سنڌ جو ڊسمبر؛منظور شيخ، لاڙڪاڻو

ڊسمبر جو مهينو سڄي سنڌ ۾ سخت سِيءَ/ ٿڌ جي حوالي سان ضرور ياد ڪيو ويندو آهي پر ڪجھه ويجهن سالن کان ڊسمبر مهيني ۾ سخت سِيءَ ته ڪو نه ٿو پوي پر سنڌ ۾ وڇوڙن جي حوالي سان ضرور ياد ڪيو ويندو.

ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، اديبن، دانشورن، راڳين، قومي ڪارڪنن جي وڇوڙن سان جهڙوڪ سڄو سارو مهينو ڀريو پيو آهي.

هن ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ ۽ هند جي مهان ڪَوي شيخ اياز جو وڇوڙو، سنڌ جي قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي نياڻي، ڊاڪٽر درشهوار سيد جو المناڪ وڇوڙو،سنڌ جي قومي فنڪار سرمد سنڌي جو وڇوڙو، “سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان”، جهڙيون شاهڪار سٽون سرجندڙ سنڌ جي خوب صورت شاعر تاجل بيوس جو وڇوڙو. ملڪ جي مشهور جھموريت پسند اڳواڻ بينظير ڀٽو جو بي وفائتو وڇوڙو،اهي سڀئي شخصتيون سنڌ لاءِ جا کوڙيندڙ ۽ لوچيندڙ هيون ۽ سنڌ وطن لاءِ سندن ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري ڪونه سگهبو.

تازو هن سال 2014 جو ڊسمبر به پنهنجي روايت ورجائيندي هڪ دفعو وري سنڌ کي نوان وڇوڙا ڏئي سنڌ ماءُ سان محبتون ڪندڙ شخصيتون کسِي ورتيون آهن، تازو رياست طرفان ڊسمبر مهيني ۾ قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ته ٻئي پاسي هٿيارن بندَن هٿيان سنڌ جي مذهبي قومي پرست اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي شهيد ڪيو ويو، اڃا سنڌي قوم هڪ ٻئي سان ڏک ونڊڻ ۾ مصروف هئي ته وري ڊسمبر جي نئين هفتي ۾ هند ۽ سنڌ جي وڏي شخصيت ”موئن جي دڙي جو ماڻهو” سان مشهور اديب، دانشور سياستدان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي هن فاني جهان مان لاڏائو ڪري وڃي مالڪ حقيقتي سان مليو، ۽ ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ ساهتي پرڳڻي جي انتهائي معتبر ليکڪ ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا دهلي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

تازو سنڌ ۾ نون صوين واري سازش خلاف، آڪٽوبر ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان ”سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس“ ڪوٽائي وئي، ان سلسليءَ ۾ آءُ دعوت ناموڏيڻ لاءِ JUI اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو وٽ ويس، ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب سان ڪافي ڪچهري ٿي ۽ ڪانفرنسَ ۾ شرڪت جي حامي ڀري. ان ملاقات ۾ مونکي ڊاڪٽر صاحب مذهبي حوالي سان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون سڪون لاهي رهيو هيو ۽ مقرر ٿيل تاريخ تي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي،

جنهن ۾ سنڌ جا قومي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه سميت سنڌ بچايو ڪاميٽي جا سڀئي مرڪزي اڳواڻ موجود هئا انهي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو قوميت جو چٽو موقف رکندي چيو ته سنڌ ماءُ آهي، ان جو ورهاڱو مذهبي، سياسي جاگرافي طور غير يقيني آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ورهاڱو برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ جي قومي ڪارڪنن سان مذهبي دانشور به گڏ گڏ هوندا. سچ پچ ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جي رواداري نڀائيندي سنڌ ۾ مذهبي ۽ قومي سوچ رکندڙن ۾ هڪ پلِ جو ڪردار ادا ڪيو، هر موڙ تي پوءِ اهو سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي يا وري سنڌ ۾ گهر/ آدم شماري جو مسئلو هجي يا سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام واري جهدوجهد هجي ان ۾ شاندار نموني حصو وٺي سنڌ ۾ هڪ نئين سڃاڻپ “مذهبي قوم پرست اڳواڻ ” طور پيدا ڪئي. ڊسمبر جي آخر ۾ ننڍي کنڊ جي اصول پسند اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو وڇوڙو سنڌ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪيو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجڻ ڏکيو آهي. سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد ڪيو ويندو.

سچ پچ ته ڊسمبر جو مهينو سنڌ جي تاريخ ۾ اڀاڳو مهينو آهي ۽ هر سال ايندڙ ڊسمبر نوان وڇوڙا ڏيندو رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *