سنڌ جي ثقافت ۽  ٻولي جي تاريخ : فرزانه نورمحمد چانڊيو

سنڌ ڌرتي جي رھاھڪو ۽ سنڌ ڌرتي مان جنم وٺندڙ جي حثيت سان منهنجي قلم   مون کي مجبور ڪيو ته مان سنڌ بابت ڪجھ لکان ڇو ته قلم جي طاقت جي ذريعي منهنجو فرض آهي ته مان سنڌ ڌڻين کي سنڌ جي اصل تاريخ ، اهميت ۽ سنڌ سان قديمي دور کان ٿيندڙ سازشن بابت ٻڌايان ته جيئن سنڌ ڌرتي وڌيڪ نقصان کان بچي سگھي .

سنڌ جنهن کي دنيا جي قديم تر ثقافت مڃيو وڃي ٿو تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ڌرتي جو وجود 6000 قبل مسيح کان به پراڻو آهي . روايت آهي ته سنڌ جو نالو سنڌو دريا جي ڪري پيو سنڌو سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي وڏو درياءُ يا سمنڊ . ان کان علاوه سنڌ کي مهراڻ ، سنڌو ديش ، سنڌو ۽ هند جي نالن سان پڻ سڏيو ويندو آهي ڇو ته سنڌ جا اصل رهاڪو هندو هئا . سنڌو ماٿري جي ثقافت 5000 سال پراڻي آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي ته اسان ايتري قديم ۽ تاريخي ثقافت جو حصو آهيون سنڌ جي ثقافت کي مهراڻ جي وادي جي ثقافت (The Indus Valley Civilization) سڏجي ٿو جيڪا پوري دنيا جي ثقافتن جو گھر آهي اها ثقافتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته 3000 قبل مسيح ۾ سامهون آئي جنهن وقت جا ماڻهو ان دور جي مشهور ثقافتن مصر جي ثقافت (The Egyptian Civilization) ۽ ميزوپوٽاميا (Mesopotamia) جي مقابلي ۾ وڌيڪ اڳتي هئا جنهن جو ثبوت موئن جي دڙي جي ثقافت آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت جا ماڻهو ڪيترا با شعور ۽ ڄاڻو هئا ۽ انهن جي سوسائٽي ڪيتري ته اڳتي هئي . موئن جي دڙي مان حاصل ٿيا آثار اتان جي قديم ماڻهن جا بهتر نموني ٺهيل گھر ، عبادت جون جڳهون ، آفيسون ۽ ڪم ڪرڻ جون جايون بهتر ڏيک ڏين ٿيون جيڪا ان وقت جي تهذيبن ۾ صرف موئن جي دڙي ۾ هئا .

ڪو وقت هو ته هند ۽ سنڌ دنيا ۾ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي ڪري مڃيا ويندا هئي اڄ به سنڌ جا ڦٽل ڪوٽ ، قلعا ، شهر ۽ دڙا سنڌ جي شاندار تمدن جي شاهدي ڏئي رهيا آهن جنهن وقت دنيا جهالت جي اونداهي ۾ ٻڏل هئي ان وقت به سنڌ علم ۽ دانش جي روشني سان چمڪي رهي هئي ، سنڌ علم و ادب ۽ جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي ڪامياب هئي جيڪا اڄ پوئتي پوندي پئي وڃي ، جيڪا ڪنهن وقت ۾ پوري پاڪستان جي پکيڙ کان به وڏي هئي اها اڄ هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جا اصل رهاڪو سنڌ کان پري ٿيندا پيا وڃن جنهن سبب سنڌ جي قديمي ثقافت به پٺ تي ٿيندي پئي وڃي .

سنڌ جي سک جي ٻوٽي کي ڌارين سدائين لتاڙيو آهي اهو سلسلو فرعون جي ڪاهه کان شروع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪلدانين ، بابر ۽ اشور وارن جون ڪاهون ، تنهن کانپوءِ ايران جي ڪاهه ، يونانين جو حملو . تنهن کانپوءِ هندو حڪمرانن جي سنڌ تي مختلف دورن ۾ حڪمراني ٿي ، راءِ ، ڪرشن ، برهمڻ ، ساساني ۽ وهليڪار گھراڻن جي سلسليوار قبضاگيري ۽ حڪمراني هلندي رهي . برهمڻ گھراڻي 642ع ڌاري سنڌ تي حڪومت ڪئي جنهن کان عربن اچي 712ع ڌاري سنڌ ڦري عربن سنڌ تي 14 حملا ڪيا ، عربن جي اڍائي سئو سال قبضي کانپوءِ سنڌ تي سومرا حڪمراني ڪرڻ لڳا جيڪي سنڌ جا ڌرتي ڄاوا هئا . 1028ع ۾ محمود غزنوي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ، سنڌ جي سمن سردارن 1333ع ۾ سنڌ سومرن کان وٺي پنهنجو قبضو ڪيو ان کانپوءِ ارغونن جي حڪومت ۽ اڪبر بادشاه 1593ع ۾ فوجون موڪلي سنڌ  تي قبضو ڪيو ، تنهن کانپوءِ ڪلهوڙن سنڌ تي اصل حڪمراني ڪئي نيٺ هو سنڌ جا والي ٿيا ، 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ کي ڦريو لٽيو جنهن کانپوءِ مير ٽالپر سنڌ جا ڌڻي ٿيا ، 1828ع ۾ شاه شجاع سنڌ تي چڙهائي ڪئي. پوءِ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڄ تائين اهو سلسلو ختم ناهي ٿيو .

سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارن جو انگ دنيا ۾ 17 ملين آهي سنڌي ٻولي آرين جي اچڻ کان اڳ  موئن جي دڙي وارن جي قديم تهذيبي ٻولي آهي سال 1974ع ۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي به قرار ڏنو ويو اها اسانجي بد نصيبي آهي جو اڄ تائين سنڌي ٻولي بابت ڪو آڳا ٽو ذخيرو نه مليو آهي . ٻولي هڪ فطرتي عمل آهي ، قدرتي نظام آهي ، ٻولين جو جنم ۽ واڌ ويجھ ٿئي ٿي ته اها تباهه به ٿئي ٿي سنڌي ٻولي جي وجود کي خطرو آهي ، تعليمي ادارن مان سنڌي ٻولي بي دخل ٿي چڪي آهي حڪمرانن جي ڪيترين دعوائن باوجود سنڌ جي خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي ڪيترا ڀيرا خانگي ادارن کي سنڌي ٻولي نه پڙهائڻ تي ادارن جي رجسٽريشن منسوخ ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا ان باوجود ڪنهن به اداري ان ڳالهه ڏانهن ڪن نه ڏنو جڏهن ته گذريل حڪومت دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر سنڌي لئنگوئيج ٽيچر طور دهشتگردن ۽ ڀتي خورن کي (SLT) جا آرڊر ڏنا ويا جن کي سنڌي جي الف ب جي به ڄاڻ نه آهي حڪومت ٻولي جو نقصان صرف پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ (SLT) جا آرڊر ڌارين کي ڏنا جڏهن ته اڄ به ملڪ جي تعليمي ادارن جي اندر غيرن جون ٻوليون اردو ، عربي ، فارسي سميت چيني ٻولي پڙهائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته هزارين سالن کان پنهنجو وجود رکندڙ ٻولي کي ڪنڊائتو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن لاءِ مان ايئن چونديس ته سنڌي ٻولي کي تباهه ڪرڻ ۾ سنڌ جي سنڌي حڪمرانن جو هٿ رهيو آهي . سنڌي ٻولي بگاڙ جو شڪار ٿي رهي آهي ، اڪثر ڪري ، اخبارن ، ٽي وي ، ريڊيو تي سنڌي ٻولي سان دشمني وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو . اسان پنهنجي ٻولي کي وساري رهيا آهيون ، پنهنجي ثقافت اجاڙي رهيا آهيون جنهن سبب سنڌ ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي جي پڄاڻي ٿي رهي آهي .

ڌارين جي مسلسل ڪاهن ، جنگين ، خون ريزين ۽ ڦرلٽ سنڌ کي سياسي ، سماجي ۽ اقتصادي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي . ڪڏهن ته سنڌ دنيا ۾ تمام وڏي حيثيت رکندي هئي پر ڌارين جي ڪاهن ، حملن جي ڪري ۽ پنهنجن جي غداريءَ سبب هن جون حدون ۽ سرحدون گھٽجڻ لڳيون ، سنڌ جي واسي هر دور ۾ امن پسند رهيا آهن قديم وقت ۾ سنڌ سرسبز ۽ شاداب هوندي هئي پر هاڻي ڏينهن و ڏينهن سنڌ ويساهه گھاتين جي ڪري پٺ تي ٿيندي پئي وڃي ايئن چوڻ به غلط نه هوندو ته هن وقت سنڌ ۽ سنڌين کي ختم ڪرڻ جون سازشون زور تي آهن جنهن ڪري هر روز نوان بهانا آڻي سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ کپائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن .

سنڌ سان مختلف نالن ۾ ڪيل ويساهه گھاتين جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي گذريل حڪمران ڌر سنڌ سان ترقي ، مفاهمت ۽ خوشحالي جي نالي تي ڇا ڇا نه ڪيو 21 صدي ۾ ترقي ، جمهوريت ۽ تهذيب جي نالي تي سنڌ سان ڪيتريون ئي ويساهه گھاتيون ٿي چڪيون آهن ، سنڌ جي وسيلن ۽ ذخيرن تي هميشه دشمنن جون نظرون رهيون آهن پوءِ اهو تيل ، ڪوئلو ، ذرعي پيداوار ، سامونڊي ذريعا يا وري ٻيٽ ڇو نه هجن . ان کان علاوه ذوالفقار آباد جي رٿا ۽ ٻٽو مڪاني نظام جنهن جي ڪري به سنڌ جبر ۽ ڏاڍ جي دور مان گذري چڪي آهي . سنڌ اندر وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام سنڌ ۽ سنڌين کي اونداهي ڏانهن وٺي وڃڻ کان علاوه ڪو ڪم نه ڪيو آهي ڀوتارڪي حڪمراني ۾ سنڌ پٺ تي پئجي وئي آهي پر اقتدار جي ايوانن ۾ ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه ٿي سري .

ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي حڪمرانن سنڌ ڌرتي سان ڪا به سڄڻائپ نه ڪئي آهي ڪالهه جيان اڄ به سنڌي عوام بنيادي حقن کان محروم آهي سنڌي نوجوانن لاءِ اعلي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن ، ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري ۽ هندن جي لڏ پلاڻ سبب اڄ ڄڻ پنهنجا شهر پاڻ لاءِ ئي اوپرا آهن . سنڌ ۾ امن ، امان ، تحفظ ، انصاف ، تعليم جا بهتر وسيلا ، زراعت ۾ آزادي اسان لاءِ اڄ تائين خواب ئي آهن جنهن کي پورو ڪرڻ ڪنهن مير ، پير ، وڏيري ، جاگيردار ، رهبر ، رهنما ۽ حاڪم جي وس آهر نظر نه اچي رهيو آهي . اسان وٽ ته وڏيرا ۽ جاگيردار ڪوڙي غيرت ، قبيلائي انائن جي ور ۾ چڙهي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن هر روز قبيلائي جھيڙن ۾ درجنين ماڻهون موت جو شڪار ٿين ٿا ان کان علاوه غيرت جي نالي تي قتل ته ڄڻ اسانجي ثقافت ٿي وئي آهي . ڇا اسان ايتري جهالت جي دور ۾ هليا ويا آهيون جو اسانکي پنهنجي ثقافت ، تهذيب ، تمدن ايترو وسري ويو آهي جو جهالت جي اونداهي ۾ اسان اهڙين جاهلانا رسمن کي پنهنجي ثقافت جو حصو چئي رهيا آهيون .  اصل ويري اسان پنهنجا پاڻ آهيون اسانجي ڪاهلي ۽ ڪوتاهين جي ڪري اسان پنهنجي هٿن مان پاڻ سنڌ لٽائي ۽ ڦرائي رهيا آهيون اسان پاڻ ئي پنهنجي وجود جا ويري بڻجي چڪا آهيون جيستائين اسان ڪاهلي نه ڇڏينداسين تيستائين سنڌ دشمن ايئن ئي سنڌ کي کائيندا کپائيندا رهندا.

سنڌ اڄ به ڪٺور دور مان گذري رهي آهي جنهن ۾ جاڳرتا واري مهم جي ذريعي ئي سنڌي عوام کي پنهنجي آجپي ، ترقي ۽ خوشحالي جو گس ڏئي سگھجي ٿو سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد جي ضرورت آهي . اسانکي هر پاسي کان خطرو آهي اسانجي تهذيب ، تمدن ، ٻولي ۽ ريتون رسمون اسانجو قيمتي سرمايو آهن . ائين نٿئي جو اچڻ وقت ۾ تاريخ دفن ٿي وڃي ته اسان جو ايندڙ نصل صرف ڪتاب ۾ ئي سنڌ ۽۽ سندين جي تاريخ پڙھندو رھجي وڃي  ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي ۽ ثقافت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *