سنڌ جي سياست ۾ آيل طوفان ؛منير سومرو

اڄڪلهه سنڌ حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جي اڳواڻ پنهنجن انٽرويوز ۾اظهار ڪري حڪومت خلاف چارج شيٽ به ٻڌائي رهيو آهي. جڏهن ته اهو به وڏي واڪ چئي رهيو آهي ته پ پ پ جا رٺل ايم پي ايز ساڻن رابطو ڪري رهيا آهن ۽ جيئن ئي اسان وٽ بي اعتمادي لاءِ گهربل ايم پي ايز جو تعداد پورو ٿي ويندو ته اسان رٿ پيش ڪنداسين.

هاڻي اهو بحث نجي چئنلن ۾ سياستدانن سميت عام ماڻهن ۾ به هلي رهيو آهي ته پ پ پ جي حڪومت خلاف رٿ ڪامياب ويندي يا ناڪام؟ اهو ته بحث آهي، هاڻي ڏسون ته ان ۾ڪيتري سچائي آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڳالهين ۾ ڪيترو سيڪڙو ڪاميابي جي اميد آهي؟ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ان  معاملي جي نيوز  بريڪنگ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪري سياست ۾ بحث جي شروعات ڪئي جنهن بعد ماڻهن کي خبر پئي ته سنڌ حڪومت خلاف سازشون شروع ٿي چڪيون آهن. سازشون ته پيپلزپارٽي لاءِ هونديون پر بقول شهريار مهر جي ته سنڌ حڪومت جي گورنس ٺيڪ ناهي، ڪرپشن چوٽ تي آهي ۽ عام ماڻهن جا ڪم ڪار نه پيا ٿين. گذريل دور کان وٺي هن وقت تائين سنڌ حڪومت کي 7 سال ٿي ويا آهن پر بدقسمتي سان سنڌ جي ماڻهن سميت شهرن جي تقدير بهتر ٿيڻ بجاءِ انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي. هڪ طرف ته اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال به انتهائي خراب آهي، سنڌ جو ڪو به شهر ڏسو ته اتي چوريون ڌاڙا ڦرون روز جو معامول بڻيل آهن، سنڌ حڪومت جي جيڪڏهن بهتر ڪارڪردگي کي ڏسجي ته صرف نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعا اهڙا آهن، جتي ترقياتي ڪم توڙي ٻين معاملن  ۾ ٻين ضلعن کان بهتر آهن ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ان بابت هر هڪ ماڻهو کي خبر آهي.

اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جنهن سبب سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر پاران امڪاني ايندڙ بي اعتمادي جي رٿ جو سبب سمجهه ۾ اچي ٿو پر وري جيڪڏهن ان جي پٺيان لڪيل هٿن جو پيڇو ڪجي ته اهو ظاهر ٿي ويندو ته اصل معاملو ڪهڙو آهي. ان ۾ ڪا سچائي به آهي يا وري ميڊيا تي مکيه خبرن جي زينت بڻجڻ آهي. مخدوم امين فهيم ۽ جنرل پرويز مشرف جي پاڻ ۾ پراڻي دوستي آهي ۽ جڏهن پرويز مشرف صدر هيو، تڏهن امين فهيم کي وزير اعظم جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي هن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو. هاڻي جڏهن آصف علي زرداري  ان کي ان جي مرتبي مطابق اهميت نه پيو ڏئي، تنهن ڪري هن پهريائين پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ اهي ٻئي پرويز مشرف جي ڪراچي واري گهر ۾ مليا. اهڙي موقعي تي انهن جي پرويز مشرف سان ملاقات جو مطلب اهو ڪونه هوندو ته انهن جي ڪا ان سان وڏي همدردي هوندي پر ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته اهي ٻئي ان سان انڪري ملاقات ڪئي جو پرويز مشرف جا تعلقات ايم ڪيو ايم سان تمام گهڻا بهتر آهن ۽ جيڪڏهن  عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وڃي ته ايم ڪيو ايم ان تحريڪ جي حمايت ڪري. ڇاڪاڻ ته امين فهيم ۽ پير پاڳارو سڌو ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات ڪن ها ته سنڌ جا ماڻهو سمجهي وڃن ها ته سنڌ جي مينڊيٽ کي هڪ دفعو ٻيهر چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. جيڪي پ پ پ جا مخالف سنڌ ۾ سياست ڪن ٿا، انهن جو شايد صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پ پ پ گذريل 7 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، انهن کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جو ڪڏهن وارو ملندو اهو سوال ته شايد ڪنهن کي خبر نه هجي پر اها خبر ضرور آهي ته ڳالهين جو ماهر ۽ سياست جي شطرنج جو وڏو کلاڙي آصف علي زرداري کان کٽڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ بهتر قسم جي ۽ پختي حزب اختلاف هوندي ته سنڌ جو ڀلو ٿيندو.

سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن جي ايوان ۾ 51 سيٽون ايم ڪيو ايم وٽ آهن جنهن سبب اهي پ پ پ کانپوءِ ٻئي نمبرتي جماعت آهي، اها جماعت تيستائين بي اعتمادي واري رٿ ۾شامل نه ٿيندي جيستائين انهن کي اها پڪ نه ٿيندي ته رٿ ڪامياب ويندي ۽ رٿ جي ڪاميابي ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن پ پ پ مان فارورڊ بلاڪ  ٺهندو، بي اعتمادي جي ڪاميابي جا امڪان ان وقت گهٽ ٿي ويا، جڏهن آصف علي زرداري جو بيان سامهون آيو، ان ڪري اهي پ پ پ جا رٺل ايم پي ايز جيڪي فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ به چاهيو هيو ته اهي في الحال خاموش ٿي ويا هوندا، پر انهن لاءِ هڪ ڳالهه بهتر ٿي آهي ته هاڻي انهن کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملندو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر کي ڪجهه ملي يا نه پر ان سموري معاملي تي مخدوم امين فهيم ۽ سندس پٽ جميل الزمان سميت انهن جي پوئلڳن جي عزت ۾ واڌارو ضرور ايندو، ان ڪري آچر ڏينهن تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف علي زرداري کين گهرائي کانئن ناراضگي جا سبب پڇيا، جنهن تي امين فهيم، زرداري صاحب کي چيوته سنڌ جي وزيرن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ ماڻهن جا ڪم ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهن جو پارٽي تي ڀروسو ٻيهر قائم ٿي سگهي ۽ اهو به زرداري صاحب کي يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ ڪا به بي اعتمادي جي رٿ نه ايندي.

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *