڇڏيو. جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياسي زندگيءَ تي سنڌ جا وڏيرا صاحبان ۽ پير صاحبان، پنهنجي دولت، راڄوڻي اثر ۽ پيريءَ ــ مريديءَ جي آڌار تي، هڪدم ڇانئجي ويا. نه ڪا مستقل سياسي پارٽي ٺهڻ ڏنائون، نه سياست جو مدار ئي ڪن مفيد اخلاقي اصولن تي رکڻ ڏنائون.“

سنڌ جي وطن فروش وڏيرن جي سياست کي ڏسجي ٿو ته سوال پيدا ٿو ٿئي ته ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو انهن کان مٿانهون هجي، ها اهو چئي سگھجي ٿو ته شهيد الله بخش اهڙي سياست ڪئي جنهن ۾ ذاتي مفاد جو عمل دخل بنهه نه هو. هو ان کان مٿانهون هو ۽ انهن سمورن وڏيرن کان به مٿانهون هو پر کيس هلڻ نه ڏنو ويو. سازش ڪري انگريزن ۽ وڏيرن کيس سوڙهو ڪيو هو ۽ هو اهڙو جلدي قدم نه کڻي سگھيو پر مجموعي طور الله بخش سنڌ جي سياست جو هڪ روشن باب هو. پير علي محمد راشدي چواڻي:  شڪارپور جي شمع اجهامڻ کان اڳ هڪ ڀڙڪو کاڌو، ۽ ان ڀڙڪي جو نالو هو الله بخش مرحوم.

irshadkagzi@yahoo.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *