سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جون نه وسندڙ ڳالهيون؛ع. ف عباسي

شهيد بشير خان قريشي جي گهڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ وڏي دل جي ضرورت آهي.ڇاڪاڻ ته هو ڪمال جو سياسي ورڪر،ڪارڪن اڳواڻ هو.ان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ مخالفن کي به مجبور ڪندا رهيا، اهي ڀلي جو ڪٽر سياسي مخالف هجن پر ان جي سنڌ سان اڏول محبت کي دل سان مڃيندا هئا.شهيد بشير خان قريشي هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ سياسي ورڪر ڪارڪن اڳواڻ هو.جنهن سڀ کان پهريان سنڌ جي عظيم قومپرست تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي تحريڪ جي اسٽوڊنٽ ونگ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه ٽنڊوڄام يونيورسٽي کان اڳتي هلي.هن سنڌ جي سچي عاشق ۽ سائين جي ايم سيد جي فرمانبردار ڪارڪن ورڪر ڪيترا ئي  سنڌ جي سياست ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا جو ڏسندڙ حيران ٿيڻ لڳا ته هي جساف ۽ پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) سنڌ جي گهر گهر ۾ ايئن ڇائنجي وئي جو هر ٻئي ماڻهو محسوس ڪيو ته انهيءَ ۾ سڀ کان وڏي قرباني انهيءَ سنڌ جي ارڏي، بي باڪ،بهادر۽ اڏول قومي ورڪر اڳواڻ بشير خان قريشي جي محنتن ۽ سنڌ سان سچي عشق جي نتيجي ۾ ان سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلن تي پنهنجي جدوجهد ڪري ڏيکاري.هو عدم تشدد جو قائل هو.هو صوفي ازم جي تعليمات جو سچو پيروڪار هو. انهيءَمرد مجاهد جا تاريخي سنڌ امڙ لاءِ ڌرڻا،احتجاجي مارچ ۽ سنڌ پنجاب جي رستن تي روڊ بلاڪ ڪرڻ وارا عمل سنڌ سان محبت ڪندڙ لکين سنڌين جي اندرنئون اتساهه پيدا ڪندا آهن. جنهن لاءِ عام طرح اهو چيو ويندو هو ته جيئي سنڌ وارا ڇوڪرا رڳو ڪاليجي شاگردن واري سياست ڪندڙ آهن. انهيءَ ڳالهه کي سنڌ جي هن بهادر پٽ بشير خان قريشي پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان واهڻ وستي،نگر نگر، هر جاءِ تي پهچائڻ ۾ اهڙو ته ڪامياب ويو جو سنڌ جي غدارن جي اک ۾ ڪنڊو ٿيڻ لڳو، جنهن کان پوءِ هن سنڌ جي ارڏي پٽ مٿان هڪ نه پر الائي ڪيترا ئي ڀيرا دهشتگردن جي هٿان حملا به ڪرايا ويا.

ڪراچيءَ جي روڊن رستن کان ويندي ڪراچي يونيورسٽي تائين ان جي مٿان حملا ٿيا پر هي هر وقت الرٽ ۽ هو پنهنجن توڙي ٻين سنڌ جي جوانن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻندو هو. انهيءَ انهن سنڌ جي غدارن حملي آورن کي هٿيارن سوڌو گرفتار ڪري انهن جي هٿان ڪارڊ،سڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ حڪومت کي اهي دهشتگرد ڏنا ويا پر انهن کي ڪا به سزا نه آئي۽ انهن مٿان ڪو به ڪيس نه هليو.جڏهن ته شهيد جي هر سنڌ جي غدار مٿان نظر هوندي هئي. هو هڪ اهڙو ته بهادر ۽ انمول سنڌ جو هيرو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.هن سنڌ جي اندر ذاتين،برادرين،قبائلي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻندي مختلف برادرين،ذاتين جي چڱن مڙسن وٽ  ميڙ منٿ قافلا ڪري لنگهي ويو جنهن تي هن مانجهي مڙس کي زبردست موٽ به ملي ۽ ڪيترين ذاتين برادرين جا خوني تڪرار سالن جا جهيڙا ختم ٿيڻ لڳا.انهن ماڻهن جسقم جي قيادت محترم بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،ساگر حنيف بڙدي،امجد مهيسر، چاچو محمد راهمون،حبيب ڀٽو،سيد منير حيدر شاهه ۽ ٻين کي انهيءَ سلسلي ۾ وڏي موٽ ملڻ کان پوءِ ڪن وڏيرن به مڃيو ته اسان اهڙي عمل تي جسقم جي تاريخ ساز عمل تي انهن جي ڪوششن تي شاباس ڏيڻ کانسواءِ نٿا رهي سگهون. پوءِ ته هر ٻئي شهر ۾ وڃڻ سان سنڌ جي هن بهادر پٽ کي مختلف ذاتين جي ننڍن وڏن تڪرارن جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ گهڻين ئي برادرين جي نيڪ مردن به درخواستون ۽ اپيلون ڪيون ته اسان جي برادري ۾ به سالن کان ٿيندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ اسان جي ڳوٺ ۾ اچي مسئلي کي کير کنڊ ڪرڻ لاءِ تاريخ ڏيو ۽ اهڙي طرح گهڻي انگ ۾ تڪرار ختم ٿيڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته سنڌ اڳ ۾ ئي ڪيترن مسئلن جو شڪار آهي ويتر ننڍن ننڍن جهيڙن تڪرارن جو بار سنڌ نٿي کڻي سگهي. شهيد بشير خان قريشي جا سنڌ امڙ لاءِ وڏا وڏا تاريخي قدم آهن پر هن مانجهي مڙس جيڪي ڪراچي جي اندر ٻه تاريخي لکين سنڌي عوام جا  سنڌ جي آجپي لاءِ ڌرڻا مارچ ڪيا، انهيءَ کانپوءِ سنڌ جي ويرين جا منهن ڪارا ٿيڻ لڳا.ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جي ڀرپور موٽ هئي.هر هڪ مڪتب فڪر واري جي ڪراچي جي تبت سينٽر وٽ لکين ماڻهن جي اچڻ سان ثابت ٿيڻ لڳو ته سنڌ جو عوام سنڌ جي ايشو تي شهيد بشير خان قريشي سان متفق آهي.سنڌ جي وحدت تي وار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ته اسان سان هر معاملي ۾ ٻه اکيائي پئي ٿئي.اسان جا وسئلا،اسان جي پيداوار معدني ذخيرا ٻين جي استعمال ٿيڻ لڳاته پوءِ سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي، غربت، مفلسي، تنگدستي، خودڪشين،لاواثي جي احساس ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ئي رستو محفوظ سمجهڻ لڳا.ته سائين جي ايم سيد جي ٻڌايل واٽ تي ئي سنڌ جي مسئلن کان ڇوٽڪارو ۽ آجپو سمايل آهي.بشير خان قريشي جي هر عمل مان سنڌ جي محبت جا منظر نمايان ۽ نظر ايندا هئا.اڄ انهيءَ سنڌ جي سچي عاشق بشير خان قريشي جي ٽين ورسي آهي پر افسوس جو انهيءَ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي هن وقت تائين وائکو نه ڪيو ويو آهي. ايڏي وڏي پائي جي قومي اڳواڻ جي موت جي تحقيقات نه ٿيڻ سنڌ سان سراسر زيادتي آهي.سنڌ چاهي ٿي ته هن قومي اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پڌرو ڪيو وڃي.جيئن سنڌ سان انصاف ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *