سنڌ ۾ جڏهن ڪنهن ڌار صوبي، نئين صوبي يا نوان يونٽ ٺاهڻ جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان کي سنڌي ماڻهو ٻن طريقن سان ڏسندا آهن. هڪ سنڌ ڌرتيءَ سان سندن جذباتي ۽ فطرتي وابستگي ۽ ٻيو تاريخي حقيقتن ۽ دليلن جي بنياد تي. پاڻ هن نئين بحث ۾ ڪوشش ڪنداسين ته تاريخ ۽ دليل جي بنياد تي اهو ثابت ڪريون ته سنڌ جو ورهاڱو نه ٿو ٿي سگهي. نه سنڌ ۾ ڪو نئون صوبو ٺهي سگهي ٿو ۽ نه قانوني طور تي سنڌ ۾ ڪو الڳ يونٽ ٺهي سگهي ٿو. ملڪ ۾ قانوني طور نوان صوبا ٺاهڻ بابت مون ان ڏينهن بئريسٽر ضمير گهمرو جي تقرير ٻڌي، ان ۾ هُن قانوني طور تي اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان جي آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڪا به گنجائش ڪانهي. ان ڪري نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ پهرين 1973ع جي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. ضمير گهمرو تنهن ڏينهن ڪراچيءَ ۾ شاهه اويس نورانيءَ جي گهر تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪري رهيو هو. شاهه اويس نوراني ڪراچيءَ جي ناليواري عالم مولانا شاهه احمد نورانيءَ جو فرزند آهي. سني فرقي جو ناليوارو عالم مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم سڄي حياتي ڪراچيءَ ۾ لساني سياست جي مخالفت ڪندو رهيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهڙا هزارين اردو ڳالهائيندڙ آهن جيڪي کُليل نموني سنڌ ۾ نسلي سياست جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. اڄ به اهڙا هزارين اردو ڳالهائيندڙ پڙهيا لکيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لساني ۽ نسلي سياست کي وڏي بيماري ۽ خطرو سمجهن ٿا.
قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي جي ڪوششن سان ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ان حساب سان ڏاڍي لاڀائتي ثابت ٿي جو ان ۾ ڪيترن ئي اردو ڳالهائيندڙن اچي سنڌ جي ورهاڱي جي تصور کي رد ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ اردو، سنڌي، بلوچ ۽ پشتون سياسي اڳواڻن جي شرڪت جو سٺو پيغام ويو. ان کانپوءِ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٽي تلوار وٽ سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن، فنڪارن، سول سوسائٽي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي مان ماڻهن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي سوچ کي رد ڪيو. سنڌي رائيٽرز اينڊ ٿنڪرز فورم جي هن مظاهري ۾ خورشيد شاهه سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ پڻ اچڻا هئا پر بعد ۾ خبر پئي ته کين شريڪ ٿيڻ کان روڪيو ويو هو پر ٿلهي ليکي ان مظاهري جو ڏاڍو سٺو تاثر قائم ٿيو. اردو ميڊيا روايتي تعصب جو مظاهرو ڪندي هنن ٻنهي پروگرامن کي اهميت ڪا نه ڏني. ان کانسواءِ سنڌ اسيمبليءَ به ان ڏينهن سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد منظور ڪري پنهنجو فرض پورو ڪيو پر اها قرارداد به ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڌرڻن ۾ لڙهي وئي. هي ته هئا ڪجهه ردعمل ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد بابت پڻ بئريسٽر ضمير گهمرو چوي ٿو ته اها قرارداد آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي. قرارداد کي تبديل ڪيو وڃي. سنڌ جي ورهاڱي جي سوچ خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران هڙتال ڪرائي وئي. سنڌ بچايو ڪميٽيءَ مزاحمت جو اعلان ڪيو. هي هڪ مظهر آهي سنڌ ۾ ورهاڱي جي سوچ خلاف سنڌي ماڻهن جو، پر ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين چوي ٿو ته هو سنڌ جو ورهاڱو نه ٿو چاهي پر نوان يونٽ يا نئون صوبو ٿو چاهي. مون جڏهن نئين يونٽ جي ڳالهه ٻڌي ته منهنجي ذهن ۾ ”ون يونٽ“ جو خيال آيو. ان ڪري ون يونٽ جي تاريخ پڙهڻ جو خيال آيو. اها به سوچ ذهن ۾ اڀري ٿي ته ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ ڇا ڇا ٿيو. ون يونٽ ته نيٺ ختم ٿيو پر ان مان هڪڙو يونٽ (اولهه پاڪستان) هليو ويو.
تاريخي حقيقتون:-
پاڪستان جي بنگالي وزيراعظم محمد علي بوگره 22 هين نومبر 1954ع تي ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. يعني ملڪ جا صوبا ختم ڪيا ويا. چئن صوبن تي ٻڌل هاڻوڪي پاڪستان کي الڳ يونٽ ۽ تڏهوڪي بنگال صوبي کي الڳ يونٽ قرار ڏنو ويو. اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جو تصور ڏنو ويو. چئن صوبن کي ون يونٽ ڏيڻ سبب ملڪ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ جي حيثيت ختم ڪري ملڪ جي گاديءَ کي راولپنڊي منتقل ڪيو ويو. سنڌ جو هاڻوڪو گورنر هائوس تڏهوڪو ايوان صدر آهي. گورنر هائوس جي روڊ جو سرڪاري نالو اڄ به ايوان صدر روڊ آهي پر سنڌ جي راڄڌاني جي حيثيت 1957ع ۾ ختم ٿي، ان کانپوءِ محمد علي بوگره پاڻ به ڪو نه رهي سگهيو. 1958ع ۾ ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا مارشل لا جو اعلان ڪيو ۽ فوج جي سربراهه جنرل ايوب مارشل لا کانپوءِ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. جنرل ايوب 1958ع ۾ ملڪ جي راڄڌانيءَ کي راولپنڊي کڻي ويو. جنرل ايوب جي سڄي دور ۾ سنڌ اندر ون يونٽ خلاف تحريڪ جاري رهي. 1958ع تي لڳل پهرين مارشل لا درحقيقت ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪرڻ شروع ڪيون. ڇو ته پاڪستان جي عمر اڃا مشڪل سان 11 سال هئي جو 27 هين آڪٽوبر 1958ع تي مارشل لا لڳي. سنڌ ۾ اينٽي ون يونٽ تحريڪ هڪ منظم سياسي تحريڪ هئي، جنهن جي شروعات ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي هٽائڻ سان ٿي پر اها تحريڪ ان وقت تائين جاري رهي، جيستائين ون يونٽ ختم نه ٿيو. سنڌي شاگردن جي چار مارچ جي تحريڪ جي نالي سان سڃاپجندڙ هن تحريڪ ۾ يوسف ٽالپر، ڄام ساقي، يوسف لغاري سميت ڪيترائي نالا آهن جن کي چار مارچ جي تحريڪ جو هيرو سمجهيو ويندو آهي. جنرل ايوب جي مارشل لا جي خاتمي تائين اها تحريڪ جاري رهي ۽ نيٺ جنرل يحيٰ خان 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪري 1947ع وارا پراڻا صوبا بحال ڪيا. صوبا ته بحال ٿيا پر ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ئي رهيو. گاديءَ جو شهر اسلام آباد مان ڪراچي منتقل نه ٿي سگهيون. مون کي مرحوم پير پاڳاري جون پريس ڪانفرنسون ياد آهن. هو پنهنجي آخري ڏهاڙن تائين اهو چوندو رهيو ته سنڌ کي ملڪ جي گادي واپس ڏيو. هو چوندو هو ته ڪراچيءَ ۾ ايڏا مسئلا تڏهن کان شروع ٿيا جڏهن ڪراچيءَ جي راڄڌاني واري حيثيت ختم ٿي. سنڌ کي واپس گاديءَ جي حيثيت نه ملي. جنرل ايوب جي زماني کان سنڌ ۾ پٺاڻن جون آباد ڪرايل ڪالونيون وڌنديون رهيون. ڪراچيءَ ۾ جنرل ايوب جي پٽ گوهر ايوب باقاعده پٺاڻن کي وٺي آڻي آباد ڪيو. ڪراچي ۾ پٺاڻن جي آباديءَ سبب اترين علائقن مان به پٺاڻ ايندا رهيا ۽ جنرل ضياءَ دور ۾ انهن پٺاڻن جي هجڻ سبب افغانستان جي جنگ ۾ ڀڄي آيل افغان پناهگيرن کي سنڌ جو رستو مليو. جو ڪراچيءَ ۾ لکين افغان پناهگير آهن. ٽن نسلن کانپوءِ هاڻي اُهي افغاني به ڪراچيءَ جا شهري بڻجي چڪا آهن. ڪراچيءَ جي آبادي غير متوازن ٿي وئي. 1947ع ۾ مهاجرن جي آبادڪاريءَ سبب سنڌين جي هٿن مان نڪري ويل ڪراچي هاڻي اصل ۾ مهاجرن جي هٿن مان پڻ نڪري رهي آهي. ان ڪري ڪراچيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو نعرو لڳو آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ ته ختم ٿيو پر اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جو تصور ختم ڪو نه ٿيو. اولهه پاڪستان ۾ اوڀر پاڪستان خلاف بغاوت جي لهر جاري رهي، جنهن جو نتيجو 1971ع جي چونڊن ۾ ظاهر ٿيو ته عوامي ليگ جي شيخ مجيب الرحمان چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي پر پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اقتدار سندس حوالي ڪرڻ بدران سندس خلاف آپريشن جاري رکيو. نيٺ اولهه پاڪستان ڌار ٿي ويو. بنگلاديش ٺهي ويو. اهو نتيجو نڪتو ”ون يونٽ“ لاڳو ڪرڻ جو.
اڄ به جڏهن نون يونٽن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته انتظامي يونٽ ته ون يونٽ به هو. ان ون يونٽ 16 سالن کانپوءِ پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهڙي سوچ جو هاڻي مطلب ڇا آهي پر ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ٺهڻ کانپوءِ به اها سوچ جاري رهي. سنڌي ٻوليءَ جو بل جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ته ان کي ”لساني بل“ سڏيو ويو. اُردو ڪا جنازه، سڏيو ويو پر ذوالفقار علي ڀُٽي 1973ع جي آئين ۾ صوبن جي سرحدن کي تحفظ ڏنو. 1973ع جي آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڪا به شق موجود ناهي. ان جي باوجود سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي جو سياسي مقصد ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته کين خبر به آهي ته نئون صوبو نه ٿو ٺهي سگهي.